دوستو مان سيتاروڊ ۾ ڌرتي ٽي وي جي نمائندي طور ڪم ڪري رهيو آهيان ۔ هن فورم بابت ادا رشيد سمون سان ڪچهري دوران ڪافي ڏينهن اڳ واقفيت حاصل ڪيم پر مصروفيتن ڪري رجسٽريشن نه ڪرائي سگهيس ۔ پر اڄ واندڪائي ملي ته رجسٽريشن ڪرايم ۔ ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته مان به ان ساٿ جو ننڍڙو ساٿي ٿي هن ساٿ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وسعت آهر جدو جهد ڪندو رهندس۔ اميد ته توهان سڀ سنڌ سلامت جا دوست منهنجي ننڍن سنهن مونجهارن ۾ منهنجي رهنمائي ڪندا رهندا۔
جواب: مان آهيان سليمان سومرو ادا منهنجا نالي ڀائي سومرا صاحب اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار اسان جون اکيون ٿڌيون جو اسان جي سٿ ۾ ميڊيا سان لاڳاپيل هڪ دوست شامل ٿيو آهي۔ ڌرتي ٽي وي سنڌ جو آواز ٿي سنڌ جا مسئلا حڪمرانن ۽ دنيا اڳيان پئي آڻي ۽ اوهان ان ساٿ جا ساٿي آهيو۔ يقينن اسان لاء اها اتساه پيدا ڪندڙ ڳاله آهي جو سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ هر روز اوهان جهڙا سهڻا ۽ سنڌ سان پيار ڪندڙ دوست پيا شامل ٿين۔ سيتا روڊ جيتوڻيڪ مان ڪڏهن ڪونه آيو آهيان پر هتي سچل ڳوٺ ڪراچيء ۾ ڪيترائي دوست آهن جن جو تعلق سيتا روڊ سان آهي ۽ انهن سان ڀائرن جهڙو واسطو آهي۔ اوهان جا لک قرب جو اوهان هن اڱڻ تي آيا۔ اوهان کي ٻيهر ڀليڪار
جواب: مان آهيان سليمان سومرو سائين سومرو صاحب اوهان کي هن ادب ڀري اوطاق تي ڀليڪار چئجي ٿو۔۔ توهان ميڊيا سان لاڳاپيل آهيو اهو ڏاڍي خوشي ٿي ڌرتي ٽي وي چئنل بلڪل سنڌين جي لا باعث فخر آهي۔ ڇوته سنڌيت جي پرچار ۽ سنڌ سان پيار جي عظم ۾ اٿيل هر آواز کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ ۾تمام سنڌي چئنلز ۽ خصوصا هن ادب ڀري اوطاق سنڌ سلامت جو ناقابل فراموش ڪردار آهي۔ اميد ته اوهان به سنڌ سان پيار ۽ سنڌيت جي پرچار عظم جي هن جد و جهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ۔۔۔
جواب: مان آهيان سليمان سومرو اسلام عليڪم؛ ادا سڀ کا پهريان ڀليڪار۔۔۔۔ سليمان صاحب مونکي ته چڱيء طرح سڃاڻدو هوندين، اسان پاڙيسري آهيون۔۔۔۔ ء سٺا دوست به ادا هي سنڌ سلامت هڪ محبتي ميڙاڪو آهي سڀني سنڌين جو آهي۔۔۔ دوست توهان جهڙن دوستن کي ته اڳم اچڻ گهربو هيو خير دير ئي درست آئي۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو مقصد سنڌ ء سنڌي ٻوليء کي پوري دنيان ۾ اجاڳر، ان جي اهميت بيان ڪرڻ جيڪو اسان سڀني جو فرض آهي۔۔ اميد ته اسان سان گڏجي هن ساٿ کي هميشه سلامت رکندوء۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت [/IMG]
جواب: مان آهيان سليمان سومرو ادا سليمان سومرا۔۔۔۔ اوهان کي سنڌ سلامت جي محبت ڀريئي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو چئجي۔۔ ميڊيا جي نمائندي هجڻ جي ڪري اسان اوهان منجهان اميد ٿا ڪريون ته سنڌ سلامت جي لاءِ تمام سٺو اضافو ثابت ٿيندا ۽ اوهان کان اسان دوستن کي سنڌي ادب توڙي حالاتِ حاضره سميت مختلف معلومات ملي سگهندي۔۔۔ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀليڪار۔۔۔
جواب: مان آهيان سليمان سومرو [justify]ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اڱڻ يا اوطاق ته ڪي اهڙا اڻڏٺل دوست اچي ظاهر ٿيندا آهن، جن جي اچڻ سان هٻڪار ايندي آهي، هڪ سحرانگيز ماحول پئدا ٿي پوندو آهي، جيتوڻيڪ اهي دوست هوندا ته اڻ ڏٺا هوندا آهن پر انهن جي موجودگي مان پنهنجائپ جي خوشبو ايندي آهي ۽ ميلو مچي پوندو آهي ۔۔۔ ادو سليمان سومرو، آهي ويٺل ته سيتا نگر جو پر سندس وجود ڌرتي سان لاڳاپيل هجڻ سبب ڄڻ ته پنهنجي اندر ۾ ويٺل آهي، تو ۾ آهيان مان، مون ۾ آهين تون، جيئن بجلي آهي بادل ۾ جي مصداق اسين سڀ هڪ آهيون ۔۔۔ هڪ ڌرتي جا وارث آهيون، هڪ ئي ٻولي ۾ لوليون مليون آهن ۔۔۔ سهڻا سليمان، اوهانکي هن اوطاق تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۽ اوهانجو اچڻ اسانجي لا همٿ ۽ حوصلو ۔۔۔ دوست وڌن ميلا لڳن خوشيون وڌن ۔۔۔ سنڌ سلامت جو هي اڱڻ اوهان گهمي ڏٺو هوندو، هن اڱڻ تي سنڌ ۽ سنڌيت سان لاڳاپيل هر شئي موجود آهي ۽ باقي کٽل شيون اسين سڀ ملي جلي هڪٻئي سان ونڊ ڪري آڻيندا رهونٿا، اوهانجو ساٿ به اميد ته ڪارائتو ۽ لاڀائتو ٿيندو ۔۔۔ ڀيرو نه ڀڃندا ۽ هن اڱڻ جي سهڻن دوستن سان دوستيون پڪيون ڪندا ۔۔۔ اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي، متان ائين سمجهين مئا مور سارا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
جواب: مان آهيان سليمان سومرو تمام سٺو جو اسان جو دوست سليمان سومرو پڻ هن ساٿ جو ساٿي بڻيو آهي۔۔۔ مون کيس ڪافي وقت اڳ کان رجسٽريشن اختيار ڪرڻ بابت چيو هيو ۔۔۔ جڏهن به ڳوٺ وڃڻ ٿيندو آهي ته سنڌ سلامت جي مختلف لکڻين تي ڪافي بحث ڪندو آهي۔۔ جنهن سان صاف نظر ايندو آهي ته پاڻ فورم تي مهمان جي صورت ۾ ايندا رهندا آهن ۽ لکڻين کي پڙهندا رهندا آهن۔۔۔ هاڻي رجسٽريشن جي عمل کي گذارڻ کان پوءِ اميد ڪجي ٿي ته ساٿ نڀائيندا پنهنجا ويچار ۽ لکڻيون تحريرن ۽ موضوعن جي صورت ۾ ونڊيندا رهندا۔۔۔
جواب: مان آهيان سليمان سومرو ادا محمد سليمان سومرا صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون اسان کي خوشي ٿئي آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا سان لاڳاپيل هڪ دوست اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيو آهي ادا اسان کي اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: مان آهيان سليمان سومرو ادا دوست سنڌ سلامت جي فورم تي توهان جي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ادا هن فورم ۾ تمام سهڻو دوست آهن بس توهان فقيرن مستن موالين نسوارين درويشن اسان جا مانوار نثار ابڙو نثار ناز دوست اهي سڀ توهانجي حوصلاافزائي ڪندا رهندا اميد ته توهان هن فورم جو حصو بڻبو اسان سان ساٿ ڏيندا رهندا اسان سان شيئر ڪندا رهندا ته دوستي پڪي ٿي ويندي هڪ دفعو ٻيهر توهانکي دل جي گهرائين سان ڀليڪار
جواب: مان آهيان سليمان سومرو ادا دوست سنڌ سلامت جي فورم تي توهان جي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ادا هن فورم ۾ تمام سهڻو دوست آهن بس توهان فقيرن مستن موالين نسوارين درويشن اسان جا مانوار نثار ابڙو نثار ناز دوست اهي سڀ توهانجي حوصلاافزائي ڪندا رهندا اميد ته توهان هن فورم جو حصو بڻبو اسان سان ساٿ ڏيندا رهندا اسان سان شيئر ڪندا رهندا ته دوستي پڪي ٿي ويندي هڪ دفعو ٻيهر توهانکي دل جي گهرائين سان ڀليڪار