ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
روڊ حادثه ۽ ڪراچي شهر جي ٽريفڪ (هڪ جائزو)

هن جي موجوده آدمشماري تقريبن ڏيد ڪروڙ کان به مٿي آهي، هن شهر ۾ توهان کي هر زبان ڳالهائيندڙ کان وٺي هر مذهب وارو، هر فرقي وارو ماڻهون ملندو۔ ڪراچي شهر ۾ اگر دهشت گردي ۽ خوف نه هجي ته هي غريب پرور شهر آهي، هتي ماشاءالله سان ڪو به بکيو ڪو نه ٿو سمهي۔ هت هرڪو دال روٽي ئي صحيح به ڪجهه نه ڪجهه کائي ڪري پوء ٿو سمهي، هت جت توهان کي بم بلاسٽ ڪندڙ درندا ۽ ظالم ماڻهون ملندا ته اتي توهان کي غريب جي مدد ڪندڙ، غريب کي مانيون کارائيندڙ ۽ اسپتالن ۾ ڊونيشن ڏيندڙ فرشتا صفت انسان به ملندا۔ بس الله جي هن شهر مٿان اهيا رحمت آهي۔
1947ع ۾ پاڪستان بيٺڪيت قائم ٿيڻ کان هڪدم پوءِ ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ جو درجو ڏنو ويو ۽ سنڌ اسيمبليءَ کي ڪراچيءَ مان تڙي ڪڍيو ويو. ان سان گڏ ئي پاڪستان کان رڳو هڪ سال اڳ قائم ٿيل سنڌ يونيورسٽيءَ کي پڻ ڪراچيءَ مان تڙي ڪڍيو ويو ۽ جي ڪيمپس تي ڪراچي يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌو ويو. اهڙيءَ ريت سمورن سنڌي هندن کي زوريءَ هندستان لڏايو ويو ۽ هندستاني پناهگيرن کي ڪراچيءَ سميت سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ رهايو ويو. هندن جون سموريون خالي ڪيل ملڪيتون هندستاني پناهگيرن حوالي ڪيون ويون. (جنهن جي موٽ ۾ اسان کي ڇا ٿو ملي اهو سڀ ڪجهه توهان ڏسو ٿا، دهشت گردي، ۽ لاقانونيت ) پاڪستان جي قيام وقت ڪراچيءَ جي آدمشماري رڳو چار لک هئي. پر ڪراچيءَ اندر هندستاني پناهگيرن ( موجوده دور ۾ جن هندستاني پناهگيرن ڪراچي کي دهشت گردي جو مرڪز ۽ ڀتي خوري جو آستانو بنائي ڇڏيو آهي۔ )جي لوڌ اڄ سوڌو غير قانوني طور جاري ساري آهي ۽ ڪراچيءَ جي آدمشماري ڏيد ڪروڙ کان به ٽپي وئي آهي. سو ادا هت ٽريفڪ ڪيئن نه ٿيندي، ادا مان تقريبن 13 سالن کان ڪراچي ۾ پيو رهان ۽ ڪراچي جي انهيء ٽريفڪ ۽ دونهين کي برداشت پيو ڪيان، ( جڏهن ته جڏهن مان ڪراچي ۾ نئون نئون آيو هئس ته مون کي ڪراچي جي تريفڪ ۽ دونهين تمام گهڻو تنگ ڪيو هو، جنهن جي ڪري منهنجو ڪراچي ۾ رهڻ به مشڪل ٿئي ويو هو۔ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته دل ۾ اهيو خيال ايندو هو ته ڪراچي کي هميشه لاءِ الوداع ڪري دادو هليو وڃان، جتي گهٽ ۾ گهٽ صاف سٿري آبهوا (ماحول ) ته ملندي، مگر پوء ذهن ۾ اهيو به خيال ايندو هو ته اگر اسان سڀني سنڌين ائين ڪيو ته پوء ڪراچي ۾ ته ڪو به سنڌي ڪو نه رهندو۔ سو دل ۾ اهيو ارادو ڪيو ته ڪراچي جي تمام مشڪلات کي برداشت ڪبو ۽ ڪراچي ۾ ئي رهبو۔ انشاءالله۔ ۽ اهڙي ريت هاڻ ته اسان انهيء ٽريفڪ دونهين ،ڀڃ ڀڃان، ڊڪ ڊڪان ۽ وٺ ڀڻان وٺ جا ته عادي ٿئي ويا آهيون۔ انهيء مصروفيت کانسواء ته مزو به ڪو نه ٿو اچي۔ ) سو ادا هت ڪراچي ۾ رهڻو آهي ته پوء انهن ڳالهين کي منهن ته ڏيڻو آهي۔ ادا مان ته باقي سنڌي دوستن کي به اهيا صلاح ڏيندس ته ڪراچي جي مشڪلات کي نه ڏسن پر پنهنجي مستقبل ٺاهڻ لاء سنڌ جي ٻين شهرن مان ڪراچي ڏانهن ڪهي اچن ۽ اچي ڪراچي ۾ روزگار ڪن، ۽ اڳتي وڌن، توهان ڏسو ته هت ڪراچي ۾ ٻيون قومون ۔۔ پٺاڻ، پنجابي، مهاجر، افغاني، بنگالي، هزاري والن ڪم ۽ روزگار جي حوالي سان ڪراچي کي پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪراچي جي هر ڪنڊ ۾ ٽڙي پکڙي ويا آهن ۽ ڪراچي جي ٽوٽل ٽرانسپورٽ ۽ هوٽل مافيه تي توهان کي پٺاڻن جو قبضو ئي ملندو، ۽ توهان کي ڪراچي جي هر ڪنڊ ۾ پٺاڻ جو هوٽل ملندو، پوء اتي ڇو نه مڪمل اڃان آبادي به آباد ٿئي نه هجي، ۽ ان ڳالهه جي ڪري به هتان جا مهاجر( ايم ڪيو ايم ۔۔۔۔ دهشت گرد پارٽي ) به هن قوم کان ڊڄي ٿي ۔ جڏهن ته سنڌين جو نالو نشان به آهسته آهسته پڄاڻي پيو ٿئي، الله نه ڪري، اگر اهيو حال رهيو ته پوء ڪراچي ته سنڌين جي بلڪل قبضي ۽ اختيار مان نڪري ويندي۔ ان لاء مان ته توهان کي اهيو چوندس ته ۔۔۔ اٿو سنڌ جا وارسو ڪراچي کي بچايو۔ ڪراچي کي پنهنجن هٿن مان ڪين ڇڏايو، اٿو سنڌ جا وارسو ڪراچي کي بچايو۔
۔
ٽريفڪ جام، ترقي جام
جيڪڏهن ڪراچيءَ جي تاريخ جو جائزو ورتو وڃي ته اسان ڏسنداسين ته جيئن جيئن شهر جي آبادي وڌندي وئي سرڪاري منصوبن ۽ قانونن تحت ٺهندڙ گهرن سان گڏوگڏ ڪچين آبادين جو به بنياد پيو. ٻين شهرن جا رهواسي روزگار جي لاءِ ڪراچيءَ جو رخ ڪيو، ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون فيڪٽريون لڳايون ويون، اڪيلي بندرگاهه هئڻ جي ڪري آمد رفت ۽ اچ وڃ جي لاءِ به وڏيون تبديليون آنديون ويون. وڌندڙ آبادي جي ڪري بگي ۽ ٽرام جي جاءِ تي بسون، ڪوچون، رڪشا ۽ ٽيڪسيون اچي ويون ۽ اهڙي طرح هڪ وڏي پيهه واري نظام جنم ورتو. افغانستان تي روس جي حملي کان پوءِ افغان مهاجرن جي وڏي تعداد هن شهر جو رخ ڪيو. ان عرصي ۾ ڪراچي شهر جي رهائشي ۽ ڪمرشل علائقن ۾ تبديليءَ جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. جڏهن ته کين فليٽن ۽ شاپنگ پلازائن جي تعميرات جي دوران ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي قانونن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، جنهن جو مثال ڪراچي ۾ صدر جهڙو واپاري مرڪز آهي، جتي وڏا وڏا پلازه تعمير ڪيا ويا آهن جنهن سان صدر جو حسن ڦٽي ويو آهي، ڪيترن شاپنگ سينٽرن، پارڪنگ ايريا دڪانن ۽ شاپنگ مال ۾ تبدليون ڪيون ويون آهن. اهو قصو ڪراچيءَ جي ڪنهن هڪ حصي جو نه آهي اها ڪهاڻي هر روڊ ۽ رستي جي آهي، اهو ئي سبب آهي ته شاهراهه فيصل جهڙي ويڪري رستي تي به اڄڪلهه ٽريفڪ جام ٿئي ٿي.
