هڏن جون بيماريون ۔ ۔ڊاڪٽر سرجن الطاف حسين شيخ انساني جسم ۾ ڪيلشم جي کوٽ جي ڪري هڏيون ڪمزور ٿي وينديو ن آهن ٻارن ۾ ڪيلشم جي کوٽ ڪري اهي ننڍي ڄمار ۾ هڏين جي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويندا آهن. عورتن ۾”آرٿيو مليٿا“ جي بيماري ٿي پوندي آهي ان کان بچڻ لاءِ ٻارن جي پيدائش ۾ وقفو ڪرڻ گهرجي، جيئن هڏين کي ڪيلشم ٺاهڻ جو موقعو مليئ خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ مڇي ،بيضا ۽ ميوا کائڻ گهرجن خاص طور حمل دوران عورتن کي سٺي خوراڪ کائڻ گهرجي. پيري ۾ ”آسٽروآليسٽ“جي بيماري ٿي پوندي آهي جنهن سان سنڌن ۾ سوڄ ۽ گوڏن ۾ تڪليف ٿي پوندي آهي ان جو خاص سبب جسم جو وزن وڌي وڃڻ، ڏاڪڻيون چڙهڻ، اوڪڙون ويهڻ، سائيڪل يا ٻئي ڪا مشين هلائڻ آهي ان کان بچڻ لاٰ احتياطي طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن. جيئن وزن کي وچولو رکجي، ڏاڪڻ چڙهڻ ۽ لهڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڪموڊ استعمال ڪرڻ گهرجي، تڪليف جي صورت ۾ ڪرسي تي ويهي نماز پڙهڻ گهرجي ۽ تڪليف ٿيڻ جي صورت ۾ هڪدم هڏين جي ماهر ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي،جسم جي ڪابه هڏي ٽٽي پئي ته ڪنڀارن ۽ پهلوانن کان مالش هرگز نه ڪرائڻ گهرجي. ڀڳل هڏي کي سڪون ڏيڻ گهرجي. آسٽرو پروسس نالي بيماري کي هڏين جو پرڀرو پن چوندا آهن، اها عام طور تي عورتن کي 60 سالن جي ڄمار ۾ ٿيندي آهي ۽ مردن ۾ 70 سالن جي ڄمار۾ ٿيندي آهي، اها فطري بيماري آهي جنهن کان هر عورت ۽ مرد متاثر ٿي ٿو. اڪثر ماڻهو هڏي ڀڄي پوڻ تي ڪاٺيون رکي زور سان پٽي ٻڌندا آهن. ائين نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته زور سان پٽي ٻڌڻ سان سڄل رڳن تي دٻاءُ پوندو ۽ هٿ يا ٽنگ کي رت جي فراهمي بند ٿي ويندي ائين اهو ڪارو ٿي ويندو. اهڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽرن سان مشورو ڪرڻ گهرجي اسپتالن ۾ هڏين جا ڊاڪٽر موجود هوندا آهن.حيدرآباد سول اسپتال ۾ هڏين جو شعبو 24 ڪلاڪ کليل آهي جتي هر وقت ڊاڪٽر موجود هوندا آهن.ڊاڪٽرن کي پنهنجي مريضن کي”ڪارٽيزون“جو ڊوز انجيڪشن توڙي گوري جي صورت ۾ نه ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ڪارٽيزون جو لڳاتار استعمال هڏين ۾ رت جي فراهمي کي روڪي ڇڏي ٿو جنهن جي ڪري نقصان پهچي ٿو ۽ بيلڊ پريشر وڌي ٿو. شگر جو عارضو ٿي پوي ٿو ۽ ڪوبه زخم ٺيڪ نٿو ٿي سگهي.مطلب ته سڄي جسم تي ان جو اثر ٿئي ٿو اهڙي صورتحال ۾ وڏي توڙي ننڍي ڄمار جي ماڻهن لاءِ به خطرناڪ آهي.ٻيو ته سور جون گوريون خالي پيٽ نه کائجن انهي سان به نقصان پهچي سگهي ٿو. معدي تي اثر پئجي سگهي ٿو. چيلهه جو سور اڄڪلهه عام آهي جنهن جو ڪارڻ ويهڻ جي عادت، وزن کڻڻ، جهڪي ڪم ڪرڻ ۽ ٻيا ڪارڻ آهن انهي جو ڪنهن به صورت ۾ پهلوانن کان علاج نه ڪرائڻ گهرجي هڏين جي ماهر ڊاڪٽرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي. ڇو ته انهي سور جا ڪيترائي ٻيا ڪارڻ به ٿي سگهن ٿا. عورتن ۾ حمل دوران هارمون بند ٿي ويندا آهن ايسٽروجني پروجسڊان جي ڪمي جي ڪري هارمون جي ڪمي ٿي پوندي آهي ڪن کي 55 سالن جي ڄمار ۾ ڪن کي دير سان اهڙي شڪايت ٿيندي آهي ان ڪري خوراڪ جو خاص خيال رکڻ گهرجي. اُس ۾ رهڻ گهرجي ۽ وٽامن ڊي جو استعمال ڪرڻ گهرجي.ڊاڪٽرن سان مشورو ڪرڻ گهرجي، ڇو جو ان دوران فريڪچر جو خطرو هوندو آهي ۽ ان سان ٻانهن جي ڪرائي وڌيڪ متاثر ٿيندي آهي ۽ ٿوري ڌڪ لڳڻ سان فريڪچر ٿي پوندو آهي.شگر جي صورت ۾ ماڻهن کي پيرن اگهاڙو نه هلڻ گهرجي چهري جي به حفاطت ڪرڻ گهرجي، شگر تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. سگريٽ به صحت لاءِ هاڃيڪار آهي سگريٽ ڇڪڻ سان رت جون ناليون سوڙيون ٿي پونديون آهن جنهن سان رت بند ٿي ويندو آهي مطلب ته سگريٽ پيئڻ وارن جون رڳون سسي پونديون آهن، بيمارين کان بچڻ جو واحد طريقو احتياط ڪرڻ آهي ۽ احتياط ئي ڪيترن ئي بيمارين جو علاج آهي بشڪريه عبرت