سميع بلوچ جو ڪلام تنهنجي ياد جي وري آ وير ڳائي سنڌي موسيقيء ۾ پير پائيندڙ نوجوان عبدالرحمان مغل هو جيڪو پوء سنڌ ۾ سرمد سنڌيء جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ سنڌي موسيقي ۽ نوجوانن جي دلين تي راڄ ڪيائين.
7 جولاء 1961 ۾ خيرپور ضلعي جي ننڍڙي شهر پريالو ۾ پيدا ٿيو. پرائمري ۽ هاء اسڪول تائين تعليم پريالو مان ئي حاصل ڪيائين ۽ پوء سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلومه ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان ڪيائين ۽ ڪراچيء ۾ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيء ۾ ملازم ٿيو.
سندس مقبوليت سندس ڪلام تنهنجي ياد جي وري آ وير کان شروع ٿي ۽ پوء سرمد سنڌي موسيقيء ۾ هڪ درياء مثل ٿي ويو. سندس مقبوليت تمام گهڻو وڌي وئي. سندس اها خوبي هئي جو ڪاپي ڪيل ڌنن بجاء پنهنجون يا ٻين کان ڌنون ڪمپوز ڪرائي ڳائيندو هو. هن سنڌ جي سڀني شاعرن کي ڳايو جن ۾ لطيف سرڪار ، سچل سائين ، شيخ اياز ، زاهد شيخ ، استاد بخاري وغيره. سندس آواز ۾ هڪ سوز هو ، هڪ مڌرتا هئي جنهن کي وسارڻ ڪو سولو ڪم ناهي.
پاڻ هڪ روڊ حادثي ۾ جيڪو 27 ڊسمبر 1996ع تي بدين کان ٺٽي ويندي پيش آيو، 28 ڊسمبر جو ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ پنهنجن پرستارن کي روئيندو ڇڏي هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو. پر سندس آواز اسان جي دلين تي اڃان به پيو راڄ ڪري.
محترم عبدالرزاق ميمڻ جو سرمد سنڌيء تي لکيل ليک پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو
سندس ڳايل ڪجه يادگار ڪلام :