هنداڻي يا ڇانهين تي ڪيل ڪجھ ڊزائنون ڏسو۔ جن گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته عجب ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ ٿي سگهي ٿو هي ڌاڳو ڪنهن ٻئي دوست به موڪليو هجي پر پوء به آهي ڏاڍو عجيب :
جواب: آهي نه دلچسپ ۽ عجيب ۔۔۔۔۔۔۔۔ ها ادا بلڪل حيرت جي ڳاله آهي ادا سو يقينن اهي ڪم عاشق ئي ڪري سگهن ٿا باقي اسان جهڙن جهونن کي ته ڪپڻ ۽ کائڻ به مشڪل سان ايندو آهي اهڙيون ڊيزائنيون ڪٿي ٿا ڪري سگهون باقي اصل ڳاله عاشق سولنگي ئي ٻڌائي سگهي ٿو
جواب: آهي نه دلچسپ ۽ عجيب ۔۔۔۔۔۔۔۔ ونڃڃڃڀيهان۔۔۔ڳالھ ڳاٽي کان نه چڙهي وڃي ڪياڙي ۾ ڦاٿي آهي۔۔۔هي انٽرنيشنل ڪم ٿو لڳي۔۔۔ادا مست۔۔۔لوڪل فقير جا به هتي ڪم نه آهن۔۔۔۔مونکي ته هٿ جو ڪمال ٿو لڳي۔۔۔وڌيڪ ڏسون دوست ڪهڙا ٿا رايا پيش ڪن
جواب: آهي نه دلچسپ ۽ عجيب ۔۔۔۔۔۔۔۔ يار علي هي عاشق ته جان ڇڏائي ويا اوهان جي مهرباني۔ ڪم واقعي حيرت جهڙو ۽ ڪمال جو ٿيل آهي۔ اها ڳاله مڃڻي پوندي
جواب: آهي نه دلچسپ ۽ عجيب ۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳاله ته واقعي ڳاٽي کان چڙهيل آهي۔ پر ڪم واه جو ٿيل آهي۔ نفاست سان ۽ عمدگيء سان
جواب: آهي نه دلچسپ ۽ عجيب ۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام نفاست سان بهترين مهارت سان ڪم ٿيل آهي، اهڙي ڪاريگرن کي سلام آهي۔۔
جواب: آهي نه دلچسپ ۽ عجيب ۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا اهو ڪاريگر به ضرور ڪو عاشق ئي هوندو جو پهنجي چوائس مطابق چٽڪاري ڪئي اٿائين يار سلام هي اس کي ذوق ڪوو مون کي ته لڳي ٿو ته ڪنهن دور ۾ اهو عاشق سولنگي جو شاگرد رهيو هوندو