هانگ ڪانگ بلند عمارتن جو ملڪ الطاف شيخ ڪيترائي ماڻهو چوندا آهن ڏسو چين ڪيڏو ته وڏو ملڪ آهي پر ان ۾ فقط هڪ زبان ”چيني“ ڳالهائي وڃي ٿي. ائين هرگز ناهي. چين جي هر صوبي ۽ هر علائقي جي پنهنجي زبان آهي. ملائيشيا جتي منهنجو وڏو عرصو رهڻ ٿيو، اتي جي آدمشماري اٽڪل 45 سيڪڙو چيني آهي ۽ اهي چيني پاڪستان جي ڀرواري چيني علائقي ڪاشگير يا وچ چين جا نه آهن. اهي سمورا چين جي فقط ڏکڻ واري حصي جا آهن، جيڪو لائوس ۽ ويٽنام ملڪن سان ملي ٿو. اهي اوڀر ڏکڻ چين جا چيني به جڏهن هڪ ٻئي سان گڏ ويهندا هئا ته اسان وانگر هڪ ٻئي سان انگريزي يا ملئي ۾ ڳالهائيندا هئا جو ڪنهن جي زبان ڪئنٽونيز هئي ته ڪنهن جي منڊارين. ڪنهن هڪا زبان ۾ ڳالهايو ٿي ته ڪنهن ٽيوچو ۾. پر اهو آهي ته سڄي چين جي لکڻي جيڪا اسان جي ٻولين وانگر فونيٽڪ نه پر شڪلين واري آهي، ساڳي آهي. يعني ڪئنٽونيز ۾ ڇپيل اخبار منڊارن زبان ڳالهائڻ وارو به پڙهي سگهي ٿو. اهو ائين سمجهڻ کپي ته سج جي شڪل ٺاهڻ تي هرڪو سمجهي ويندو ته اهو سج آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزي ڳالهائڻ وارو ان کي ”سَن“ چوندو، سنڌيءَ وارو ”سڄ يا سج“، اڙدو وارو ”سورج“ عربي وارو ”شمس“ ۽ فارسي وارو ”آفتاب“ وغيره. سو چيني زبان ۾ هر شيءِ جي شڪل آهي ۽ اسان ته الف ب جا 26 يا وڌ ۾ وڌ 52 اکر ياد ڪريون ٿا پر هي چيني ۽ جپاني، اهي شڪليون (جن کي جپاني زبان ۾ ڪانجي يا کانجي سڏجي ٿو) پنجن کان ڏهن هزارن تائين ياد ڪن ٿا. سو چين ۾ هڪ نه پر ڪيتريون ئي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ مختلف زبانون ڳالهائڻ وارا هڪ ٻئي جي لکت ته سمجهي سگهن ٿا پر ڳالهه ٻولهه نه. ان جو الٽ مثال اسان جي ننڍي کنڊ ۾ اڙدو ۽ هندي زبان جو آهي. اڙدو ۽ هندي ڳالهائڻ وارو هڪ ٻئي جي ڳالهه ته سمجهي سگهندو پر لکڻي نه. هانگ ڪانگ ۾ 95 سيڪڙو چيني رهن ٿا جن جي وڏن جو واسطو ڏکڻ چين جي صوبي گئان ڊانگ (Guangdong) سان آهي جتي جا ماڻهو ڪئنٽونيز، هڪا (Hakka) ۽ چِيو چاپ زبانون ڳالهائين ٿا پر هانگ ڪانگ جي سرڪاري زبان ڪئنٽونيز ڪئي وئي آهي، جيئن سنگاپور جي منڊارين آهي. هانگ ڪانگ ۾ ٻي سرڪاري زبان انگريزي آهي. يعني ڪو ٻار گهر ۾ ڀلي ٽيوچو، هڪا يا ڪا ٻي چيني زبان ڳالهائيندو هجي پر سرڪاري آفيسن ۾ يا تعليمي ادارن ۾ ڪئنٽونيز ۽ انگريزي زبانون هلن ٿيون. هانگ ڪانگ ۾ چينين کان علاوه باقي 5 سيڪڙو ۾ پنجابي، پٺاڻ (جيڪي انگريزن جي فوج ۾ هئا)، سنڌي هندو (جيڪي واپار سانگي هانگ ڪانگ ۾ اچي Settle ٿيا هئا) نيپالي، جپاني، ڪورين، آسٽريلين ۽ ڪئناڊين به آهن. ڪجهه ويٽنامي (جيڪي رفيوجي ٿي هتي آيا) پڻ آهن. ڪو زمانو هو هانگ ڪانگ جا چيني مختلف امير ملڪن ۾ پورهئي ۽ محنت مزدوري لاءِ ويندا هئا پر اڄ هو ايڏو امير ٿي ويا آهن جو هنن کي گهر جي ڪم ڪارين لاءِ، ٻارن جي سار سنڀال لاءِ ۽ سندن ڪارخانن ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ غريب ملڪن جي ماڻهن جي ضرورت آهي ۽ هانگ ڪانگ جهڙي هڪ ننڍڙي ملڪ، جنهن جي سڀني ٻيٽن ۽ ڪولون واري پيننشولا کي ملائڻ سان جملي پکيڙ فقط چار سو چورس ميل ٿئي ٿي ۽ جنهن جو به اڌ کان وڏو حصو جابلو ۽ جهنگل آهي، يعني حيدرآباد يا دادو ضلعي جيڏي ملڪ ۾ هن وقت (سال 2010ع ۾) ٽي لک فقط فلپين ۽ انڊونيشيا جون عورتون گهرن جو ڪم ڪن ٿيون. اهي انگ اکر سرڪاري طرح آهن پر هڪ اندازي موجب ان کان به گهڻو تعداد ڌارين ماڻهن جو هانگ ڪانگ ۾ نوڪري ۽ محنت مزوري ڪري ٿو. هانگ ڪانگ ۾ گهڻائي چينين جي آهي جن جو چين واري ٻڌ ڌرم سان واسطو آهي. جنهن کي ”ماهايانا“ سڏجي ٿو. ان کان علاوه چينين جو ڪنفوشيئنزم ۽ تائوزم سان به واسطو آهي. هانگ ڪانگ ۾ عيسائي به رهن ٿا جن ۾ ڪئٿولڪ به آهن ته پروٽيسٽنٽ به. يهودي سک، مسلمان، هندو ۽ ڪجهه پارسي پڻ رهن ٿا. چين ۾ مذهب جي کڻي ايڏي آزادي نه هجي پر هانگ ڪانگ ۾هر هڪ کي آزادي آهي ته هو امن امان جي حد اندر رهي، جيڪو وڻيس ان مذهب جي پيروي ