ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
اڄوڪو ڏينهن سنڌ راڻي شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا ڏيڻ جو ڏينهن آهي۔ مان ڪوشش ڪئي ته مضمون لکان پر پهريون دفعو آهي جو هن شخصيت تي لکڻ لاء قلم ساٿ ڪونه پيو ڏي۔ پوء به شاه لطيف جي ڪجه بيتن سان شهيد ڀيڻ محترمه بينظير کي ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔
تمام بيهترين ادا وسان،
سنڌ جي راڻي، سنڌ جو سور، لطيف جي لفظن ۾ خراج عقيدت، سنڌ سلامت جو لوگو ۽ سليمان وساڻ جي چترڪاري، مطلب ته سنڌ ئي سنڌ، جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سهڻي سنڌ ۽ سهڻي سنڌ جا سور ۔۔۔
ادا محترمه جو وڇوڙو سنڌ جي ڏکيل جسم کي وڌيڪ ڏکائي ويو۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=p-ygrlgwqzmسنڌ جي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ياد ۾ هڪ گيت
ادا وساڻ توهان هن عّظيم اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو جون تصويرون شاه صاحب جي شاعري سان گڏ ونڊ ڪري هڪ بهترين ڪم ڪيو آهي۔ ادا هيڏي وڏي شخصيت تي مان ڇا لکان، اسان وٽ ته اهي الفاظ ئي ڪونهن جو هن عظيم اڳواڻ کي ڪا ڀيٽا ڏئي سگهون۔
محترمه جي شهادت هن صدي جي هڪ وڏي شهادت آهي، پوء ان ڳالهه سان ڪنهن کي عتراض ڇو نه هجي، پر مان ته ائين ئي سمجهان ٿو،
ادا وساڻ صاحب محترمه جي شخصيت تي مختلف عالمن اديبن جا تاثر، خاڪا، وڊيوز ۽ تصويرون مان به سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري چڪو آهيان جنهن کي ڏسن لاء توهان کي هيٺ لنڪن تي ڪلڪ ڪرڻ پوندو۔..............................................................................................................................................................................................................