• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بينظير جي قاتلن سان جنگ جاري آهي،ڪجهه ٻاهر ۽ ڪجهه گهر جا دشمن آهن

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
صدر آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي اداڪارن کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته عوام سندس ڌمڪين ۽ پروپيگنڊا کان نٿو ڊڄي، ڇو ته اسان رت جون نديون پار ڪري عوام کي گڏ ڪيو آهي. هاڻي ڪوبه سياسي اداڪار يا سيٺ اهو نه چوي ته هو ڪنهن کي وزيراعظم بڻائيندو، اهو حق رڳو عوام وٽ ئي آهي، اسان رڳو نعرا نٿا هڻون ۽ نه ئي ٽي ويءَ تي اچي اداڪاري ٿا ڪريون، اهو وقت ٻڌائيندو ته اسان پنهنجي دور ۾ ڇا ڪيو. صدر سياسي اداڪارن کي چتاءُ ڏيندي چيو ته توهان رڳو ايندڙ ڏينهن جي هيڊ لائين ۾ ڏسو ٿا ۽ اسان جي نظر تاريخ ۾ آهي. توهان ۽ اسان ۾ فرق رڳو اهو آهي ته اسان تاريخ ٿي وينداسين ۽ اوهان هيڊ لائينز ۾ رهجي ويندو.ڪجهه ٻاهريان دشمن ۽ ڪجهه گهر جا دشمن آهن، جيڪي سازشون ڪري رهيا آهن، صدر آصف علي زرداري اهڙو اظهار ڪالهه ڪراچي ايئر پورٽ لڳ پي آءِ اي جي گهٽ پگهارن وارن ملازمن لاءِ ”بينظير اپنا گهر اسڪيم“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صدر زرداري پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو. صدر زرداري پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته آئون اڄ قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن جي موقعي تي خوشيءَ جو پيغام کڻي آيو آهيان. هن چيو ته شهيد ڀٽو چوندو هو ته اسان سياست نه عبادت ڪندا آهيون ۽ آئون به سياست کي عبادت سمجهي ڪري رهيو آهيان. صدر بچاءَ واري وفاقي وزير احمد مختار کي مخاطب ٿيندي چيو ته وزير صاحب! لڳي ٿو ته ان عبادت ۾ خلل پئجي رهيو آهي! ڇا مان رڳو ڪراچي ۾ پنهنجين ڀينرن کي گهر ڏيندس؟ نه... مان سڄي ملڪ ۾ گهر ڏيندس، ڇا مان رڳو پي آءِ اي جي ملازمن کي پڪوڪندس؟ مان سول ايوي ايشن جي ملازمن کي به پڪو ڪندس. صدر تقريب ۾ ويٺل پي آءِ اي ملازمن ڏانهن اشارو ڪندي چيوته مون کي اهي ڏينهن به ياد آهن جڏهن مان پي آءِ اي جي جهاز ۾ قيدي بڻجي ڪڏهن تخت لاهور ته ڪڏهن پنڊي ويندو هئس ته مون کي منهنجا هي ٻچا وٺڻ ايندا هئا ۽ اهي مون کي وزيرن کان وڌيڪ آهن. هن چيو ته جنهن زماني ۾ مان قيدي هئس ته ان وقت پنجاب جو هڪڙو ڊي ايس پي مون کي وٺڻ ايندو هو ۽ چوندو هو ته ”ان تيز هوائون سي مت گهبرا اي عقاب- يي تو چلتي هين تجهي اونچا اڙاني ڪي ليئي“. هن چيو ته سياست ۾ منهنجي استاد محترمه شهيد آهي. صدر چيو ته پراڻي زماني ۾ جڏهن ماڻهو علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن استاد وٽ ويندا هئا ته انهن کان پهرين اهو پڇيو ويندو هو ته اوهان جو استاد ڪير آهي. ساڳئي طرح مان به ٻڌايان ٿو ته شهيد ڀٽو منهنجي استاد (محترمه بينظير ڀٽو) جو استاد آهي. صدر زرداري اسٽيج تي ويٺل سينيٽر فيصل رضا عابدي کي مخاطب ٿيندي چيو ته تو جيترا ڪم ڏسيا آهن، اهي مون نه ڪيا آهن، اهي شهيد ڀٽو ڪيا آهن، مان رڳو ان جو روپ آهيان. صدر چيو ته مان جيڪي ڪم ڪريان ٿو اهي رڳو امانت واپس جو فرض پورو ڪريان ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته هاڻي پ پ ۾ ”ايڪ زرداري سڀ پي ڀاري“ وارو نعرو نه لڳندو،نعروصرف هڪڙو آهي، جيڪو آهي ”جيئي ڀٽو“. هن چيو ته شهيد ڀٽو جي محفل هجي ته نعرو به شهيدن جو لڳي. اڄ جهنڊو مون وٽ آهي ۽ سڀاڻي ڪنهن ٻئي وٽ هوندو، ان ڪري زندهه آهي ڀٽو زندهه آهي جو نعرو لڳڻ گهرجي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر زرداري وڌيڪ چيوته جيڪڏهن ماڻهن جي اها سوچ آهي ته مون کي اها خبر نه آهي ته مهانگائي ڪيتري آهي؟ غريبن جي ٻارن کي نوڪرين جي ضرورت آهي ته اهي اهو سمجهي ڇڏين ته مون کي سڀ خبر آهي پر اسان کي مستقبل جي جنگ وڙهڻي آهي ۽ هن وقت بيبي شهيد جي قاتلن، شهيد فوجين، پوليس ۽ معصومن جي ٻارن جي قاتلن سان جنگ هلي رهي آهي ۽ ان جنگ ۾ اسان اڃا پهريون قدم رکيو آهي. قومن جي تاريخ ۾ اهڙا وقت ايندا آهن، سريلنڪا ۾ 40 سال جنگ ڪئي وئي، صدر چيو ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، گڏوگڏ غريبن، مزدورن ۽ هارين کي حق به ڏئي رهيا آهيون پر ڪو اهو سمجهي ٿو ته بندوق جي زور تي، اسلام جي نالي ۾ اسان کان ملڪ ڇني وٺندا ته سندن اهو خواب پورو نه ٿيندو. اسان کي اسان جي اسلام جي خبر آهي. پر مون کان منهنجو موليٰ اهو پڇندو ته مون ڪنهن غريب جو حق ته ناهي کاڌو. هن چيو ته ڪجهه ڌريون غريبن جو حق ڦٻائڻ چاهين ٿيون پر اسان ائين ڪرڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته هي نئون ۽ جديد دور آهي، هن دور ۾ مزدورن ۽ هارين کي رڳو حق ناهن ڏيڻا پر انهن کي اهو ٻڌائڻو به آهي ته اهي ادارا جن ۾ کين ڀاڱي ڀائيوار ڪيو وڃي ٿو انهن کي ڪهڙي نموني سان سنڀالڻو ۽ هلائڻو آهي ڇو ته اهي ادارا 60 سالن جي محنت کانپوءِ جڙيا آهن. هن چيو ته جن ماڻهن محترمه کي شهيد ڪيو انهن اهو نه سمجهيو ته شهادت جو فلسفو اسان کي اڳ کان ئي معلوم آهي، بقول بلي شاهه جي ته ”وي بليا اسان مرڻا ناهين-گور پيا ڪوئي هور“.اسان مرڻا ناهيون، شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي اڄ به عوام ۽ مون ۾ زندهه آهن. هن چيو ته شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير جو انتقام هڪ روشن پاڪستان آهي. مان جن قربانين جي ڳالهه ڪندو آهيان اهي اسان کي پنهنجي ٻارن ۽ ملڪ جي مستقبل لاءِ گهرجن ٿيون، محترمه هن ملڪ کي بچائڻ لاءِ شهادت قبول ڪئي ۽ اسان به شهيد ڀٽو جو پيروڪار آهيون، هر قسم جون قربانيون ڏينداسين. صدر زرداري چيو ته اسان ڪٿان ٻاهريان ناهيون آيا، هن ڌرتي جا رهواسي آهيون ۽ هتي اسان جون 4 سئو سالن کان قبرون آهن، ان ڪري اسان هن ڌرتي لاءِ قربانيون ڏينداسين. صدر زرداري پنهنجي خطاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي اداڪارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسين اداڪار ناهيون ۽ نه ئي ٽي وي تي اچي سياسي اداڪاري ڪريون ٿا، اهي اهو نه وسارين ته اسان ايندڙ نسل کي قرباني لاءِ تيار ڪري رهيا آهيون. توهان جي ڌمڪين ۽ پروپئگنڊن کان نٿا ڊڄون ۽ رت جون نديون وهائي عوام کي گڏ ڪيو آهي. هن چيوته مان ايندڙ نسل جو ضامن آهيان، پاڪستان جهڙي حالت ۾ اسان کي مليو اسان ان کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وينداسين. صدر زرداري جي خطاب کان اڳ تقريب کي وفاقي وزيرن احمد مختار، خورشيد شاهه، سينيٽر فيصل رضا عابدي، پي آءِ اي جي چيئرمين اعجاز هارون پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پڻ تقريب ۾ موجود هو.




روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
 
Back
Top