وٽامن: صحت لاءِ انتهائي ضروري نور بانو ملاح اسان جوملڪ هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ زرعي پيداوار جي حوالي سان چڱو خاصو خود ڪفيل آهي، پر پوءِ به وطن عزيز ۾ لکن جي تعداد ۾ ٻارڙا ۽ مائرون غذائي جزن جي شديد کوٽ /گهٽتائي جو شڪار آهن ۽ هر سال ان کوٽ جي ڪري لکن جي تعداد ۾ ٻارڙن ۽ مائرن جا موت واقع ٿين ٿا. اهي اهڙا موت آهن جن کي ڄاڻ ۽ توجهه ذريعي گهٽائي سگهجي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ 4 اهم غذائي جزن جي شديد کوٽ آهي جيڪا هر ماڻهون ۾ نٿي ٿي سگهي پر خاص طور 5 سالن جا ننڍڙا ٻار ۽ مائرون ان کوٽ جو گهڻو شڪار ٿين ٿيون. اهي جزا آهن فولاد يعني رت جي گهٽتائي، رت ۾ فولاد جو گهٽجي وڃڻ. آيوڊين جي کوٽ، وٽامن اي جي کوٽ ۽ وٽامن ڊي جي کوٽ وٽ وٽامن اي جي کوٽ نه رڳو پاڪستان جو مسئلو آهي پر پوري دنيا جا انسان وٽامن اي جي گهٽتائي جون ڀوڳنائون ڀوڳي رهيا آهن. انهن ۾ به خاص طور تي ٻارڙا وٽامن اي جي کوٽ جي ڪري ٻارن ۾ بيمارين کان بچاءُ واري سگهه/قوت گهٽجي ويندي آهي. ان ڪري ٻارڙا ارڙي، دست ۽ نمونيا جي بيمارين جو تڪڙو شڪار ٿي سگهن ٿا، وٽامن اي جي گهٽتائي وڏن ۽ ٻارڙن جي بينائي کي گهڻو متاثر ڪندي آهي رات جو نه ڏسي سگهڻ جنهن کي شب خوري به چئجي ٿو. وٽامن اي جي کوٽ جو ئي اثر هوندو آهي.هن وقت سڄي دنيا ۾14 ڪروڙ ٻار وٽامن اي جي کوٽ جو شڪار آهن. هر سال اڍائي لکن کان پنج لک ٻارن جي بينائي متاثر ٿئي ٿي ۽ انهن مان ڪيترين ٻار پيدائش کان پوءِ هڪ سال اندر ئي پنهنجي معصوم زندگي موت هٿان هارائي ڇڏين ٿا. وٽامن A جي کوٽ 5سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ موت جو هڪ وڏو ڪارڻ رهي آهي. هڪ اندازي مطابق اسان جي ملڪ ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جا اٽڪل 30 کان 35 لک ٻار وٽامن A جي کوٽ جو شڪار آهن. وٽامن A جي گهٽتائي جو سبب روزاني جي خوراڪ ۾ وٽامن A واري خوراڪ جونه هجڻ آهي ۽ والدين جي اڪثريت کي اها ڄاڻ نه هوندي آهي ته اهي پنهنجي ٻارن کي روزاني جي خوراڪ ۾ وٽامن Aواري خوراڪ ڏئي رهيا آهن يا نه ! مطلب ته غربت کان پوءِ اڻڄاڻائي، ڄاڻ جو نه هجڻ به وٽامن A جي کوٽ جو ڪارڻ رهيو آهي، وٽامن A انسان جي قوت مدافيت وڌائي ٿو يعني بيمارين کان بچائڻ واري سگهه وڌائي ٿو. اکين جي صحت ۽ ڏسڻ واري سگهه کي برقرار رکي ٿو، جسم جي مختلف حصن خاص ڪري چمڙي، هٿن، وارن ۽ پيدائش واري نظام جي نشونما لاءِ انتهائي ضروري آهي. وٽامن A جي گهٽتائي جي ڪري جسم ۾ بيمارين کان بچاءُ واري سگهه گهٽجي ويندي آهي جنهن جي ڪري ٻار دست، نمونيه ارڙي ۽ سوڪهڙي جي بيمارين جو شڪار بڻجي وڃن ٿا. وٽامن A جي گهٽتائي ساهه ۽ هاضمي واري سرشتي جي نالين کي به متاثر ڪري ٿي. وٽامن اي جي کوٽ سبب ٻارن کي اونداهي ۾ گهٽ نظر ايندو آهي ۽ ٻار تيزروشني ۾به گهڻي دير ڏسي ناهن سگهندا ۽ تيز روشني ۾ انهن جي اکين ۾ جلدي پاڻي وهڻ لڳندو آهي ۽ ٻار پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيندا آهن جيڪو بينائي جي حوالي سان انتهائي خطرناڪ اهڃاڻ آهي ۽ ان دوران آهستي آهستي ٻار جي اکين ۾ چمڪ گهٽجڻ لڳندي آهي. ۽ اکيون خشڪ ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ گهڻو ڪري اکيون ڳاڙهاڻ واريون رهنديون آهن ۽ اکين ۾ ننڍا ننڍا اڇي رنگ جا داڻا