ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
تعليم کاتي ۾ جعلي ليڪچرارن جي ڀرتيءَ واري اسڪينڊل ڪيس جي تفصيلي جاچ هڪ ئي وقت تعليم ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن ۽ سي ايم انسپيڪشن ٽيم باقاعده شروع ڪري ڇڏي آهي، ساڳئي وقت تعليم کاتي انهيءَ جاچ جي سلسلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي تازو ڀرتي ٿيل 412 ليڪچرارن جي پگهارن جي ادائگي تعليم کاتي کان سندن ڀرتيءَ جي نئين سر تصديق ڪرائڻ سان مشروط ڪري ڇڏي آهي، تعليم کاتي جي سڀني ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ۽ سڀني لاڳاپيل ڪاليجن جي پرنسپالن کي 28 ۽ 29 ڊسمبر تي ڪراچي سيڪريٽريٽ ۾ طلب ڪري ورتو آهي. 23ڊسمبر 2010ع تي تعليم کاتي جي سيڪريٽريءَ پاران سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن اماڻيل هڪ سمريءَ ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير تعليم کاتي ۾ جعلي ليڪچرارن ۽ استادن جي ڀرتين جي حوالي سان 14 ڊسمبر 2010ع تي ”ڪاوش“ ۾ شايع ٿيل ايڊيٽوريل جو نوٽيس وٺندي سي ايم انسپيڪشن ٽيم کي معاملي جي جاچ ڪري کيس رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، پر تعليم کاتي جعلي ليڪچرارن جي ڀرتيءَ وارو ڪيس پهريان ئي اينٽي ڪرپشن کاتي کي اماڻي ڇڏيو آهي. سمريءَ ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت تائين تعليم کاتي ۾ ڪل 13 جعلي ليڪچرار ڀرتي ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، انهيءَ اسڪينڊل ۾ ملوث ڏوهارين تائين پهچڻ لاءِ کاتي اندر پڻ نئين سر تفصيلي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. اهو هڪ تمام وڏو سنگين نوعيت جو فراڊ آهي. جنهن ۾ ملوث ماڻهن تائين پهچڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ساڳئي وقت تعليم کاتي جي سيڪريٽريءَ پاران 18 ڊسمبر 2010ع تي هڪ الڳ آرڊر جاري ڪري کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري هائير ايجوڪيشن محمد اختر غوريءَ کي جاچ آفيسر مقرر ڪندي هدايت ڏني وئي آهي ته اسڪينڊل ۾ ملوث سڀني لاڳاپيل آفيسرن ڊپٽي سيڪريٽري، سيڪشن آفيسرن، ڪاليجن جي پرنسپالن ۽ هيٺين ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪري الزام هيٺ آيل هر آفيسر خلاف چارج فريم ڪرڻ سان گڏ ڪل جعلي جاري ٿيل آرڊرن جي تصديق ڪري 15 ڏينهن اندر کاتي جي سيڪريٽريءَ کي رپورٽ ڏني وڃي. ذريعن موجب انهيءَ انڪوائري جي ڏس ۾ انڪوائري آفيسر 28 ڊسمبر تي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۽ 29 ڊسمبر تي لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ سکر ريجن جي ريجنل ڊائريڪٽرز ڪاليجن ۽ لاڳاپيل ڪاليجن جي پرنسپالن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي طلب ڪري ورتو آهي، انهيءَ سان گڏ سڀني ضلعن جي ضلعي اڪائونٽس آفيسرن کي خط لکي پابند بڻايو ويو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي تازو ڀرتي ٿيل ڪنهن به ليڪچرار جي ڀرتيءَ جي تعليم کاتي مان نئين سر تصديق ڪرڻ بنا کيس پگهار ادا نه ڪئي وڃي، انهيءَ خط جي ڪاپي اي جي سنڌ کي پڻ اماڻي وئي آهي. ساڳئي وقت وڏي وزير پاران ڏنل هدايتن تي سي ايم انسپيڪشن ٽيم تعليم کاتي کي گذريل ڏينهن هڪ خط لکي اسڪينڊل جو ضروري رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊائريڪٽر سنڌ گهنور خان لغاريءَ ان جي تصديق ڪئي ته تعليم کاتي پاران ليڪچرارن جي ڀرتيءَ واري اسڪينڊل جو اماڻيل ڪيس جاچ لاءِ وٽس پهچي ويو آهي. هن ٻڌايو آهي ته 28 ڊسمبر کان اسڪينڊل جي جاچ شروع ڪئي ويندي ۽ جلد کان جلد مڪمل ڪري ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان