• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جي دلڙي چور چورائي ويا۔۔۔۔۔

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
جي دلڙي چور چورائي ويا
سي لوڪئون پاڻ لڪائي ويا


مخدوم محمد زمان طالب المولى جي شاعري ۽ عابده پروين جو خوبصورت آواز

 
جواب: جي دلڙي چور چورائي ويا۔۔۔۔۔

يار وساڻ، ڪي چور به عجيب ۽ سندن چوري انکان به وڌ عجيب هوندي آهي ۔۔۔ سڀ ڪجهه ڇڏي ويندا آهن، نه کڻن مال نه کڻن جان، بس کڻن ته من جو چين ۔۔۔ اندر جو سڪون، دل جي ڌڙڪن ۽ ساهه جون رڳون ڇڪي وٺن ٿا ۔۔۔ سڀ ڪجهه ڇڏي ويندا آهن پر پويان ڪجهه به رهائي نه ويندا آهن ۔۔۔

عجيب چور هوندا آهن، نه کڻن ڪات ڪهاڙا ۽ نه کڻن تيز ترار، بس اکڙيون ڪٽاريون ڪهيو وڃن ۔۔۔ لفظن جو سحر اهڙو جو ماڻهون صدين تائين رڻ ۾ رلندو وتي، سڀ ڪجهه ڇڏي ويندا آهن پر ڪجهه به نه ڇڏيندا آهن ۔۔۔ مست ڪري ويندا آهن ۔۔۔

اهڙا چور ۔۔۔ الامان الامان ۔۔۔
 
جواب: جي دلڙي چور چورائي ويا۔۔۔۔۔

واھ ادا مخدوم جي شاعري ۽ عابده جو آواز تمام بهترين

ادا عاشق مهرباني

يار مخدوم صاحب جي شاعري به لازوال ۽ وري ڇا ته ڳايو آهي سائنڻ عابده پروين
 
جواب: جي دلڙي چور چورائي ويا۔۔۔۔۔

يار وساڻ، ڪي چور به عجيب ۽ سندن چوري انکان به وڌ عجيب هوندي آهي ۔۔۔ سڀ ڪجهه ڇڏي ويندا آهن، نه کڻن مال نه کڻن جان، بس کڻن ته من جو چين ۔۔۔ اندر جو سڪون، دل جي ڌڙڪن ۽ ساهه جون رڳون ڇڪي وٺن ٿا ۔۔۔ سڀ ڪجهه ڇڏي ويندا آهن پر پويان ڪجهه به رهائي نه ويندا آهن ۔۔۔

عجيب چور هوندا آهن، نه کڻن ڪات ڪهاڙا ۽ نه کڻن تيز ترار، بس اکڙيون ڪٽاريون ڪهيو وڃن ۔۔۔ لفظن جو سحر اهڙو جو ماڻهون صدين تائين رڻ ۾ رلندو وتي، سڀ ڪجهه ڇڏي ويندا آهن پر ڪجهه به نه ڇڏيندا آهن ۔۔۔ مست ڪري ويندا آهن ۔۔۔

اهڙا چور ۔۔۔ الامان الامان ۔۔۔

سائين نثار مهرباني

سائين مال جي چورن لاء ته ڪي اپاء وٺي سگهجن ٿا ، ڪي چوڪيدار ، ڪي رکوالا پر هنن چورن کي ڇا ڪري سگهبو۔ عجيب چور آهن جيڪي نه کاٽ هڻن بس دل چورايو وڃن۔

هو اول ٿي رهيا گهر جا ڌڻي
سا ڳاله اسان کي به ويئي وڻي
اها چوري ڪيئون نه ڪو کاٽ هڻي
ٻڌي اک هر چيز ئي چائي ويا
سي لوڪئون پاڻ لڪائي ويا


 
جواب: جي دلڙي چور چورائي ويا۔۔۔۔۔

ادا بهترين ونڊ ڪيو اٿو

توهان جي هر ڪوشش سنڌ سلامت جي ميلي ۾ جان وجهي ڇڏي ٿي

لاجواب
 
جواب: جي دلڙي چور چورائي ويا۔۔۔۔۔

ادا بهترين ونڊ ڪيو اٿو

توهان جي هر ڪوشش سنڌ سلامت جي ميلي ۾ جان وجهي ڇڏي ٿي

لاجواب

ادا عرس مهرباني

لاجواب ته مخدوم صاحب جي شاعري ۽ سائنڻ عابده جو آواز آهي

اها ته اوهان دوستن جي مهرباني آهي ۔ سنڌ سلامت سموري ساٿ ڪري قائم ۽ دائم آهي
 
Back
Top