• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪمشنري نظام جو بل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ٿيندو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعا بحال ڪندا

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته لوڪل باڊيز آرڊيننس ڊڪٽيٽر مشرف زوري مڙهيو هو، صوبن ان کي پاس نه ڪيو هو. ان ڪري ڪمشنري نظام وارو بل اتفاق راءِ سان سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. هن اهڙو اظهار ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. پريس ڪانفرنس ۾ وفاقي وزير خورشيد شاهه، صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، زراعت وارو وزير سيد علي نواز شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته جاويد شاهه جو والد به پيپلز پارٽي ۾ هو، پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيڻ بعد جاويد شاهه ٻيهر پارٽي جوائن ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته ٻيا به ڪيترائي اهم ۽ سينيئر اڳواڻ پارٽي ۾ شموليت لاءِ رابطا ڪري رهيا آهن. اسان تي تمام گهڻي تنقيد ٿيندي آهي پر موجوده حڪومت صبر سان ان کي برداشت ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان گهڻو وقت اڳي ئي ڪمشنري نظام وارو بل پيش ڪري ڇڏيون ها پر دوستن (اتحادين) چيو ته کين ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جيئن هو ان بل کي ڏسن. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته جهڙي نموني اڍائي سالن دوران اتفاق راءِ سان قانونسازي ڪئي وئي آهي، ڪمشنري نظام جي بحالي وارو بل به گڏيل مشاورت سان آندو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڊي سي اوز هن وقت به رڳو ڪوآرڊينيشن آفيسر آهن، هن وقت به ڪمشنري پاور اي ڊي اوز وٽ موجود آهن. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ واري سوال تي وڏي وزير چيو ته سمورا مسئلا مشاورت سان ئي حل ٿيندا ۽ ان حوالي سان ڳالهيون جاري آهن. هن چيو ته لوڪل باڊيز آرڊيننس تي عوام، حڪومت ۽ اتحادين کي وڏا مسئلا پيش اچي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته اهو نظام آمر مشرف مڙهيو هو، صوبن ان کي پاس نه ڪيو هو پر اسان اهڙو نظام آڻڻ چاهيون ٿا، جيڪو سڀني کي قابل قبول هجي، هن چيو ته آر جي ايس ٽي جي منظوريءَ بعد خدمتن تي جنرل سيلز ٽيڪس اسان وصول ڪنداسين، وفاق سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، معاملو جلد حل ڪنداسين.


روانه ڪاوش جي ٿورن سان
 
Back
Top