مائوزي تنگ جي ياد ۾ چيني قوم دنيا جي انهن قومن مان هڪ آهي، جنهن لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن اوهان ڏسو ته چيني بلڪل تباهه ٿي ويا آهن ته ان وقت به انهن کي مئل نه سمجهجو. مائوزيتنگ جهڙا ليڊر جنهن قوم کي ملندا اها قوم ڪڏهن به غفلت جي ننڊ سمهي نٿي سگهي. مائوزيتنگ هڪ ڳوٺاڻي هاريءَ جو پٽ هو. هو چين جي شهر چائوچان ۾ 26 ڊسمبر 1893ع ۾ ڄائو هو. ڪيترن ئي چيني ڪميونسٽ ليڊرن پنهنجو ڪجهه وقت فرانس ۽ ماسڪو ۾ گذاريو پر مائو پنهنجي ملڪ جي سياسي ماحول جي تبديليءَ وارا سڀ تجربا پنهنجي ملڪ ۾ ئي سفر ڪري حاصل ڪيا ۽ گهڻو وقت غريب عوام سان گڏ رهي گذاريو ۽ انهن جا مسئلا سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين. ان دور جي فلاسافر Yang Changji جي تجربي کان متاثر ٿي هن سياست ۾ پهريون قدم رکيو. پيڪنگ يونيورسٽيءَ ۾ مائو لائبريري اسسٽنٽ جي عهدي تي رهيو ۽ اتان جي چيف لائبريرين جي اثر هيٺ رهي هو مارڪسزم جو هم خيال ٿيو. 1920ع ۾ مائو کي Peasant Work Department جي چارج ڏني وئي، جنهن کانپوءِ هن ڳوٺاڻي طبقي جو جائزو ورتو ۽ هو ان نتيجي تي پهتو ته ڳوٺاڻا ئي چين ۾ تبديلي آڻي سگهن ٿا، بنسبت شهري عوام جي. مائو جي ان نظرئي تحت ماسڪو ۽ پارٽي ليڊرن جي وچ ۾ تضاد پيدا ٿيو. مائوزيتنگ پنهنجي ان نظرئي تي ثابت قدم رهيو ۽ هن پنهنجي ملڪ جي لاءِ جدوجهد ڪئي. 1921ع ۾ هي چائينز ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر ٿيو، جڏهن ته ان وقت مارڪسزم جي باري ۾ کيس گهٽ ڄاڻ هئي. مائو جا قول مشهور ٿيا، مغرب ۾ ان جي ڪتاب Little red book شهرت حاصل ڪئي، جڏهن ته هن جي ڪتاب Red treasure book پڻ شهرت حاصل ڪئي. ان ڪتاب ۾ سندس تقريرن ۽ مضمونن جا ننڍا حصا موجود آهن. مائو هڪ سٺو شاعر پڻ هو ۽ هن جي شاعريءَ ۾ چين جي تهذيب جو رنگ نمايان آهي. مائو جي شاعري ۽ لکڻين کي نه صرف چين پر ٻين ملڪن ۾به پڙهيو ويندو آهي. آمريڪا جي صدر اوباما پنهنجي صدارتي افتتاحي تقرير جي شروعات پڻ مائو جي نظم سان ڪئي. مائوزيتنگ پنهنجي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي نقشي کي پنهنجي تيز دماغ ۽ درست فيصلن سان تبديل ڪيو. مائو جي ان هوشياري ۽ وقتائتن فيصلن جي ڪري مها ڀاري جنگ جو نقشو تبديل ٿيو. مائوزيتنگ طرفان شروع ڪيل هتان جي هاري تحريڪ (Peasent movement of Hunan) سندس طرفان پهريون انقلابي قدم تصور ڪيو وڃي ٿو. مائوزيتنگ ڪيترن ئي مزدور تنظيمن جي اڳواڻي ڪئي ۽ انهن سڀني تحريڪن کي ان وقت جي حڪومت هٿان مڃتا ڏياري. اهڙين ڪاميابين کانپوءِ مائوزيتنگ کي ”بنيادي ڪارڪن“ Redical Activist جو لقب مليو. 2 سيپٽمبر 1976ع تي منجهند جو 5 وڳي مائو کي دل جو شديد دورو پيو، آهستي آهستي سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿيندي وئي. 5 سيپٽمبر تي مائو جي طبيعت وڌيڪ نازڪ ٿي وئي. 9 سيپٽمبر 1976ع تي دنيا جي عظيم ليڊر، جنهن نشي جي عادي چيني قوم ۾ انقلاب جو روح ڦوڪيو، هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. مائوزيتنگ جي وفات کي 34 سال گذرڻ باوجود اڄ به چيني قوم کيس خراج عقيدت پيش ڪندي سندس وفات واري ڏينهن عام ڏينهن کان وڌيڪ ڪلاڪ بغير معاوضي جي ڪم ڪندي آهي. ان ڏينهن چيني پيئڻ لاءِ ٿڌو پاڻي استعمال نه ڪندا آهن. جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان دنيا ۾ موٽر انجڻ سان هلندڙ گاڏيون تيار ڪندڙ قوم اڄ به سائيڪل تي سواري ڪري ٿي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي به غير ملڪي مدد جي آسري بدران پنهنجا محدود ذريعا استعمال ڪري پاڻ ۽ پنهنجي قوم جي مستقبل لاءِ پتوڙڻ گهرجي. ڀرٽ شاهنواز/ڄامشورو بشڪريه ڪاوش