شهيد بينظير ڀٽو- ڀٽائيءَ جي اٺين سورمي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شهيد بينظير ڀٽو- ڀٽائيءَ جي اٺين سورمي

    عاجز جمالي​


    [​IMG]

    [JUSTIFY]شهيد بينظير جي وڇوڙي کي ٽي سال پورا ٿيا، هِن مُلڪ جا ڪروڙين ماڻهو اڃا تائين ذهني طور تي بينظير ڀٽو جي ”نه هجڻ“ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ائين لڳي پيو ته ڪنهن آمر جابر جي ظلم ۽ جبر خلاف وڙهندي وڙهندي هُوءَ وري جلاوطن ٿي وئي هُجي. ائين ٿو لڳي ته جلاوطني ختم ڪري هُوءَ ٻيهر ارڙهين آڪٽوبر تي وطن ورندي. ڪراچي ايئرپورٽ تي ٻيهر لکين ماڻهو گڏ ٿيندا. ڪراچيءَ جي شاهراهه فيصل وري ماڻهن جي سمنڊ سان ڀرجي ويندي. ڪارساز تي وري کيس بم ڌماڪن سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ ٻرندڙ شعلن مان کيس جان نثار ٻاهر ڪڍي کيس بلاول هائوس پهچائيندا، جتي محترمه پهچي سڀ کان پهرين بلاول، بختاور ۽ آصفه کي فون ڪري دلاسو ڏيندي ۽ پوءِ پنهنجي ور آصف علي زرداريءَ جو فون ٻڌندي. ٻئي ڏينهن بلاول هائوس ۾ شهيدن جي وارثن کي خطاب ڪندي ۽ اوچتو بلاول هائوس مان نڪري جناح اسپتال پهچندي. زخمي ڪارڪنن کان طبيعت پڇندي.

    خواب وانگر گذري ويل اهي منظر اکين منجهه ئي رهجي ويا ۽ دل جي حساسيت هنن منظرن کي سوارڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه دل 27هين ڊسمبر جي ان شام کي مڃڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن گُلن جا هار پائي شهيد راڻي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ اسٽيج تي چڙهي نعرا هڻندي هيٺ لٿي ۽ نعرا هڻندي گاڏيءَ تي چڙهي. ائين پيو لڳي ته جلاوطني ختم ڪري محترمه وري ايندي.

