سنڌ ۾ پرائمري تعليم جي تباهي ۽ پرائمري استاد جو ڪردار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ ۾ پرائمري تعليم جي تباهي ۽ پرائمري استاد جو ڪردار​

    [​IMG]
    سنڌ جي تعليم تباهه ٿي چڪي آهي. اها ڳالهه سنڌ جي مستقبل لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي. صورتحال اڃا به مايوس ڪُن ٿي ٿئي، جڏهن ارباب اختيار پنهنجي بي وسي ظاهر ڪن ٿا ۽ پاڻ کي ان ڳالهه کان آجا سمجهن ٿا، ۔
    چيو ويندو آهي ته ڪنهن به قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان جي تعليم تباهه ڪيو ۽ تعليمي نظام جو بنياد پرائمري تعليم آهي ۽ اسان وٽ پرائمري تعليم مڪمل تباهه آهي
    . استاد گهڻي ڀاڱي اڻڄاڻ، غير تربيت يافته، گهٽ پڙهيل ڊيوٽي چور، ۽ محدود سوچ رکندڙ هوندا آهن. سياسي مداخلت، سفارش، اقرباپروري، رشوت ۽ نااهلي، ڊيوٽي چوري، سنڌ جو تعليمي ڍانچو تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، (جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي، مگر پوء به واڪا ڪرڻ نه ڇڏجن ۽ پنهنجي دانهن ڪوڪ هلندي رهي ته بهتر آهي۔ ) . جيستائين پرائمري تعليم جو معيار بهتر نه ٿيندو، تيسيتائين سنڌ ۾ تعليمي بهتري ناممڪن آهي. مگر سوال آهي ته پرائمري تعليم ڇو بهتر نٿي ٿئي؟ ۽ ڇا ڪجي جو پرائمري تعليم بهتر ٿئي؟ اسان جي تعليم بهتر ٿئي ۽ سنڌ جو مستقبل روشن ٿئي، ۽ سنڌ، سنڌ جو عوام ترقي ڪري۔ ( دعا آهي ته الله ڪري ائين ٿئي۔)
    تعليم جي شعبن کي سڌارڻ وارو ڪم ڪو آسان ۽ معمولي ناهي، پر ناممڪن به نه آهي۔ هون به جنهن شيء کي خراب ٿيڻ ۾ سال لڳا هجن ته ان کي صحيح ڪرڻ ۾ به سال لڳندا، ۽ ان لاء سخت محنت ۽ ڪوشش جي ضرورت آهي۔ سنڌ ۾ اٽڪل پنجويهه ٽيهه سالن کان هن شعبي ۾ زبردست زوال پذيري نظر آئي آهي ۽ ان کي سڌارڻ لاءِ سخت محنت، ڪوشش ۽ حڪمتِ عملين جي ضرورت آهي (مگر ان کي صحيح ڪرڻ لاء اڳتي اچي ڪير، استاد پاڻ ته سڄو وقت صرف پنهنجي پگهار وڌڻ ۽ پنهنجي مفادن جي فڪر ۾ گذاري ٿا ڇڏين، ( يا وري جيڪي ماستر ماستري جي نوڪري لاء آفيسرن کي رشوت جو پيئسو ڏئي ڪري نوڪري ۾ اچن ٿا ته اهي ماستر اهي پنهنجا پيئسا وصول ڪرڻ لاء هو ڊيوٽي نه ڪري ۽ ڪجهه پيئسا ڏئي ڪري ويزا سسٽم تي وڃي ڪري پنهنجو ڪو ٻيو ڌنڌو ۽ ڪم ڪار ڪن ٿا، ( جنهن ۾ ڪي ته مون پاڻ ڏٺا آهن ته ڪيترا ماستر ميڊيڪل ريپ جي نوڪري به ڪري رهيا آهن ۽ هوڏانهن فري جي گهر ويٺي پگهار به کڻي رهيا آهن ) جيڪو ڪم اڄڪلهه عام جام آهي ۽ ان کي ڪير به ( اهي ڊيوٽي چور ماستر يا اهڙو ذهن رکندڙ ماڻهون ) غلظ نه ٿو سمجهي، ۽ ان کي پنهنجو حق ٿا سمجهن۔جڏهن ته آفيسر وري انهن جي ڊيوٽي چوري ۾ پاڻ به ٻڌل ۽ ٻٽ آهن ۽ انهيء ويزا سسٽم جي ذريعي وڏو حرام جو پيئسو گڏ ڪري رهيا آهن، ۽ پنهنجي اولاد کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم ڏياري انهن جي باقي تعليم لاء اهيا ڪوشش ڪري رهيا آهن ته انهن کي ٻاهر موڪلجي، ۽ پنهنجي اولاد لاء ايترا فڪرمند ٿا رهن، جڏهن ته غريب جي ٻار جي تعليم تباهه ۽ برباد پئي ٿئي ۽ ان ڏانهن هنن جو ڪو به ڌيان ڪونهي۔ ) ۔

    ان کان علاوه ٻيو سنڌ جي اسڪولن سان وڏو ناحق ۽ ظلم اهيو آهي ته سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جو انفراسٽرڪچر تمام خراب ۽ افسوس واري حالت ۾ آهي. ۽ سنڌ م اڪثر هڪ ٻن ڪمرن جا اسڪول آهن. ( جنهن ۾مختلف ڪلاسن جي ٻارن کي هڪ ئي هنڌ پڙهايو پيو وڃي، جنهن جي ڪري شاگردن کي پڙهڻ ۾ پڻ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، ۽ انهن جو وقت پڻ ضايع پيو ٿئي، هڪ ڪلاس جي ٻارن جو ٻئي ڪلاس جي ٻارن جي پڙهائي جي ڪري۔ ) فرنيچر تمام گهٽ آهي يا پوء مورڳو آهي ئي ڪون، ۽ ان کانسواء ٻيون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري تعليمي ماحول ابتريءَ جو شڪار آهي. تعليمي بهتريءَ لاءِ ضروري آهي ته اسڪولن ۾ بنيادي ضرورتون مهيا ڪيون وڃن. . ٻارن جي گهرج مطابق فرنيچر مهيا ڪيو وڃي. اسڪولن ۾ ڪمپائونڊ وال، بجلي، پيئڻ جو پاڻي، پنکا ۽ باٿ روم بهتر حالت ۾ هئڻ گهرجن. اسڪول جي بلڊنگ ايتري مٿي هجي جو برسات جو پاڻي داخل نه ٿي سگهي۔ مگر هت ته سسٽم ئي الٽو آهي، اسڪول آهي ته استاد ڪونهي، استاد آهي ته اسڪول ڪونهي، اسڪول آهي ته فرنيچر ڪونهي، ۽ ڪٿي اسڪول آهن ته اتي ڳوٺ جي ڪنهن وڏيري جو اناج ۽ ٻيو سامان انهيء اسڪول ۾ پيو آهي، مطلب ته سنڌي ماڻهون جي بنيادي تعليم ئي تباهه آهي ته ٻئي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، اسان جا ماڻهون پنهنجون ذاتي دشمنيون پالڻ ۾ پنهنجون زندگيون وڃائي ٿا ڇڏين ته پوء انهن کي پنهنجي اولاد جي بنيادي ضرورتن جي لاء پاڻ پتوڙڻ جو وقت ڪيڏانهن ملندو۔ جنهن ڳالهه تي منهن مٿو پٽجي ته اهو به گهٽ آهي، ( اهيو سڀ ڪجهه ڏسي ڪري منهنجو ته رت سڙندو آهي پر ادا مان ڇا ٿو ڪري سگهان سواء سنڌ سلامت جي فورم تي لکڻ جي ۽ پنهنجي ذاتي ڊائري جا ڪاڪذ ڪارا ڪري پنهنجو منهن مٿو پٽن جي۔۔۔۔۔ مگر ادا اهي واڪا ڪرڻ به ضروري آهن، توهان ڏٺو هوندو ته جڏهن ڪانوِن سان ڪو ظلم ٿيندو آهي يا انهن کي ڪا تڪليف پهچندي آهي ته اهي ويچارا ٻيو ڪجهه ناهن ڪري سگهندا ته ڪانو ڪانو جون رڙيون ضرور ڪندا آهن ) سنڌ جي پرائمري تعليم تباهه ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي، شاگرد جو، استاد جو، والدين جو۔ استادن جي تنظيمن جو، يا پوء انهن آفيسرن جو جيڪي معصوم ٻارڙن جي تعليم تباهه ڪري پنهنجي لاء حرام جو پيئسو گڏ_ ڪري رهيا آهن
    سنڌ سلامت جا ساٿيو انهيء سلسلي ۾ ڪي ٽي اين جي پروگرام اپٽار ۾ سنڌ ۾ پرائمري تعليم ۽ پرائمري استاد جي ڪردار بابت هڪ گفتگو ٿئي گذري جنهن ۾ سنڌ جي تعليمي ماهر عبدالعفار صديقي (جيڪي سنڌ ۾ تعليم کاتي ۾ وڏي عرصي کان ڪم ڪندا رهيا آهن ۽ پاڻ سنڌ ۾ تعلم کاتي جا ڊاريڪٽر پڻ رهي چڪا آهن ) ۽ ان کان علاوه سنڌ پرائمري استاد ايسوسيئيشن جي صدر رفيق جروار صاحب حصو ورتو پوء اچو ته اها گفتگو ڏسون ۽ ٻڌون۔ نوٽ سنڌ سلامت جا ساٿيو وڊيوز ڏسي ڪري پنهنجو رايو ڏيندا ته سنڌ ۾ تعليم تباهي جو ڪارڻ ڇا آهي يا ڪير آهي۔
    http://www.youtube.com/watch?v=knWW0uDCfMk
    http://www.youtube.com/watch?v=W7uZ22po9dw
    http://www.youtube.com/watch?v=dXJjVacuOig
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ ۾ پرائمري تعليم جي تباهي ۽ پرائمري استاد جو ڪردار

    سنڌ جي تعليم۔۔۔بلڪل تباھ ٿيڻ جي ڪناري تي پهتي آهي۔۔خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن جي علائقن ۾ ان جو نقصان ڪنهن هڪ سنڌي کي نه آهي۔۔۔پر پوري سنڌي قوم کي آهي۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ ۾ پرائمري تعليم جي تباهي ۽ پرائمري استاد جو ڪردار

    ادا عاشق توهان سچ ٿا چئو۔​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو