ها ادا پر يار اهو شاه صاحب شعر ڪنهن نوعيت ته لکيو پاڻ کي سمجه ۾ نه آيو اها ڪهڙي حقيقت شاه صاحب ظاهر ڪرڻ پئي چاهيو وڌيڪ ادو نثار ناز ان بيت جي وضاحت ڪندا مونکي اميد آهي۔ پر دوست توهان تمام چونڊ شاعري شاه صاحب جي اسان سان شيئر ڪئي۔
اميد ته توهان اهڙيون ڪوششون جاري ساري رکندا۔

ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني
دوست صحيح پيا چئو حقيقت سائين نثار ئي سمجهائي سگهي ٿو۔۔۔۔ باقي اسان کان ڳالهه چڙهيل آهي
هي بيت شاه لطيف جي ڪلياڻ آڏواڻي واري نسخي جي سُر ڪوهياري جي داستان پنجين مان ورتل آهي۔
سُر ڪوهياريء ۾ لطيف سرڪار سهڻي جي واتان پيو چورائي ته جيڪڏهن مان پنهنجي ڏکن جو داستان کوليان ۽ ٻڌايان ته هوند جبل جلي وڃن ، سموري وڻڪار سڙي وڃي ۽ مرن کي ماٺ لڳي وڃي ، ڌنارن جو جيء جهري پوي۔ بيت جي لفظي معنى هيٺ ڏجي ٿي۔
جيڪڏهن مان هن عشق يا وره جي حال جي رتيء جيتري به ڳاله پڌري ڪيان (کوليان ) ته جيڪر مرن کي سُن (ماٺ ) لڳي وڃي ۽ پهاڙن جو جگر به ڦاٽي پوي۔ وڻ سمورا جيڪر جلي خاڪ ٿي وڃن ۽ ساوڪ بنھ نه اڀري ( پيدا ٿئي )
ادا وساڻ صاحب تمام سهڻي نموني توهان اسانکي سمجهايو اهي ان بيت جي معني پڙهي ڪري خبر پئي ته ڪيترو وزن آهي انهن لفظن ۾ آهي ادا وساڻ مهرباني