    رات آئي وئي، تون نه آئين ڪهي
    ماڪ ۾ مينڌرا ڪاڪ روئندي رهي.​


    شهيد بينظير ڀٽو کي 18هين آڪٽوبر 2007ع کان وٺي 27هين ڊسمبر 2007ع تائين هڪ صحافي ناطي ڏاڍي ويجهڙائپ سان ڏٺو- ٻڌو، سوال پڇيا. گذريل ٽن سالن ۾ سندس شخصيت جي ڪيترن ئي پهلوئن تي لکيو. ڪڏهن به مان پيپلز پارٽيءَ جو شعوري ڪارڪن ڪونه رهيس. ٻاراڻي وهيءَ ۾ جيئي ڀٽو جو نعرو ٻڌو ۽ ٻين ٻارڙن سان گڏجي هي نعرو هنيو. ٻانڌي شهر ۾ (ضلعو نوابشاهه، هاڻوڪو بينظيرآباد) ذوالفقار علي ڀٽو جو هڪ جلوس مس ياد اچي ٿو. جڏهن کيس حاڪم علي زرداريءَ جي حمايت ڪندي ٻڌو. نوابشاهه جو سيد خاندان ڀٽو مخالف گروپ هُئو. تڏهن اسين پنهنجي ڳوٺ ۾ وڏڙن کان ٻڌو- ”سِر سيد جو ووٽ ڀُٽي جو“ يا ”جيئي ڀٽو ڏاندن جو جوڙو ئي ڇُٽو“- هي عام قسم جي ماڻهن ٻهراڙين ۾ نعرا تخليق ڪيا هُئا. ان کان پوءِ اسان کي 1977ع جي اسڪولي زمانو ياد اچي پيو. جڏهن اسين نَوَ ستارن خلاف نعرا هڻندا هُئاسين. (نو ستاره پي اين اي جو نشان هُئا يا جهنڊي تي هُئا، شايد پاڪستان قومي اتحاد ۾ 9 پارٽيون هُيون) مون کي 5 جولاءِ 1977ع جي اها ڪاري رات چڱي ريت ياد آهي، جڏهن مان پنهنجي والدين سان گڏ سعودي عرب عمره ويزا تي وڃي رهيو هُئس. ڪراچي ايئرپورٽ تي اسان کي ٻڌايو ويو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ٿي وئي. اسان جي چاچا هڪ جملو اچي ٻڌايو، جيڪو اڄ تائين منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي. هُو ٻهراڙيءَ جو هڪ عام اڻ پڙهيل ماڻهو جيڪو ٿڌا شوڪارا ڀري رهيو هُئو. افسوس ڪري رهيو هو ته ڀٽو صاحب جي حڪومت ختم ٿي وئي ۽ اسان کي اڄ مُهاجر چون پيا ته ”سنڌيو اب تمهارا ڀٽو گيا“. هن زماني ۾ مان پنج درجا پرائمري پاس ڪري چُڪو هوس. سعودي عرب ته نه وڃي سگهياسين، پر مُلڪ ۾ سياسي اُٿل پٿل تيز ٿي. پر اسان کي ان جي ايڏي ساڃهه نه هُئي. جنرل ضياءَ جي مارشل لا لڳي چُڪي هئي. بس ايتري ڳالهه سمجهه ۾ ايندي هُئي ته فوج اچي وئي. هاڻي حڪومت فوج ڪندي- اسلامي نظام ايندا. چوري ڪندڙ جي ٻانهن ڪٽي ويندي. ماڻهن کي ڪوڙا هنيا ويندا. گهر جون مايون چونديون هُيون، هاڻي مولوين جي حڪومت اچي وئي آهي. تڏهن اسان ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرواري بيگم نصرت ڀٽو ۽ سندس ڌيءَ بينظير ڀٽو جو نالو ٻڌو، پر ان کان پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو اچي ٿو جو هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻار جي ذهن کي تبديل ڪري ڇڏي ٿو. نواب شاهه جي ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ اسين پنهنجي والد سان خريداري ڪري رهيا هُئاسين. صبح 11 وڳي بازار ۾ خوشيءَ جي لهر ڇائنجي وئي. اردو ڳالهائيندڙ دوڪاندار تاڙيون وڄائي رهيا هئا. خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيا هئا. ريڊيو تي خبر اچي وئي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل جي ڪيس ۾ ڦاهي ڏني وئي. هي 4 اپريل 1979ع جو ڏهاڙو هُئو. مارڪيٽ ۾ مٺائي ورهائي وئي. اسان جي والد (مرحوم) ٻهراڙيءَ جي عام ماڻهوءَ کي به ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هُو دوڪاندارن کي گاريون ڏيڻ لڳو ۽ اسين ريل گاڏيءَ ۾ ويهي واپس ٻانڌي پهتاسين، جتي پڻ اردو ڳالهائيندڙ جماعت اسلامي جا ڪارڪن مٺايون ورهائي رهيا هُئا. (منهنجي ذهن ۾ ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين جماعت اسلاميءَ لاءِ ڪروڌ آهي، جيڪا اڄ تائين ختم نه ٿي سگهيو آهي).

    تڏهن کان وٺي ”بينظير ڀٽو“ هڪ بهادر نياڻيءَ جي حيثيت ۾ هڪ آئيڊيل ڪردار جي صورت ۾ رهي، پر تڏهن به مان سپاف جو ڪارڪن ڪونه هوس. اسان جي شهر جو سرگرم ڪارڪن ”نصرالله جمالي“ تڏهن اڪثر جيل ويندو رهندو هو ۽ رحيم بخش جمالي (جيڪو بعد ۾ ايم پي اي بڻيو هُو، 1988ع ۾ ۽ مشهور فوزيه ڀٽو ڪيس جو ملزم بڻيو) هي نوجوان ڪردار هُئا. ڪجهه بروهي نوجوان سرگرم هُئا. تاريخ جا پنهنجا چڪر آهن. 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ته اسين خضدار بلوچستان ۾ رهندا هُئاسين. ايم آر ڊي ۾ جمعيت علماءِ اسلام شريڪ هُئي، ان ڪري خضدار مان جمعيت علماءِ اسلام جا مولوي گرفتار ٿيندي ڏٺا. بعد ۾ جنرل ضياءَ جي بدترين آمريت ۽ ريفرينڊم جو زمانو جوهيءَ ۾ ڏٺو. اتان کان شاگرد سياست ۽ سماجي ڪمن جو عملي ڪم شروع ٿيو ۽ ترقي پسند سياست سان واسطو پيو. ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو حصو بڻجڻ جي باوجود جڏهن 1986ع ۾ بينظير ڀٽو جو لاهور ۾ تاريخي جلسو ٿيو ۽ بعد ۾ جڏهن هوءَ ڪراچي پهتي ته اسين چندا ڪري سندس ڪراچي جي جلسي ۾ پهتاسين.

    هڪ دفعي محترمه جو خالي جلوس جوهيءَ مان گذريو ۽ هُن گاڏيءَ تي چڙهي نعرن جي جواب ۾ هٿ لوڏيا ته هزارين ماڻهو ڪيترائي ڪلوميٽر گاڏيءَ سان گڏ ڊوڙي رهيا هئا. تڏهن مخدوم خليق الزمان گاڏي هلائيندو هو ۽ هُو پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر هو. سندس 1986ع ۾ ٻيهر ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ته مان گرفتار ٿي سينٽرل جيل پهچي چُڪو هئس. ڊي ايس ايف جو تڏهوڪو ضلعي صدر خادم ٿهيم ۽ مان جوهيءَ مان گرفتار ٿياسين. ان کان پوءِ سندس 1988ع جي حڪومت 1990ع تائين ۽ ٻيهر 1993ع کان وٺي 1996ع تائين ڏٺيون. 1992ع کان ڪراچيءَ ۾ عملي صحافت شروع ڪئي ۽ 1993ع کان وٺي 1996ع جو عرصو سنڌي اخبار جي رپورٽنگ ۾ هُجڻ سبب ويجهڙائپ کان ڏٺو. هي ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جو زمانو هُئو. آپريشن جيڪو اصل ۾ ايم ڪيو ايم خلاف 19 جون 1992ع تي شروع ٿيو. تڏهن نواز شريف مُلڪ جو وزيراعظم هُو ۽ ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ شامل هُئي، پر 1993ع ۾ جڏهن عام چونڊون ٿيون ته پيپلز پارٽي کٽي آئي، پر دهشتگردي جاري هُئي. عبدالله شاهه (مرحوم) تڏهن وڏو وزير هُئو ۽ نصرالله بابر گهرو وزير هو. جيڪو آپريشن جي نگراني ڪندو هُو. هن سڄي عرصي ۾ محترمه جون جيتريون پريس ڪانفرنسون ٿيون- پروگرام ٿيا. بلاول هائوس ۾ سرگرميون ٿيون، انهن ۾ اڪثر مان حاضر رهيو آهيان. مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سرڪار ختم ٿي. محترمه ۽ سندس ور خلاف نواز شريف ڪيترائي ڪيس ٺاهيا. آصف زرداري جيل ۾ هو ۽ محترمه بلاول ۽ بختاور کي وٺي سينٽرل جيل يا سٽي ڪورٽ ۾ ايندي هُئي. ڪجهه اخبار وارا ريگيولر ويندا هُئا، جن ۾ مان به شريڪ هُئس. تڏهن سٽي ڪورٽ ۾ آصف علي زرداريءَ کان هڪ ننڍڙو انٽرويو ڪيو هُو. زرداري سان ملاقات ڪندڙ ماڻهن جي تمام وڏي ڊگهي لسٽ هوندي هُئي. خاص ڪري جنهن ڏينهن کيس بڪتر بند گاڏيءَ ۾ ويهاري ڪورٽ آندو ويندو هو. تمام وڏو انگ ماڻهن جو آصف زرداري جي ملاقات لاءِ ايندو هُو، جنهن سبب بعد ۾ ڪيس جيل جي اندر هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙي ريت محترمه جي جلاوطنيءَ جو زمانو شروع ٿيو ۽ ٻيهر 18هين آڪٽوبر 2007ع کان وٺي 21 ڊسمبر 2007ع تائين کيس ڏٺو. هنن ڏهاڙن بابت ٽي سال اڳ عبرت ۾ تفصيلي لکي چُڪو آهيان. ڳالهين جو ورجاءُ مناسب ناهي، پر هن ڀيري هِن سرزمين تي بلڪل هڪ الڳ بينظير آئي هئي. مهاڏو اٽڪائيندڙ بينظير. نومبر ۾ مشرف طرفان ايمرجنسي لڳڻ کان پوءِ صحافين جو احتجاج شروع ٿيو. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻه سئو کن صحافي احتجاج ڪندي گرفتار ٿيا. پريس ڪلب آڏو لاٺي چارج ۾ مان شديد زخمي ٿي جناح اسپتال ۾ داخل هوس. رات جو شازيه مري فون ڪري ٻڌايو ته محترمه اوهان جي پڇا ڪئي ۽ اوهان جي همت کي سلام چيا اٿس. گرفتار ٿي ٿاڻي پهتل صحافين لاءِ محترمه پاران شيري رحمان ۽ ٻيا اڳواڻ کاڌي پيتي جون شيون کڻي آيا هئا.

    سڀ يادون آهن، جيڪي سهيڙي رهيو آهيان. محترمه بينظير ڀٽو جي آٽو بايوگرافي لکندڙ سنڌ مدرسي جو پرنسپل محمد علي شيخ ڪجهه ڏينهن اڳ مليو. هُو ٻڌائي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي عورت جي بهادري کي آڏو رکي جيڪي ”ست سورميون“ ظاهر ڪيون بينظير ڀٽو ۾ اُهي سڀ خوبيون هيون. هن موڙ تي مون کي اِهو خيال آيو ته جيڪڏهن بينظير، ڀٽائيءَ جي دور جي سورمي هُجي ها يا ڀٽائي بينظير جي دور جو شاعر هُجي ها ته لطيف سائين اٺ سورميون لکي ها، جن ۾ سسئي، سهڻي، مارئي، سورٺ، مومل، ليلان ۽ مومل وانگر بينظير ڀٽو اٺين سورمي هُجي ها. جيتوڻيڪ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون سورميون بهادري، محبت، وفا، عقل، وطن پرستيءَ جون علامت هُيون، پر بينطير ڀٽو کي ته وفا، وطن پرستي، عوام دوستي، محب وطني ۽ سچائي سبب شهيد ڪيو ويو. شهيد بينظير ڀٽو اڄ اسان جي شعور ۽ فهم کي ان لاءِ هر وقت ڇُهي رهي آهي، جو هوءَ هن سڄي خطي ۾ عظيم بهادر سياسي اڳواڻ، دانشور ۽ باهمت نياڻيءَ جي روپ ۾ اسان کان الڳ ٿي وئي. سندس علم، دانش ۽ سياسي ساڃاهه جو رستو يا سندس مشن ايڏو وسيع آهي. جيڪڏهن ان تي ريسرچ ڪجي ته گهڻو ڪجهه حاصل ٿيندو، پر صرف ”سياسي قيادت“ جي هڪ نقطي ۾ به کيس ڏسون ته اڄ اسان جو مُلڪ هڪ وڏي عالمي سطح جي ليڊرشپ کان محروم ٿي وئي آهي. بلڪه اسلامي ملڪن جي بلاڪ وٽ اهڙي ليڊرشپ موجود ناهي. ذوالفقار علي ڀٽو وانگر شهيد بينظير ڀٽو به هن خطي ۾ سياست جا نوان اصول جوڙي نوان رستا ٺاهي وٺي آهي. سڄي حياتي سندس علم، دانش ۽ روحانيت بابت لکجي ته گهٽ هوندو. مان ڪڏهن به سندس سياسي ۽ سرڪاري ڊسيپلين ۾ رهڻ کان پاسو ڪيو. مٿي ذڪر ڪيو ته مان ڪڏهن به پيپلز پارٽيءَ جو ڪارڪن ڪونه رهيو آهيان. سندس حڪومت تي تنقيد به ڪندو رهيو هوندس، جڏهن سندس سرڪار غلط فيصلا ڪيا هوندا. پر سنڌ جي هڪ صحافي ناطي محترمه جي سياست، سرڪار ۽ سندس حياتيءَ جي مختلف پهلوئن بابت پنهنجي صحافتي زندگيءَ جي ارڙهن سالن ۾ سوين مضمون يا ڪالم لکيا هوندا. پر هي سٽون لکڻ وقت کوڙ نيون ڳالهيون لکي ويس. جڏهن هي سٽون ڇپجي چُڪيون هونديون ته مون کان محترمه بابت کوڙ ڳالهيون رهجي ويون هونديون. مون کي شهيد محترمه جا ٽي دور نظر اچن پيا. 1977ع کان 1987ع تائين جدوجهد، 1988ع کان وٺي 1996ع تائين حڪومت، مخالف ڌر وري حڪومت ۽ آخر ۾ جلاوطني. سندس جلاوطني خود هڪ الڳ دور آهي. پر سندس ٽيون دور ڏاڍو مختصر آهي، جيڪو 18هين آڪٽوبر 2007ع کان وٺي 27 ڊسمبر 2007ع تائين جو آهي. پر اهي آخري 70 ڏهاڙا پاڪستان جي سياسي تاريخ لوڏيندڙ ڏهاڙا آهن. پاڪستان جي تاريخ ۾ واڌارو باب لکڻ لاءِ شايد بينظير اسان وٽ ڪڏهن به ڪانه ايندي، پر سياست جا شاگرد محترمه بينظير ڀٽو جي سڄي حياتيءَ تي ريسرچ ڪري سندس زندگيءَ جا ڪي نوان رخ دريافت ڪري سگهن ٿا. سندس آخري ڪتاب به گهڻو ڪجهه بيان ڪري ”مغرب، جمهوريت ۽ مفاهمت“ ڪتاب تي پڻ ريسرچ جي ضرورت آهي ۽ ان کي پڙهي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شهيد محترمه جي قتل ۾ عالمي قوتن کي ڪڏهن به رد نه ٿو ڪري سگهجي. بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ جنرل مشرف ۽ بيت الله محسود مُهرا بڻجي استعمال ٿيا هوندا. پر عوامي سگهه رکندڙ ليڊر شپ کي قبول نه ڪندڙ عالمي سامراجي قوتون پڻ بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ ملوث آهن، جيڪي اسلام آباد پوليس آفيسرن جي گرفتارين ۽ هيٺين سطح جي جاچ کان گهڻو مٿي آهن. عالمي سازشي ڌريون جيڪي پاتال ۾ رهندا آهن. انهن کان بينظير ڀٽو جو پلاند ڪير ڪندو؟[/JUSTIFY]

    aajizjamali100@yahoo.com

    روزانه عبرت جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شهيد بينظير ڀٽو- ڀٽائيءَ جي اٺين سورمي

    ڀيڻ جو ڏهاڙو آهي ۔۔۔ محترمه کي اسانجو سرخ سلام

    اهي مٿيان لفظ مارن ٿا جو ڀيڻ جي قاتل کي سلاميون ڏئي الوداع ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪجهه پنهنجا ته ڪجهه پراوا شامل هئا ۔۔۔

    ڪجهه پرڏيهي آقا ته ڪجهه پاڪستاني آقا ته ڪجهه ۔۔۔؟ پر اسين آهيون ويچارا سي ته ويچارا ئي رهنداسون ۔۔۔

    رب العالمين ڀيڻ بينظير کي جنت الفدردوس عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو