پرڏيهه ۾ سنڌ تي ٿيندڙ تحقيق تحرير : منوج ڪمار [JUSTIFY]گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ جي حوالي سان مغربي ملڪن جي مختلف عالمن جي ڪيل تحقيقي ڪم جو هڪڙو نئون سلسلو شروع ٿيو آهي، جنهن جو اسان وٽ اڃان چـڱي طرح جائزو ورتو نه ويو آهي. اسان جي عام پڙهندڙن کي ته ڇڏيو، پر تحقيق جي شعبي سان وابسته ڪافي ماڻهن کي به خبر ناهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌ جي حوالي سان ڪهڙي نئين تحقيق ٿي رهي آهي. پرڏيهي يونيورسٽين ۽ پرڏيهي عالمن پاران ٿيندڙ انهي انتهائي اهم ڪم جو جائزو وٺڻ تمام ضروري آهي، جو ان سان اسان وٽ تحقيقي ڪم ڪندڙن کي خبر پوندي ته سنڌ جي حوالي سان ڪهڙو تحقيقي مواد موجود آهي، جنهن کي اهي پنهنجي تحقيق ۾ به استعمال ڪري سگهن ٿا. ٻيو وري اهو ته انهي تحقيق مان جيڪي نوان نتيجا ڪڍيا ويا آهن يا ان تحقيق ۾ جن نون رخن تي روشني وڌي ويئي آهي، تن بابت ڄاڻ وسيلي اسانکي پنهنجي تواريخ، سماج، سياست ۽ ثقافت کي هڪ نئين طريقي سان سمجهڻ ۾ مدد ملندي. ان کانسواءِ ٻاهرين ملڪن ۾ ٿيندڙ انهي تحقيق ذريعي اسان جي محققن کي ان سموري مواد تائين به اڻسڌي طرح پهچ حاصل ٿي پوندي، جنهن تائين سڌي ريت پهچ جا وٽن وسيلا ناهن. اهو مواد ڏاڍو ڦهليل آهي. مثال طور برٽش لائبرَرِي جي اورِئينٽل ۽ انڊيا آفيس ڪليڪشن ۾ سنڌ جي حوالي سان تمام گهڻو مواد موجود آهي، جنهن مان سنڌ جا گهڻا محقق فائدو ناهن وٺي سگهيا. ان کانسواءِ لنڊن ۾ ئي انسٽيٽوٽ آف اسماعيلي اسٽڊي ۾ به سنڌ جي اوائلي تواريخ بابت ڪافي مواد ۽ قلمي مسودا آهن، جن تائين پڻ اسان جا ڪافي محقق پهچي نه سگهيا آهن. لنڊن ۾ ئي برٽش وار ميوزم ۽ پبلڪ رڪارڊز آفيس به آهي، پر اها به نظرانداز ٿيندي رهي آهي، حالانڪه اتي به سنڌ جي حوالي سان برطانوي پاليسين متعلق ڳچ مواد پيل آهي. آمريڪا ۾ لائبرَرِي آف ڪانگريس ۾ تمام گهڻا سنڌي ڪتاب ۽ اهم دستاويزن جون ڪاپيون موجود آهن، جن تائين پهچ شايد برطانيا ۾ موجود مواد تائين پهچ جي ڀيٽ ۾ سولي به هوندي، پر اهي اڃان تائين صحيح معنيٰ ۾ استعمال ٿي نه سگهيا آهن. نه رڳو آمريڪا، پر يورپ جي ڪافي ملڪن، خاص طور فرانس ۽ جرمني جي لائبرَريز ۽ آرڪائيوز ۾ به اهڙو کوڙ مواد آهي جنهن سان سنڌ جي تواريخ جا نوان رخ اڳيان اچي سگهن ٿا، پر اهو سڀ ڪجهه اسانجي محققن جي پهچ کان پري آهي. اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ ڪافي وقت بامبي پريزِڊنسي جو حصو رهي آهي. انهيءَ دور جو گهڻو مواد مهاراشٽرا اسٽيٽ آرڪائيوز، ممبئي ۾ به موجود آهي، جنهن تي تمام گهٽ محققن جي نظر آهي. برطانوي دور جو ڪجهه مواد دهلي ۽ ڪلڪتي م پڻ آهي، پر اسان جي