• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي، ٽيم ۾ وڌيڪ ميمبر شامل، رائو انوار تي ڏوهارين جي

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
وفاقي گهرو وزارت بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم ۾ وڌيڪ ميمبر شامل ڪيا آهن. جاچ جي عمل ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي، ذريعن موجب وفاقي گهرو وزارت بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ ۾ وڌيڪ ميمبرن جي شموليت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. جاچ ٽيم ۾ ڊي آءِ جي اسلام آباد بن يامين ۽ ڪراچي جي ايس پي رائو انوار کي شامل ڪيو ويو آهي، ٽيم ۾ ايم آءِ آءِ ايس آءِ، آءِ بي ۽ سي آءِ اي جو هڪ هڪ عهديدار شامل ڪيو ويو آهي، جاچ ٽيم اسپيشل انويسٽيگيشن گروپ جو سربراهه خالد قريشي سربراهي ڪري رهيو آهي، ٻئي طرف گرفتار ٿيل پوليس آفيسرن سعود عزيز ۽ خرم شهزاد سرڪاري موبائيل فون جون سمون جاچ ٽيم کي ڏئي ڇڏيون آهن، جڏهن ته سندن ذاتي موبائيل فون جون سمون جاچ ٽيم کي نه مليون، قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم کي 2007ع جو موبائيل فون رڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ٿي رهيون آهن.بينظير ڀٽو جي قل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم ۾ شامل ڪيل نئين ميمبر رائو انوار ڏوهارين جي سرپرستي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب لاهور پوليس رائو انوار جي گرفتاري لاءِ وارثن حاصل ڪري ورتا آهن، کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي، لاهور مان گرفتار ڪيل خطرناڪ ڏوهارين رائو انوار پاران سرپرستي ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، رائو انوار آصف علي زرداري تي تشدد واري ڪيس ۾ راڻا مقبول خلاف شاهد پڻ بڻيو هو

روزانه عبرت جي ٿورن سان
 
Back
Top