بڻجي آءُ بهار تون، (زاهد شيخ)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
بڻجي آءُ بهار تون
بَرَ ۾ بيٺل مان،اُجڙيل وڻ آهيان
بڻجي آءُ بهار تون
جيءَ ۾ جيئڻ جيترو،آهي دم اڃان
بڻجي آءُ بهار تون
تنهنجي مرڪن سان ملي،مهڪڻ ٿو چاهيان
بڻجي آءُ بهار تون
جيڪو جيون آ بچيو،جيئڻو آ توسان
بڻجي آءُ بهار تون
توسان منهنجا ٽهڪڙا،تنها ڪيئن مرڪان
بڻجي آءُ بهار تون
زاهد شيخ


34fi6tz.jpg
 
جواب: بڻجي آءُ بهار تون، (زاهد شيخ)

ادا عاشق بهترين چونڊ ۽ ان کان به بهترين توهان جي چترڪاري

توسان منهنجا ٽهڪڙا،تنها ڪيئن مرڪان
بڻجي آءُ بهار تون
 
جواب: بڻجي آءُ بهار تون، (زاهد شيخ)

عاشقن جي چونڊ‌ سدائين زبردست هوندي آهي ۽ ان کان به زبردست وري ڊزائين۔۔۔
واهه واهه عاشق مجبور۔۔۔
 
Back
Top