سنڌي محققن وٽ شايد اهڙا وسيلا نه هجن جو ان تائين پهچي سگهن. جڏهن ته حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته ڪراچي ۾ موجود سنڌ آرڪائيوز ۾ موجود تمام قيمتي ۽ اهم مواد مان به اسان جا محقق فائدو نه ٿا وٺن. منهنجو خيال آهي ته انهن پرڏيهي عالمن جي ڪم جي ان ڪري به اهميت آهي جو ڪڏهن ڪڏهن اهي اڻڌريا محقق ٻاهران بيهي انهن شين کي هڪڙي جذباتيت کان آجي ۽ سائنسي طريقي سان ڏسي سگهندا آهن، جن تي اسان جذباتي لڳاءُ سبب صحيح راءِ ڏئي نه سگهندا آهيون. انهن نون پرڏيهي عالمن جو ڪم اڳي ٿيل پرڏيهي عالمن ۽ آفيسرن جي ڪم کان ڪافي مختلف به آهي. اڳي به سنڌ تي سڪندر مقودوني سان گڏ آيل تواريخدانن ۽ برطانوي راڄ جي فوجي آفيسرن، سرڪاري اهلڪارن ۽ عالمن جو ڪافي ڪم ٿيل آهي. اهو ڪم ڪافي بنيادي به آهي، ته دلچسپ به، پر انهي تحقيق يا رپورٽن ۾ به ڪافي مسئلا پڻ آهن. هڪ ته انهي دور جو اهو ڪم اڻڌريو ناهي. خاص طور برطانوي سرڪار جي ماڻهن سنڌ تي رپورٽون لکڻ وقت پنهنجا فوجي، واپاري ۽ سياسي مفاد اڳيان رکيا هئا. سندن ڪيل ڪم تي وقت بوقت اعتراض به اٿندا رهيا آهن. ٻيو ته اهو ڪم سائنسي انداز سان ٿيل ناهي، ۽ ان ۾ ڌُڪا، ذاتي بغض ۽ ڪوڙا سچا واقعا ۽ افواهه به شامل آهن، جنهن جو سبب اُن وقت تواريخ لکڻ جو ڪو سائنسي طريقيڪار واضح هئڻ به آهي. ٽيون اهو ته ان ڪم کي هاڻي ڪافي وقت ٿي ويو آهي ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ به نون طريقن سان ٿيڻ گهرجي ۽ انهي وچ ۾ ڪافي ٻيو به ڪم ٿيو آهي، جنهن سان تواريخي مامرن کي بهتر طريقي سان ڏسي سگهجي ٿو. ان مان منهنجو مقصد بلڪل اهو ناهي ته اهو ڪم اهميت جوڳو ناهي. خاص طور سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي حوالي سان برطانوي آفيسرن ۽ عالمن جو ڪم اڄ به تمام گهڻي اهميت جو حامل آهي، پر سياسي، سماجي ۽ تواريخي تحقيق جي ڇنڊ ڇاڻ لازمي طور ٿيڻ گهرجي. هاڻ اچون ٿا ان ڳالهه ڏانهن ته اهو ڪهڙو ڪم آهي جيڪو پرڏيهي عالمن پاران ڪيو پيو وڃي. ظاهر آهي ته جيڪو تحقيقي ڪم هن وقت ٿي رهيو آهي، ان سموري جو ذڪر ته نه ٿو ڪري سگهجي، پر آئون چند ڪتابن جو ذڪر ضرور ڪندس، جيڪي منهنجي نظر ۾ ڪافي اهم آهن، ۽ جن جو سنڌيءَ ۾ هئڻ يا گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ادارن ۾ موجود هئڻ ضروري آهي. انهن مان ڪافي ڪتاب پاڪستان ۾ موجود به آهن. مثال طور البينا ايلس جو ڪتاب ”دي ايمپائرز آف انڊس.“ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جو لکيل انتهائي اهم ڪتاب، جنهن ذاتي طور سنڌو نديءَ جي ڇوڙ، کاري ڇاڻ کان وٺي ان جي شروعات، يعني تبت ۾ ڪيلاش پربت تائين سفر ڪري، سنڌوءَ ڪناري رهندڙ ماڻهن جي تواريخ، سياست، آرڪيالاجي، مذهبن، ۽ ڏند ڪٿائن بابت قلم جو ساراهه جوڳو استعمال ڪيو آهي. ساڳي طرح آڪسفورد يونيورسٽي پاران سنڌ جي حوالي سان ڪجهه انتهائي اهم ڪتاب ڇپرايا ويا آهن. انهن ۾ ”انٽرپريٽنگ دي سنڌي ورلڊ“ آهي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي عالمن پاران سنڌ جي حوالي سان ٿيل ڪم گڏ ڪري پيش ڪيو ويو آهي. انهي اداري پاران ”سنڌ ٿرو هسٽري اينڊ ريپريزنٽيشن“ به ڇپرايو ويو آهي، جنهن ۾ فرانسيسي ماهرن جي ڪم کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو آهي. ٻاهران ڇپيل ڪتابن ۾ ڊيرل ميڪملن جو ڪتاب ”رِلِيجن اينڊ سوسائٽي ِان عرب سنڌ“ هڪ اهم ڪتاب آهي. اسان وٽ ڪلاڊ مارڪوٽس جو ڪتاب ته سنڌي ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، پر سنڌي تارڪينِ وطن (Diaspora) جي حوالي سان هڪ انتهائي اهم ڪتاب هتي نه پهتو آهي. اهو ڪتاب مالٽا جي هڪ عالم مارڪ اينٿَني فيزلون جو ”ڪاسموپولٽين ڪنيڪشن“ آهي، جنهن ۾ 1860ع کان وٺي 2000ع تائين سڄي دنيا ۾ ڦهليل سنڌي تارڪينِ وطن ۽ خاص طور سنڌ ورڪين تي انتهائي شاندار ڪم ٿيل آهي. اهو ڪتاب آمريڪا شهر ۾ ڇپيو آهي. ان کانسواءِ ميٿيو ڪُڪ جي پي ايڇ ڊي ٿيسِز ”آفٽر انيڪسيشن“ به آهي، جنهن ۾ سنڌ تي انگريزن جي فتح تي ڪم ٿيل آهي. برطانوي دور ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جي حوالي سان هڪ انتهائي اهم ڪتاب ڊيوڊ چيزمين جو ”رورل پاور اينڊ انڊيٽنيس ان ڪَلونيل سنڌ“ آهي. هڪ ٻيو ڪتاب ڪِيٿ ايلن جونز جو ”پالٽڪس اِن سنڌ“ آهي، جنهن ۾ 1907ع کان وٺي 1940ع واري انتهائي اهم دور جي سياسي ماحول جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي هندن تي هڪ پي ايڇ دي ٿيسز، يونيورسٽي آف بامبي مان ٿيل آهي، جنهن جو عنوان آهي ” عامل ڪميونٽي آف حيدرآباد“. اهي فقط چند ڪتاب آهن. انهي کانسواءِ مختلف ٻين ڪتابن ۾ سنڌ جي حوالي سان ڪافي اهم باب آهن، جيڪي پڻ اسانجي محققن کي نظر ۾ رکڻ گهرجن. اميد ته انهن ڪتابن ذريعي سنڌ جي ڪجهه اهم ۽ لڪل رخن تي روشني پوندي.[/JUSTIFY] manojhalai@yahoo.com روزانه ڪاوش تان ورتل
جواب: پرڏيهه ۾ سنڌ تي ٿيندڙ تحقيق ادا واقعي ڪارائتي جاڻ آهي۔ هي معلوم ٿيڻ تي تمام گهڻي خوشي به ٿي جو اسان جي پياري ٻولي ۾ هيڏو وڏو مواد اسان جي بزرگن لکيو آهي ۔يقينن اها ڳالھ اسان لاء فخر جي لائق آهي۔ ادا قيمتي ونڊ لاء اوهان جا ٿورا
جواب: پرڏيهه ۾ سنڌ تي ٿيندڙ تحقيق ادا تمام سٺي ڄاڻ ڏني اٿو سنڌ تي ٻين ملڪن جا اسڪالر تحقيق پيا ڪن اها ته خوشي ء جي ڳالهه آهي۔ اسان وارن ڏاهن کي به الله شل هدايت ڏئي ته هو به ڪجهه سنڌ لاء تحقيق ڪن۔۔