• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا۔ ڀرين پير ابتا

جواب: ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا۔ ڀرين پير ابتا

ادا همانگير، سنڌ جي بزرگ ۽ شاعر روحل فقير جو تمام سهڻو بيت ونڊ ڪيو اٿوَ، هي بيت سائين محترم جي ايم سيد تمام گهڻا دفعا ورجائيندو هو ۔۔۔ هن بيت ۾ مذهبي فرقن سبب هڪٻئي سان نفرت ڪرڻ واري رويي جي مخالفت ڪئي وئي آهي ۽ صوفي طريقي جي تشريح ڪئي وئي آهي ۔۔۔

دين دليلن سان هوندو آهي نه ڪي دڙڪن ۽ داٻن سان ۽ هڪٻئي کي قتل ڪرڻ سان ۔۔۔ ان رويي کي ڀرپور ۽ آسان لفظن سان ننديو ويو آهي ۔۔۔

دوست همانگير! اوهانجي ڏنل بيت ۾ ڪجهه اوڻايون رهجي ويون آهن، (منهنجي خيال ۾)

1۔ پهرين سٽ ۾ بيت جي مناسبت سان آخر ۾ هجڻ کپي ها ۔۔

ٿا ڀرين ابتو پير ۔۔۔

۽ سٽ چوٿينءَ ۾ گهيڙ جي جاءِ تي گهير اچي ته بيت سان وڌيڪ مناسبت رکندو۔ ڇاڪاڻ هن بيت جو وزن هنن لفظن تي آهي؛
پيرُ
ويرُ
ڪيرُ
گهيرُ
ڦيرُ
پيرُ

2۔ سڀني سٽن ۾ ڪاما شروع ۾ آئي آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اوهان ڪاپي پيسٽ ڪيو آهي ۽ انجي اصلاح نه ڪئي آهي۔

3۔ فقير جو نالو رحل نه پر روحل فقير آهي۔

4۔ بيت جي الائٽمنٽ پوري ڪيو ها ته اڃان سهڻو لڳي ها۔

باقي اوهانجي چترڪاري ۽ بيت جي چونڊ تمام سهڻي آهي ۔۔۔ وڌيڪ سائين نثار ناز وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي ڪري ته هوند سٺو ۔۔۔

****
منهنجي خيال ۾ بيت هينئن هجڻ کپي ۔۔۔ مونکي گهڻو عرصو ٿيو ان بيت کي پڙهندي ۔۔۔

ڪــــــفر ۽ اســــــلام ۾، ٿـــــــا ڀريــــن ابتــــــو پيـــرُ،
هڪ هندو، ٻيا مسلمان، ٽيـــون وچ وڌائون ويـــرُ،
انـــــڌن اونــدهه نه لـــهي، تن کي سچ چوندو ڪيرُ،
روحل! راهه پرينءَ جي، گهمــــي ڏٺـــوسيـــن گهيــرُ،
ته رب مڙنــي ۾ هيـــڪڙو، تنهن ۾ ڦنـــد نه ڦيــــرُ،
سا ڪاڏي ڪندي پيرُ، جا ستي ڪعبت الله ۾۔
 
الحمدلله اسان جي هن اڱڻ ۾ اوهان جهڙن دوستن ڪري مضمونن ۾ وقت سر اصلاح ٿيندي رهي ٿي جيڪو يقينن فائدي مند ڳالھ آهي۔ ادا تمام گهرائي سان اوهان جو مضمون پڙهن لائق داد آهي ۔ هن تي اوهان کيرون لهو
باقي مضمون ۾ جيڪي اوڻايون ٿي وڃن ته پوء ٽيڪا ٽپڻي ۾ ڪو حرج ڪونهي۔ مهرباني اوهان جي
 
Back
Top