ڪراچيءَ ۾ گذريل 10 سالن دوران وڏي ترقي ٿي آهي، ڪيترائي فلائي اوور ۽ انڊر پاس تعمير ڪيا ويا آهن، انٽر چينج جو تعداد به سون ۾ آهي پر ٽريفڪ جام جو مسئلو اڃا تائين حل ٿي نه سگهيو آهي، پارڪنگ جو مسئلو به اڃا ڪر کنيو بيٺو آهي. انهيءَ مد ۾ تاج ڪمپليڪس ۽ متين پلازه جو مثال اسان جي سامهون آهي، جتي پارڪنگ جو بهتر انتظام نه ٿيڻ جي ڪري سدائين ٽريفڪ جام رهندي آهي، سخي حسن ۽ حيدري جي مارڪيٽن ۾ به بيسمينٽ ۾ پارڪنگ جي بجاءِ اتي دڪان ٺاهيا ويا آهن. وڏي آبادي ۽ وڏون روڊن تي قائم ٿيل پرائيويٽ اسڪولن جي ڪري به ٽريفڪ جام ٿيندي آهي، جتي صبح جو ۽ منجهند جو ٽريفڪ جام رهندي آهي. انهن اسڪولن جي في لکن ۾ آهي، پر پارڪنگ جو ڪو به انتظام ٿيل نه آهي، جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي کڻي ايندڙ گاڏين کي اسڪول ۾ وڃڻ جي منع ٿيل هوندي آهي. شهيد ملت روڊ ۽ شاهراهه فيصل جهڙا وڏا روڊ به ان مسئلي جو شڪار رهندا آهن. اسپتالن ۾ پارڪنگ جي سهولت جو فقدان ۽ ڪراچي کان ٻاهر ويندڙ مسافرن لاءِ ٽرانسپورٽ جا غير قانوني اڏا به ٽريفڪ جام جو سبب ٿين ٿا. سرڪاري پلاٽن تي غير قانوني اڏاوتون به ٽريفڪ جام ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح وڏي ٽريفڪ رڪشا ۽ ٽيڪسي اسٽينڊ نه هئڻ ڪري به اهي مسئلا جنم وٺن ٿا. اهي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومت پارڪنگ پلازا ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هو جڏهن ته ڪيترن سببن جي ڪري صدر ۾ ٺهندڙ پارڪنگ پلازه پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. وڏين بينڪن ۽ مالياتي ادارن ۾ به پارڪنگ جي حوالي سان ڪا به پاليسي نه ٺاهي وئي آهي. پارڪنگ لاءِ سروس روڊ يا سروس لين انتهائي اهميت واري هوندي آهي، افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته ڪراچي جي پلاننگ ڪندڙن رستن جي تعمير دوران انهيءَ طرف ڌيان ئي نه ڏنو آهي، شهرن جي ڪيترن وڏن روڊن سان سروس لين نه هئڻ جي ڪري پارڪنگ جو مسئلو ڪَرُ کڻي ٿو. انتظاميا جو ان طرف ڌيان نه ڏيڻ سان اڄ به ڪيترائي شاپنگ سينٽر ۽ ڪمرشل عمارتون بغير پارڪنگ ايريا جي تعمير ڪيون پيون وڃن.
ٽريفڪ جام جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي جي ٽريفڪ پوليس به ناڪام نظر اچي رهي آهي، ايم اي جناح روڊ شاهراهه فيصل، شاهراهه قائدين، نيو ايم اي جناح روڊ، ممتاز منزل، نيپا چورنگي، گلشن چورنگي جهڙن انڊر پاسن ۽ فلائي اوور جي ٺهڻ جي باوجود ٽريفڪ جو مسئلو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي، جنهن جي ڪري پوليس سنجيده نه آهي، انهن سڀني مسئلن جي ڪري عوام سخت ذهني اذيت جو شڪار آهي، جنهن سان ماڻهن ۾ ڊپريشن، اوجاڳي ۽ تشدد جو رجحان وڌي رهيو آهي. گذريل 20 سالن ۾ جهڙيءَ رفتار سان ڪراچيءَ جي آبادي وڌي آهي. اهڙي حساب سان ٽرانسپورٽ مئنيجمينٽ اهڙا منصوبا نه ٺاهي سگهي آهي، جنهن دور ۾ ڪراچي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ هو ان جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايم آر وي پلان ترتيب ڏنو ويو هو. جنهن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. اڄ ڪراچيءَ جو 56 سيڪڙو ڪچين آبادين تي ٻڌل آهي. جنهن جي ويجهو بسن، ٽرڪن ۽ رڪشائن جا غير قانوني اڏا قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي ٽريفڪ جام جو سبب بڻجن ٿا. عمرانيات جي ماهر راڻا آصف حبيب جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽ جو ناقص نظام ملڪ جي ترقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. اهو هڪ سماجي مسئلو آهي جنهن جي ڪري عوام جي روين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي رهي آهي.ا نهيءَ جي تشدد جي رجحان ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ٽريفڪ جام سان ماحول جي گدلاڻ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. ماهرن جي چوڻ موجب گهڻين گاڏين جو استعمال ڪرڻ ماحول لاءِ خطرناڪ آهي. ان مسئلي جو واحد حل آهي، ماس ٽرانزٽ سسٽم. گذريل 10 سالن ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽن لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي قانوني جڏهن انهيءَ کي ٻيڻا غير قانوني ڊرائيونگ لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن. ٻين شهرن مان ڊرائيونگ جا ورتل لائينسس به لکن ۾ آهن، سماج جي ناهمواري، اسٽيٽس رکڻ جي شوق ۾ ماڻهن جي ذاتي گاڏين وٺڻ جو رجحان تيزيءَ سان وڌي ويو آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي خراب ڪارڪردگيءَ سبب به ماڻهو ذاتي گاڏيون وٺڻ تي مجبور آهن، ڪراچيءَ ۾ شهري حڪومت جي ٽرانسپورٽ اينڊ ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي هڪ رپورٽ موجب 1990 کان 2007 تائين جي عرصي ۾ ڪراچيءَ جي آباديءَ ۾ ساليانو 5 سيڪڙو واڌارو ٿي رهيو آهي، يعني ماڻهن ۾ واڌاري جي شرح کان گاڏين جي واڌ ۾ وڌيڪ واڌارو ٿي رهيو آهي. گذريل ٽن سالن ۾ انهيءَ واڌ ۾ اڃا به گهڻو واڌارو ٿيو آهي. موٽر ويهيڪل رجسٽريشن ڊپارٽمينٽ جي انگن اکرن موجب شهر جي روڊن تي 21 لک 47 هزار 610 گاڏيون رجسٽر ٿيل آهن، جنهن ۾ 1561 مني بسون، 6496 بسون، 11242 مني ٽرڪون، 13669 ٽرڪون، 91852 پڪ اپ، 47005 ٽيڪسيون، 54647 رڪشا، 2661 لفٽر، 3217 ٽريڪٽر ۽ 2399 آئل ٽينڪر شامل آهن هن وقت شهر جي رستن تي 899121 ڪارون، 997769 موٽر سائيڪل موجود آهن. ٻين شهرن کان به ڪراچيءَ ڏانهن ايندڙ گاڏين جي تعداد ۾ هزارن جي حساب سان روزانو واڌارو ٿي رهيو آهي، ڪجهه سال اڳ ڪروڙن رپين جي خرچ سان سي اين جي بس سروس شروع ڪئي وئي هئي، پر ٽرانسپورٽ مافيا جي عمل دخل جي ڪري اهي بسون رولڙي جو شڪار ٿي ويون، جيڪڏهن روڊن تي موجود پبلڪ ٽرانسپورٽ جو ڪل تعداد 5 سيڪڙو آهي، پر ٽريفڪ جام جي ڪري ان جو سيڪڙو وڌي 50 سيڪڙو ٿي وڃي ٿو، عام طور ڏٺو ويو آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جا ڊرائيور رواجي طرح بس اسٽاپن تي بيهن ئي نه ٿا، پنهنجي مرضيءَ سان مسافرن کي بسن مان لاهين ۽ چاڙهين ٿا. انگن اکرن موجب 70 سيڪڙو حادثن جو سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ کي قرار ڏنو ويو آهي. شهر ۾ روزانو سراسريءَ طرح 3 ڄڻا ٽريفڪ حادثن ۾ موت جو کاڄ ٿين ٿا. جڏهن ته روزانو 5 کان 7 ماڻهو به سراسري طرح ڦٽجن ٿا، ڪيترن واقعن ۾ ڊرائيور زخمين کي تڙپندو ڇڏي ڀڄي ويندا آهن، ان ڪري ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ وقت اهڙن ڊرائيورن کي قانون جو پابند بڻايو وڃي ته جيئن حادثن جي ذميوار ڊرائيورن کي قابو ڪري سگهجي، ٽريفڪ جي وڌندڙ مسئلن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي، انهيءَ مد ۾ ڊرائيورن کي تربيت ڏني وڃي ۽ مختلف ٽي وي چئنلين تان اهڙي آگاهي ڏيڻ لاءِ پروگرام شروع ڪيا وڃن، ان سان گڏوگڏ تعميرات جي ڪمن تي قانون موجب عمل ڪرايو وڃي ۽ انهن کي پنهنجي حدن ۾ رکيو وڃي، ڪچين آبادين جي تعمير ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي، ان سلسلي ۾ ٽريفڪ پوليس کي به فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته ٽريفڪ جام جي مسئلي کي ڪنٽرول ڪري ڪروڙين رپين جي تيل کي بچائي سگهجي ٿو.
ٽريفڪ پوليس جي ڪارڪردگي
حسن اصغر نقوي
ٽريفڪ پوليس پوري پوليس کاتي جو چهرو آهي، جيڪو فرضن جي انجام لاءِ روڊن رستن تي رهندي سڌيءَ ريت پوري کاتي جو اميج قائم ڪري ٿو. ٽريفڪ پوليس سان لاڳاپيل ماڻهن کي نهايت خوش اخلافي ۽ شائستگيءَ سان پنهنجا فرض انجام ڏيڻ گهرجن ته جيئن شهرين تي سٺو تاثر قائم ٿي سگهي ۽ اُهي ٽريفڪ قانون جي پابندي ڪندي ٽريفڪ وارن مسئلن کي حل ڪرڻ ٽريفڪ پوليس جي خدمتن کي بهتر ڪرڻ ۾ سهڪار ڪن. ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر ڪراچي وسيم احمد اهڙيون هدايتون 2 مئي آچر ڏينهن آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جي آڊيٽوريم ۾ ڪراچي ٽريفڪ پوليس جي آفيسرن سان خطاب دوران ڏنيون. ڪراچيءَ جي ٽريفڪ مسئلن ۽ ٽريفڪ پوليس جي ڪارڪردگيءَ جي جائزي جي حوالي کان ان خطاب جو خاص طرح اهتمام ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ خرم گلزار، ڪراچي جا 5 ئي زونل ٽريفڪ ايس پي، ڊي ايس پي سيڪشن آفيسر ۽ ٽريفڪ پوليس جا ٻيا آفيسر موجود هئا ۽ ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل آڊيٽوريم ٽريفڪ پوليس آفيسرن سان پوريءَ ريت سٿيل هو.
ماضيءَ ۾ ٽريفڪ پوليس لاءِ قائم ٿيل تاثر بابت ڳالهائيندي سي سي پي او ڪراچي چيو ته ٽريفڪ پوليس جي سٺين خدمتن سبب ماڻهو پنهنجو پاڻ ٽريفڪ قانون جي پابندي اثرائتي نموني ڪندا هئا. هن پنهنجي فورس کي اِها ڳالهه باور ڪرائي ته ٽريفڪ قانونن جي پابندي کي رڳو چالان وسيلي نه پر خوش اخلاقي، شائستگي ۽ بهتر رويي ذريعي اثرائتو بڻايو وڃي. ٽريفڪ پوليس جا جوان ۽ آفيسر صاف سٿري يونيفارم، سٺي ۽ فٽنس وسيلي پنهنجي لباس وانگي اجرو ۽ خوشگوار تاثر قائم ڪن. هن چيو ته روڊن رستن تي ٽريفڪ قانونن جي پابندي هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن منجهان ٽريفڪ پوليس جي ڪارڪردگي کي چڱيءَ ريت جاچي سگهجي ٿو. سي سي پي او ڪراچيءَ مئي مهيني کي بهتر ڪارڪردگي ۽ اميج بلڊنگ جو مهينو قرار ڏيندي هدايت ڪئي ته پوليس آفيسر ۽ جوان مثالي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن. سندس چوڻ هو ته شهر ۾ 18 لکن کان وڌيڪ رجسٽر گاڏين ۽ شهر جي روڊن رستن تي لڳ ڀڳ 60 لکن کان وڌيڪ ماڻهن جي روزاني اچ وڃ سبب پيدا ٿيندڙ هجوم کي روان دوان رکڻ لاءِ ٽريفڪ پوليس تي پهريون ذميواريون اچن ٿيون، جن کي اسان کي خوش اخلاقي ۽ شائستگيءَ سان انجام ڏيڻو آهي. روڊن رستن تي اوور اسپيڊنگ، ڊرائيونگ دوران موبائل جي استعمال، لاپرواهيءَ سان ڊرائيونگ، اسٽاپ لائين، زيبرا ڪراسنگ ۽ سنگل جو احترام ۽ پابندي، هيلمٽ کان سواءِ موٽر سائيڪل هلائڻ ۽ غير قانوني پارڪنگ جهڙن مسئلن کي قانون جي اثرائتي نفاد ۽ عملدرآمد وسيلي حل ڪيو وڃي. بس لين جي سختيءَ سان پابندي ڪئي وڃي، ڳرين ۽ ساز سامان کڻي هلندڙ گاڏين کي روڊ جي کاٻي پاسي هلڻ جو پابند بڻايو وڃي. قيادت پاران ٽريفڪ پوليس آفيسرن لاءِ منعقد ڪيل ان اثرائتي اجلاس ۾ سي سي پي او ڪراچي هدايتون ڏنيون ته ڪراچيءَ جي سڀني زونن ايس پي ٽريفڪ هر 15 ڏينهن ۾ پنهنجي ماتحتن سان درٻار منعقد ڪري ٽريفڪ نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ کين تازيون هدايتون ڏيندا، ان مقصد لاءِ سندن تجويزون ٻڌيون وڃن ۽ کانئن مشورا ورتا وڃن ۽ گڏوگڏ سندن مسئلا به ٻڌا وڃن ۽ انهن جي حل لاءِ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ آفيسرن کان مدد ورتي وڃي. سندس چوڻ هو ته پنجن ئي ٽريفڪ زونن جي ڪارڪردگي جي نگرانيءَ لاءِ قائم ٽيمون پنهنجي رپورٽ آفيسرن کي پيش ڪنديون. سڀني زونن ۾ ٽريفڪ کي روان دوان رکڻ لاءِ ذميواري لاڳاپيل ايس پي ٽريفڪ، ڊي ايس پي ۽ سيڪشن آفيسر مٿان آهي، هر فرد کي پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو پاڻ جائزو وٺي ان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ اُن ۾ وڌيڪ نکار آڻڻ گهرجي. آفيسر فيلڊ ۾ رهي پنهنجي نفري جي تعيناتي ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بنائين.
شهر جي ٽريفڪ نظام جي بهتري لاءِ ڪيل حڪومتي قدمن جو ذڪر ڪندي سي سي پي او ڪراچي چيو ته شهر جي هجوم ڀري ٽريفڪ کي روان دوان رکڻ، ٽريفڪ کي اثرائتي نموني قانونن جو پابندد بنائڻ ۽ ٽريفڪ پوليس جي ڪارڪردگي جي اثرائتي نگراني لاءِ 40 کان وڌيڪ اهم انٽر سيڪشنز پرڪلوز سرڪٽ ٽي وي، ڪيمرا لڳايا ويندا آهن ۽ انهن سي سي ٽي وي ڪيمرائن مان حاصل ٿيندڙ فلمن جي مانيٽرنگ لاءِ سينٽرل پوليس آفيس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، ان سي سي ٽي وي ڪيمرائن وسيلي ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي ڪندڙ گاڏي يا فرضن ۾ گفلت ۽ لاپرواهي ڪندڙ اهلڪار جو اثرائتو احتساب ڪري سگهبو، جنهن ذريعي نظم نسق يقيني ۽ نمايان بهتري پيدا ٿيندي. گاڏين جي رنگين شيشن جهڙي قانوني خلاف ورزيءَ جي اثرائتي تدارڪ لاءِ رنگين شيشن وارين گاڏين تي ڏنڊ جي رقم وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته مالوند ماڻهو معمولي ڏنڊ کي خاطر ۾ ڪونه ٿا آڻين، جيڪڏهن ڏنڊ گهڻو هوندو ته قانون جي پاسداري ۽ پابنديءَ جو لاڙو وڌندو.
ٽريفڪ پوليس ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ جي حوالي سان ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو ته ٽريفڪ رش جي وقتن ۽ ٽريفڪ هجوم جي هنڌن تي آپريشنز پوليس به ٽريفڪ پوليس کي سهڪار فراهم ڪندي، جڏهن ته ٽريفڪ پوليس کي جلدي نئون يونيفارم ڏنو ويندو، ترقين لاءِ سينارٽي مسئلن جي حل لاءِ آفيسر ۽ سي سي پي او ڪراچي پاڻ متاثر ماڻهن جا ڪيس ٻڌندا ۽ جائز مسئلا بروقت حل ڪيا ويندا. حڪومت ۽ پوليس قيادت پاران ٽريفڪ پوليس ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ اهڙن سنجيده قدمن سبب اميد آهي ته پرهجوم ٽريفڪ هوندي به شهر جي روڊن تي سفر محفوظ ۽ آسان ٿي سگهندو.
ڪراچي جي ٽريفڪ جو هڪ ڏيک ( وڊيوز )
http://www.youtube.com/watch?v=qun9jiLww8M
http://www.youtube.com/watch?v=Ii-9qthvPF4
http://www.youtube.com/watch?v=AkOgUFUYwRg
ڪراچي ۾ ٽريفڪ کي منهن ڏيندڙ ٽريفڪ پوليس سٽي
وارڊن
نوٽ ڪراچي ۾ پنڌ هلڻ توڙي ڪنهن گاڏي ۾ هلڻ لاء سڀ کان وڌيڪ احتياط ڪرڻ لازمي آهي ورنه الله بچائي احتياط نه ڪرڻ جو ٻيو نتيجو روڊ حادثو آهي جنهن ۾ ماڻهون جي جان به وڃي سگهي ٿي۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو ورنه توهان پاڻ ڏسو هي ڪراچي شهر جا ڪجهه روڊ حادثه ( وڊيوز )
http://www.youtube.com/watch?v=IZtLrBOxID4
http://www.youtube.com/watch?v=_to__MaP6Go
نوٽ۔۔۔۔۔ ڪراچي جي روڊن تي ڪيئمرا پڻ لڳل آهن جيڪي روڊ جي گاڏين جي ، تمام چرپر پڻ نوٽ ڪن ٿا۔
http://www.youtube.com/watch?v=E0XI9-AjeyQ
بشڪريه مدد۔۔ عوامي آواز، يو ٽيوب، ۽ ذاتي ممتاز جي ڊائري۔