ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ٽئين ورسي جون تياريون مڪمل، جلسو صدارتي هائوس
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نويد لاڙڪ۔۔۔۔۔۔عوامي آواز۔۔ ) قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بهادر نياڻي شهيد جمهوريت ۽ وادي مهراڻ جي راڻي شهيد بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر تي ملهائجندڙ ٽئين ورسي جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پيپلزپارٽي ورسي وارو جلسو صدارتي هائوس نئين ديري تي منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته قرآن خواني ۽ مشاعري واري تقريب ڳڙهي خدابخش ۾ منعقد ٿيندي. ان ڏس ۾ قانون جي صوبائي وزير محمد اياز سومري لاڙڪاڻي ۾ ورسي انتظامن بابت ڊي سي او، ڊي پي او ۽ ٻين انتظامي عملدارن توڙي پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 26 ڊسمبر تي پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس شام جو 6 وڳي پريزيڊنٽ هائوس نئين ديري ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين ۽ صدر ممڪلت آصف علي زرداري، وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سميت سي اي سي جا ميمبر شرڪت ڪندا. جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪرڻ سان گڏ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو. اياز سومري ٻڌايو ته شهيد راڻي جي ورسي وارين تقريبن جي شروعات ڳڙهي خدابخش ۾ 27 ڊسمبر تي صبح جو 9 وڳي قرآن خواني سان ٿيندي. جنهن جو بندوبست رتي ديري ۽ نئين ديرو جي پارٽي عهديدارن طرفان ڪيو ويو آهي. جنهن کانپوءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ لکين عقيدتمند شهيدن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهيندا، جڏهن ته خيرات ۽ لنگر سڄو ڏينهن جاري رهندو. صوبائي وزير ٻڌايو ته مشاعرو مزار اڳيان اسٽيج تي ٿيندو، جنهن دوران ملڪ جا مختلف ٻولين ۾ شاعر پنهنجي شاعري وسيلي شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا، جڏهن ته ورسي وارو جلسو منجهند 2 وڳي صدارتي هائوس نئين ديري ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پارٽي قيادت سان گڏ چئني صوبن جا پارٽي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ شرڪت ڪندا.شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت وقت 5 لڳي 10 منٽن تي جلسو پڄاڻي تي پهچندو، جنهن کانپوءِ محترمه جي زندگي تي ٺاهيل ڊاڪومينٽري فلم ڏيکاري ويندي. اياز سومري ٻڌايو ته ورسي جي موقعي تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ مردن ۽ عورتن جي رهائش لاءِ مزار تي الڳ الڳ ڪئمپون لڳائڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ واش رومس تعمير ڪيا ويا آهن. جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي لاءِ وڏي انگ ۾ هينڊ پمپ لڳايا ويا آهن. ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سوين ايمبولنسون روڊن رستن تي گشت ڪنديون رهنديون. هن چيو ته ورسي جي موقعي تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيپلزپارٽي جا جهنڊا، پمفليٽ ۽ پوسٽر لڳايا ويا آهن، جڏهن ته ورسي واري ڏينهن لاڙڪاڻي جي واپارين پاڻمرادو ڪاروبار بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان موقعي تي ڊي سي او عبدالعليم لاشاري ٻڌايو ته ورسي وارن ڏينهن ۾ هميشه ٽرئفڪ جو نظام بهتر نه هئڻ جون شڪايتون ٿينديون آهن، جن کي نظر ۾ رکي لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ پئڪيج تحت لاڙڪاڻي، رتي ديري ۽ نئين ديري جا تقريبن روڊ تعمير ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته ڳڙهي خدابخش ڏانهن ايندڙ سمورا روڊ رستا اين ايڇ اي جي معرفت وڏا ۽ ويڪرا ڪيا پيا وڃن ۽ اهو ڪم 27 ڊسمبر کان اڳ مڪمل ٿي ويندو. جنهن سان ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي ٽرئفڪ جي نظام بابت شڪايت نه رهندي. ڊي سي او ٻڌايو ته گاڏين جي پارڪنگ لاءِ ٻن هنڌن تي 80 ايڪڙ زمين ورتي آهي، جتي لائيٽنگ جي بندوبست سان گڏ ڊرائيورن جي ويهڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هن ڀيري ليڊيز جي رهائش لاءِ ڪئمپون مزار جي ڀرسان لڳايون آهن، جڏهن ته جلسي لاءِ وڏو اسٽيج ٺاهيو ويو آهي. پنڊال ۾ هڪ ئي وقت 50 هزار ماڻهو ويهي ۽ آساني سان گهمي ڦري سگهندا. ڊي سي او ٻڌايو ته ورسي وارن ڏينهن ۾ صفائي ۽ لائيٽنگ جي انتظام لاءِ لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ٽي ايم اوز کي ڪم سان لڳايو آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته ورسي وارن ڏينهن ۾ پوري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي. پوءِ به مزار تي اسٽينڊ باءِ جنريٽرن جو انتظام ڪيو آهي. ڊي پي او لاڙڪاڻو عرفان بلوچ سيڪورٽي انتظامن بابت ٻڌايو ته ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظامن کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزار ۽ صدارتي هائوس نئين ديري تي 6 هزار سيڪيورٽي اهلڪار ڊيوٽي ڪندا، جن ۾ عام پوليس اهلڪارن سان گڏ 5 سئو ڪمانڊوز، 5 سئو ٽريفڪ ۽ 3 سئو رينجرس جا اهلڪار شامل آهن. جڏهن ته ورسي واري ڏينهن ٻنهي هنڌن تي ٿيندڙ پروگرامن جي هوائي نگراني ڪئي ويندي، ان کان علاوه 45 ڳجهيون ڪئمرائون لڳائڻ سان گڏ واڪ ٿرو گيٽس نصب ڪيا ويندا ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو عملو موجود هوندو. ڊي پي او ٻڌايو ته ورسي جلسي ۾ شرڪت لاءِ جنرل ماڻهو نئين ديري جي جڳ چوڪ وارو رستو وٺي هائوس طرف ايندا، جڏهن ته خاص پاسون رکندڙ وي آءِ پيز کي بختاور ڀٽو اسڪول واري پاسي کان هائوس طرف اچڻو پوندو. هن ٻڌايو ته ورسي تي مزار کي هر پاسي کان سيل ڪري ٻه انٽري گيٽس رکنداسين ۽ هر ماڻهو کي مڪمل سرچ بعد مزار اندر ڇڏيو ويندو. جڏهن ته پرائيويٽ ميڊيا کي پريزيڊنٽ هائوس وڃڻ جي اجازت نه هوندي. پريس بريفنگ ۾ صوبائي وزير توقيرفاطمه ڀٽو، ايم پي اي حاجي منور علي عباسي، غلام مجدد اسراڻ، ڊاڪٽر شفقت سومرو، خيرمحمد شيخ، آفتاب ڀٽو، اصغر شيخ، ثناءُ الله انڙ ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.
نئين ديري تي ڪرڻ جو اعلان
