سرڪش ۽ باغي ڪردارن جو شهر

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سرڪش ۽ باغي ڪردارن جو شهر

    تحرير : اشتياق انصاري



    [​IMG]

    [​IMG]

    [justify] لاڙڪاڻي شهر ۾ شام ڌاري، هوا خوريءَ لاءِ سندرا ٻڌي رهيو هيس ته اخلاق انصاري جو فون تي روئڻهارڪو آواز آيو، ”بينظير ڀٽو شهيد ٿي وئي آهي... مان هوٽل ۾ آهيان...شهر جا حالات خراب ٿيڻ شروع ٿيا آهن...“ لاڙڪاڻي شهر جا حالات خراب ٿيڻ جو ٻڌي ذهن ان وقت ڀٽو خاندان جي المناڪ شهادتن ۽ ٻين سياسي لاهن چاڙهن طرف هليو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت مهل 4 اپريل 1979ع تي اسان شاگرد هئاسين. ڀٽو صاحب جي شهادت جو ٻڌي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، هتان جو هر ماڻهو سڪتي ۾ اچي ويو هو. اسان وٽ ان دور ۾ خبرن جي حوالي سان ڀروسي وارو ذريعو رڳو بي بي سي ريڊيو هو. خاص ڪري جنرل ضياءَ جي ظلمن ۽ ڀٽو جي شيدائن جي وڙهه وڙهان ۽ هڻ وٺ جون خبرون ڏيڻ ڪري مارڪ ٽيلي عوام ۾ مقبول هو. بي بي سي تان ڀٽو جي ڦاسي جو ٻڌي ماڻهو وائڙا، ڏکارا ۽ ٻوڏاري ۾ اچي ويا. هنن کي خبر نه پي پئي ته اوچتو هي ”ڪهڙي قيامت اچي وئي“ سڄي لاڙڪاڻي کي ڄڻ ته راڪاس لتاڙي ويو هو. اهي راتيون اسان جاڳندي، بحث ڪندي، لڇندي ڦٿڪندي گذاريون هيون. اسان جي زندگي جو اهو پهريون گهرو غم هو، جنهن اسان جي کل خوشي واري ڪٽنب کي ڌوڏي وڌو هو. هونءَ به لاڙڪاڻي جي گهر گهر ۾ تڏو وڇايل هو. اسان جي گهر جي هر فرد جو ذهن به ٽچڪي پيو. بابا سائين انيس انصاري جو باشعور هجڻ، خبرون پابندي سان ٻڌڻ ڪري، اسان گهر ڀاتي به ملڪي حالات کان واقف رهندا هئاسين. ويتر شاگرد سياست ۾ جيل ۽ ٿاڻا ڏسڻ ڪري اڪثر مظاهرن ۾ به شريڪ ٿيندا هئاسين. ياد ٿو اچي ته ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن فيلڊ مارشل ايوب سان اختلافن بعد لاڙڪاڻي آيو هو ته شهر واسين هن ڪرشماتي شخص جو بي مثال آڌر ڀاءُ ڪيو هو. ڀٽو صاحب صوبيدار قادر بخش اعواڻ جي کليل شڪاري جيپ تي سوار هو. هن غريبن جي هڏ ڏوکي جي دکدائڪ شهادت اسان جي زندگي ۽ لاڙڪاڻي جي ماڻهن جو هڪ نه وسرندڙ غم هو. ڀٽو جي شهادت ڪري لاڙڪاڻي ۾ احتجاج، هڙتالون، روڊن تي عوام ۽ اهلڪارن جي وچ ۾ جنگاڻ متل هئي، سارو شهر فوج حوالي هو. ڏينهن جو ڪرفيو ۾ وقفي مهل ويتر جنگ ۾ اضافو ٿي ويندو هو. فوج لاڙڪاڻه اسٽيڊيم ۾ رهيل هئي. اتي راند لاءِ ايندڙ ٻارڙا جڏهن پويلين ۾ بيهي بي خوف پنهنجي پنهنجي انداز سان اهلڪارن اڳيان نفرت جو اظهار ڪندا هئا ته سنڌ جي ان اسرندڙ نسل تي فخر ٿيندو هو. عام شهري به ڪاوڙ ۽ نفرت ۾ پڄري پيو. ڪي سر ڦريا سنگينن جي پهري ۾ به موت جا آرزومند هئا. اهڙي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ واري ماحول ۾ انهن سرفروش ڪونڌرن کي سلام آهي، جيڪي ان قهري دور ۾ به پنهنجا سر نيزن تي کنيون گهمن پيا. مطلب ته هر سجاڳ ۽ باضمير ذهن آويءَ جيان دکي پيو.

    هونءَ به هن خطي جي کيتن ۾ هميشه سرڪش ۽ باغي سر پيدا ٿيندا رهيا آهن. خلافت تحريڪ دوران لاڙڪاڻي جو جان محمد جوڻيجو ماڻهن جي ريل ڀرائي افغانستان وڃي پهتو هو. پوءِ جهڙي نموني افغانن انهن کي ماري ڪٽي ۽ ڦري واپس ڪيو هو، افغانستان جي پهاڙن تي انهن سنڌين جا ڪريل رت ڦڙا اڄ به دانهين آهن. اهڙي طرح مختلف سياسي تحريڪن دوران حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جيڪي صعوبتون ۽ عقوبتون سٺيون، شهر جون گهٽيون ان جون گواهه آهن. اسان جي سانڀر ۾ ئي ٻولين وارن هنگامن به هن شهر کي لوڏي وڌو هو. شهر جي علم، ادب، راندين، ڪورٽ بار، واپار ۽ سماجي ڪمن تي اردو ڳالهائيندڙ ڇانيل هئا. ڪجهه پاڙن ۽ بازارن ۾ هنن جي اڪثريت ۽ ٻڌي هئڻ ڪري اسان انهن پاڙن ۾ گهٽ ويندا هئاسين. ٻولي وارن فسادن دوران انهن پاڙن جي مردن ته ٺهيو، پر عورتن به ڪوٺن تي بيهي هيٺ لنگهندڙن تي گرم پاڻي ۽ مرچ وغيره اڇلايا هئا. جنرل ضياءَ جي شروعاتي دور ۾ راهوڪي ۾ هاري ڪانفرنس بعد هتان جي نوجوانن حسين بخش ناريجو ۽ ادريس ميراڻي کي بدين ۾ کلي عام جڏهن هزارين ماڻهن جي سامهون ڦٽڪا هنيا ويا هئا ته هنن شاهه لطيف جا بيت جهونگاريندي ٽڪٽڪي سينگاري هئي. ايم آر ڊي تحريڪ دوران به ماڻهن جي دليري پنهنجي جاءِ تي، پر هتان جي ٽريڊ يونين جيڪي گرفتاريون پيش ڪيون هيون، ان مهل روس ۽ انڊيا جي ميڊيا تي رڙ پي پئي ته اها ننڍي کنڊ جي وڏي جدوجهد آهي. جنهن ۾ آمر جا ڇاڙتا گرفتاريون ڪري ٿڪجي پيا، پر مزدور نه جهڪيا، نه ٿڪيا. ان جو وڏو ڪردار حيدر جويو اڄ به اوچي ڳاٽ نظر اچي ٿو. اهڙي طرح شيرين سومرو ڪيس ۾ جڏهن حيدر شاهه ۽ قادر بخش جتوئي کي ضياءَ جي حڪومت ڦاسي جو اعلان ڪيو هو ته ان ڏينهن لاڙڪاڻي جي ڪنهن به گهر ڌياڻيءَ چلهه نه ٻاري هئي. ماڻهن اهڙو ته ڀرپور دانهيون هو جو نه چاهيندي به جنرل کي اها سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻي پئي.