ٺهي ويندا آهن ۽ اهي اڇي جهلي جي شڪل اختيار ڪري ويندا آهن . وقت سر وٽامن A نه ملي ته پوءِ آهستي آهستي اکين ۾ زخم بڻجڻ شروع ٿي ويندا آهن۽ انهن ز خمن ۾پس گندگي پئجي ويندي آهي ۽ ٻار يا وڏا ان حالت ۾ پنهنجي اکين جو نور وڃائي ويهندا آهن. پنهنجي اکين جو سوجهرو وڃائي ويهندا آهن عورتون به شب خوري جو شڪار ٿي سگهن ٿو، جنهن کي Night Blindness به چئجي ٿو. شديد گهٽتائي جي حالت ۾ عورتن جي چمڙي خشڪ ٿي ويندي آهي ۽ وار سخت ۽ کُهرا ٿي ويندا آهن. وٽامن A جي گهٽتائي جو شڪار مائرن جن ٻارن کي ئي گهڻي ڀاڱي وٽامن A جي کوٽ رهندي آهي ۽ اهي ٻار جن کي ماءُ جي ٿڃ نه ٿي ڏني وڃي. جيڪي ٻار غذائي گهٽتائي جو شڪار هجن ٿا جيڪي وٽامن A سان ڀرپور غزا نه ٿا واپرائين يا گهٽ استعمال ڪن ٿا ۽ اهي ماڻهو وٽامن A جي گهٽتائي جو شڪار ٿين ٿا جن کي وٽامن A جي خوراڪ بابت ڄاڻ نه آهي ته وٽامن A ڪهڙي ڪهڙي خوراڪ ۾ججهي مقدار ۾ ملي ٿو. وٽامن A کير ۽ کير مان ٺهيل سڀني شين جهڙوڪ مکڻ،پنير ۽ لسي وغيره ۾ ملي ٿو. ننڍن ٻارن کي وٽامن اي جوتمام گهڻو مقدار ماءُ جي ٿڃ مان ملي ٿو، ان لاءِ پيدائش کان 6 مهينن تائين صرف ۽ صرف ٻارن کي مائرون پنهنجي ٿڃ پيارين ۽ 6 مهينن کان پوءِ ٻي خوراڪ سان گڏ به پنهنجي ٿڃ صرف 2 سالن جي عمر تائين پيارينديون. وٽامن A ڀاڄين ۾ به ملندو آهي جهڙوڪ پالڪ ، ساڳ، ڪدو، ٽماٽر، سائي بصر. بصرن جي به خاص ڪري ساون پنن ۾، پيلي رنگ وارا سڀئي ميوا جهڙوڪ انب، ذردالو، لوڪاٽ، مالٽا، ۽ ڪمند وغيره، بيدي جي زردي جيرانڊي ۽ اهو تيل ۽ گيهه جنهن ۾ وٽامن A ۽ D شامل ڪيو ويو هجي ان کان علاوه وٽامن A جا ڪيپسول به آهن جيڪي 6 ميهنن جي وقفي سان ٻارن کي ڏنا وڃن ته ان طريقي سان به وٽامن A جي کوٽ کان بچي سگهجي ٿو. پيدائش کان 6 مهينن تائين جي ٻارن کي وٽامن A جي ڪيپسولن جي ضرورت نه پوندي آهي ڇاڪاڻ ته انهن کي ماءُ جي ٿڃ مان غذا ملندي آهي. باقي 6 مهينن کان هڪ سال جي ٻارن کي (100,000) ۽ 1 سال کان 5 سالن جي ٻارن کي (200,000) وارو ڳاڙهو ڪيپسول پياريو ويندو آهي هنن ڪيپسولز ۾ هڪ قسم جو تيل هوندو آهي جنهن ۾ وٽامن A شامل هوندي آهي. هر ٻار کي پوءِ ڀلي ٻار الٽي ڪري ڪڍي ڇڏي پر هرگز ٻيو ڪيپسول نه پياريو وڃي ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان ٻار کي نقصان رسي سگهي ٿو. حامله عورتن کي ڳاڙها نيرا ڪيپسول هرگز نه ڏنا وڃن، ڇو ته ان سان انهن جي ٻارن کي نقصان ٿي سگهي ٿو پر وٽامن A جي گهٽ توانائي وارا ڪيپسول پياري سگهجن ٿا يا ڪنهن ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو وڃي. باقي زچگي جي 24 ڪلاڪن اندر هر ماءُ کي هڪ ڳاڙهو ڪيپسول پياريو وڃي ته اها ماءُ ۽ سندس ٻار وٽامن A جي گهٽتائي کان بچي سگهن ٿا. ويم جي 48 ڪلاڪن تائين هي ڪيپسول ڏئي سگهجي ٿو ويندي ويم جي 42 ڏيهن تائين ان بعد نه، ويم جا 42 ڏينهن عورتن جي ڇلي جا ڏينهن هوندا آهن ۽ انهن ڏينهن ۾ پڪ هوندي آهي ته ماءُ حمل سان نه هوندي . وٽامن A جي گهٽتائي جو شڪار ٿيڻ کان هر انسان پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر ڀاتين کي آساني سان بچائي سگهون ٿا ۽ توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته ڪنهن به هڪ نه انسان جي زندگي بچائڻ ڪيڏو نه وڏو ۽ اهم ڪارنامو آهي ۽ عظيم نيڪي آهي. بشڪريه روزانه عبرت