ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
گڏاپ ۾ اجتماعي شادين جي تقريب 25 گهوٽن لانئون لڌيون فقير سهراب جوکيو کي سينگاريو ويو هر طرف خوشي، سمورن گهوٽن ڪنوارن کي گڏيل طور لاڏن ۽ ڳوڙهن سان رخصت ڪيو ويو. تفصيل موجب ملير جي يوسي گڏاپ ۾ گڏاپ ڊولپمينٽ سوشل آرگنائيزيشن ۽ نسرين شير عالم فائونڊيشن جي گڏيل سهڪار سان فقير سهراب جوکيو ڳوٺ ۾ اجتماعي شادين جي هڪ رنگا رنگ تقريب ٿي، انهي تقريب دوران سهراب جوکيو ڳوٺ کي سينگاريو ويو، تقريب ۾ ملير جي مک سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کان سواءِ ڪراچي شهر کان آيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات الله پاڪ جي نالي سان ٿي ان موقعي تي 25 گهوٽن کي گڏ ويهاري سندن اجتماعي نڪاح پڙهايو ويو، بعد ۾ گهوٽن کي ڪنوارين وٽ مدرسي جي لان ۾ آندو ويو، جتي عورتن سنڌي رسم رواج مطابق سندن رسمون ادا ڪيون ۽ شام جو کين لاڏن ۽ ڳوڙهن سان گهوٽ ڪنوارين کي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن رخصت ڪيو ويو. ان موقعي تي گڏاپ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي اڳواڻن ظفر حميد بلوچ، فقير پانڌي جوکيو ٻڌايو ته اسان کي هي نيڪ ڪم ڪري ذهني سڪون ملي رهيو آهي. ان موقعي تي گهوٽ ڪنوار کي 10 هزار روڪ، هڪ سائيڪل، الماڙي، سلائي مشين، چار جوڙا ڪپڙا، چپل، پلنگ، هنڌ بسترن سميت لڳ ڀڳ 50 هزار جو سامان ڏنو ويو، گهوٽن جو تعلق يوسي گڏاپ ۽ يوسي سونگل سان هو، جيڪي جوکيا، رند، گوندر ۽ گبول هئا
روزانه عبرت جي ٿورن سان