    هن درد جي واديءَ جي گهرن ۾ ماتم ۽ مرثيو وري ان مهل برپا ٿيو. جڏهن شاهنواز ڀٽو جو مڙهه فرانس مان سندس بهادر ڀيڻ بينظير ڀٽو کڻائي آئي هئي. اسٽيڊيم ۾ جنازي نماز بعد هتان جي ماڻهن شهزادي شاهنواز جو جنازو ڪلهن تي کڻي وڃي شهيد پيءُ ڀرسان دفن ڪيو هو. ان ڏينهن تي هتان جو پکي پکڻ ۽ وڻ ٽڻ به رُنو هو. هن باغي شهر جي هر ٽهي خوشيون گهٽ، ڏک ۽ ڏنڀ گهڻا سٺا آهن. هي شهر آشوب ڄڻ ملڪ جو آتش فشان آهي، جيڪو وقفي وقفي سان ڦاٽي ٿو. بقول بينظير ڀٽو ”تم ڪتني ڀٽو مارو گي، هر گهر سي ڀٽو نڪلي گا“ واقعي مسلسل حادثن، ڪرفيو ۽ لانگ بوٽن جي ٿڏن ڪري هتان جي عام ماڻهو جو شعور به هماليه جي بلندين کي ڇهي ٿو.
    هن ڏات نگر جي گهٽين ۾ وري هاءِ گهوڙا ان وقت ٻڌڻ ۾ آئي، جڏهن 1996ع ۾ مرتضيٰ ڀٽو کي ڪراچي ۾ ستر ڪلفٽن وٽ شهيد ڪيو ويو. مرتضيٰ ڀٽو ڪيترائي سال ٻاهرين ملڪن ۾ دربدر رهڻ بعد واپس اچي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. ساري ملڪ مان هتان جي ماڻهن ئي هن واچوڙي جهڙي شخص جي بهادري ۽ قرباني ڏسي کيس مٿي تي موڙ ٻڌي اسيمبلي ۾ پهچايو هو. مير مرتضيٰ جي شهادت مهل وري هي وستي واسي پنهنجي مٿي ۾ ڌوڙ وجهندا، روڄ راڙو ڪندا، هن گهوٽ اڻ موٽ جا ڪانڌي بڻيا هئا.
    منهنجو ڳڙهي خدا بخش وڃڻ ٿيو هو. اتي هنن فرض جو قرض لاهيندڙن جون قبرون ڏسي مون سوچيو هو ته، هي راجا، مهاراجا ۽ شهزادن جيان سون جي چمچن ۾ کائيندڙ ۽ لاڏ ڪوڏ سان پلجندڙ سنڌي ناحق ڦوهه جواني ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويا. هنن جو وڏو قصور اهو هيو ته هنن عوام کي سياسي شعور ڏنو، سندن حقن جي ڳالهه ڪئي، عوام جي ويجهو آيا. ماڻهن جي غم ۽ خوشيءَ ۾ شريڪ رهيا، هنن صرف پاڻ لاءِ نه سوچيو. حالانڪه کين دنيا جو هر عيش آرام هيو. دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ عاليشان ۽ بي غم زندگي گذاري سگهن پيا. پر پوءِ هر دفعي هي خوددار جلاوطني ختم ڪري مسڪينن جا اچي رهبر پيا ٿين. هو چاهن ها ته ٻين نام نهاد سياستدانن جيان بيوروڪريسي سان ساٿ ڏئي ملڪ جون صدارتون ۽ وزارتون ماڻي پي سگهيا، پر هو جمهوري طريقو استعمال ڪري، عوام جي در در وڃي سندن ڪڙو کڙڪائي اقتدار جي ايوانن تائين پهچن پيا. هنن غيرتمند سنڌين جي رت ۽ تلوار جي راند ڏسي سچ پچ ڀٽو خاندان لاءِ احترام وڌي ويو. مان دلي طور آلين اکين سان کين سلام پيش ڪريان ٿو.

    مون بينظير ڀٽو کي ويجهو کان گلگت-اسڪردو جي پهاڙن تي دنيا جي بلند ترين پولو جي ميدان تي ڏٺو هو. ان وقت محترمه مانائتي ۽ پروقار لڳي رهي هئي. مون اتي پولو جي رانديگرن ۾ انعام ورهائڻ مهل هن سنڌ راڻي جا ڪيترائي فوٽو ڪڍيا هئا. بهرحال انهيءَ ڏينهن بينظير ڀٽو جي شهادت جي خبر ٻڌڻ سان ساري ملڪ جيان لاڙڪاڻي ۾ وري موت جي مند موٽي آئي هئي. ماڻهو دڪان بند ڪري ڀڳا هئا، جيڪا شيءِ جتي هئي، اتي بيهجي وئي، ڪنهن به سواري کي وڌيڪ چرڻ جو موقعو نه مليو. بسون، ڪارون، ريلون رڪجي ويون. مڇريل ماڻهن دڪانن، گاڏين، بينڪن کي ساڙڻ شروع ڪيو هو. سرڪاري عمارتون شعلن ۾ تبديل ٿي رهيون هيون، چئوطرف فائرنگ جا ڌڌڪا ۽ باهه جي بارش هئي. ان ڏينهن وري قوم جي تقدير بدلائيندڙ هڪ سرڪش سر کي ڪوريو ويو هو. هن بيداد نگري ۾ وري ڪنهن مسڪين ماروئڙن لاءِ پنهنجي خون سان سرت ۽ ساڃاهه جا گل پوکڻ چاهيا هئا. ان جرم جي پاداش ۾ هڪ ئي خاندان جو هي چوٿون خون، سنڌ جي تاريخ جو وڏو الميو آهي. سنڌي قوم جي روح تي لڳل اهو گهرو گهاءُ ڪڏهن به نه ڀربو.[/justify]

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سرڪش ۽ باغي ڪردارن جو شهر

    [justify]سائين محترم وساڻ، رب توکي وڏي حياتي ڏي ۔۔۔ اشتياق انصاري نه فقط اسان دوستن جو استاد هو بلڪه اسانجو محترم ۽ هڏ ڏوکي به هيو، لاڙڪاڻي جي اها روئداد جيڪا سائين اشتياق لکي آهي تنهنجو شاهد آ آهيان، ان تنور ۾ آ پڻ پچي راس ٿيو آهيان، ڀٽي صاحب جي ڦاسي کان وٺي ايم آر ڊي جي تحريڪ تائين ۽ شاهنواز جي مرڻ کان مرتضا جي شهادت تائين، ها ڀيڻ بينظير جي شهادت وقت آ هت پرديس ۾ هيس ۔۔۔ آ نه فقط شاهد آهيان پر ان باهه ۾ سڙيو ۽ ڪڙهيو به آهيان ۔۔۔

    لاڙڪاڻي لا چيو ويندو آهي ”ساه سباڻو” ها ڪيئن نه هجي ساهه سباڻو، سنڌ کي هيرا جو پئدا ڪري ڏيندو آهي، لاڙڪاڻو جان ڏيڻ وارن جو شهر به آهي ته ساڳي جا تي سنڌ جي سونهن به آهي ۔۔۔ اميد ٿا ڪريون ته هاڻ وري به سنڌ مان ۽ خاص طور لاڙڪاڻي مان اهڙا سورهيه پئدا ٿين جيڪي سنڌ جو شان ٿين ۔۔۔ اسان جا اهي مٿيان سڀ ڪردار پاڪستان جي نالي ۾ شهيد ٿيا آهن ۔۔۔ دعا آهي ته هن دفعي ڪو اهڙو سورهيه پئدا ٿئي جو سنڌ لا شهيد ٿئي ۔۔۔

    اي رب سنڌ کي تو ڏاهن ۽ سورهيه ماڻهن جي ڌرتي ڪري منتخب ڪيو آهي ته هاڻ به نماڻو عرض آهي ته اسان مان اسانجو ئي ڪو ڏاهو پئدا ڪر جيڪو ڇوٽڪاري جو سبب ٿئي ۔۔۔ يارب ۔۔۔آمين


    روئي روئبو ڪيترو ۔۔۔ اچو ته وچن ڪريون ته سنڌ جي آجپي واري ويڙه ۾ پاڻ ملهائينداسون، اهو ئي انتقام آهي ۔۔۔ اهو ئي بدلو ۽ اهو ئي ڇوٽڪارو ۔۔۔

    رب سڀني شهيدن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو