[JUSTIFY]احساس هڪ ڪراڙو شخص پنهنجي 25 ساله پٽ سان ريل ۾ سفر ڪرڻ لاءِ چڙهيو، ريل هلڻ واري هئي، سڀ مسافر پنهنجن پنهنجن جڳهن تي اچي ويٺا، جيئن ئي ريل هلڻ شروع ڪيو ته نوجوان خوشي ۽ اتساهه سان ٻهڪڻ لڳو، هو دريءَ واري پاسي ويٺو هو. هن پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍي هلندڙ هوا کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ۽ ٻاهر ڏسي رڙ ڪري چوڻ لڳو؛ ” بابا بابا هو ڏس، وڻ پوئتي جي طرف ڊوڙن پيا“ ڪراڙي مشڪ آڻيندي پنهنجي پٽ جي احساسن تي خوش ٿيڻ لڳو. ان نوجوان جي پاسي ۾ زال ۽ مڙس پڻ ويٺا هئا جن هن ڇوڪري جي عجيب حرڪتن تي عجب ٿي کاڌو، ۽ 25 سالن جي نوجوان جي اهڙين ٻاراڙين حرڪتن تي مونجهارا ٿي ٿيا ... اوچتو نوجوان رڙ ڪئي؛ ” بابا بابا، هو ڏسو جانور ۽ هو تلاءَ ۽ هو مٿي آسمان جا ڪڪر ۽ هو جبل پڻ ريل سان گڏ ڊوڙون پيا پائن“ ڀرسان ويٺل زال مڙس کي مٺيان لڳڻ شروع ٿي، هاڻ مينهن پوڻ شروع ٿيو هو ۽ مينهن ڪڙيون نوجوان جي هٿن کي لڳي رهيون هيون، نوجوان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين، ” بابا بابا هي ڏس مينهن ٿو پوي ۽ منهنجي هٿ تي ٿڌاڻ ۽ آلاڻ پئي ٿئي“ زال مڙس کان برداشت نه ٿيو ۽ ڪراڙي کي چئي ڏنائون ته ؛ ” چاچا! تون پنهنجي پٽ کي ڊاڪٽر ڏي ڇو نه ٿو وٺين وڃين سندس دماغ جو علاج ڪرائين.؟ ڪراڙي جواب ڏنو؛ ” جي ها، اسين اڄ اسپتال مان ئي وريا وڃون پيا، اڄ ئي منهنجي پٽ کي نيون اکيون مليون آهن ۽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏسڻ جي لائق ٿيو آهي“[/JUSTIFY]
جواب: احساس پهرين ديد جو سبحان الله ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته الله تعالى انسان کي ڪيڏيون نه بي بها شيون عطا ڪيون آهن ۽ اسان کي پنهنجي انهن ڏنل قيمتي عضوون جي حفاظت ڪرڻ گهرجي سائين توهان جي ڪهاڻي جي ڪهاڻي مان هڪ سبق ملي ٿو بهترين شيئرنگ آهي سائين سدائين گڏ
جواب: احساس پهرين ديد جو جي ادا اهي احساس ڪو ڪو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو اسانجو احساس ته جنهن سان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪريون ٿا اهو سمجهي ئي ڪونه ٿو الله انکي سمجه ڏيندو ادا انهن احساسن تي ئي جيئون ٿا۔ من سمجهي پئي پر اها آهي دل جي ڳاله۔
جواب: احساس پهرين ديد جو ادا نثار سهڻو ۽ من موهيندڙ احساس آهي اوهان جي هن ڪهاڻيء ۾ الله اسان کي سڀ نعمتون ڏئي وڏا احسان ڪيا آهن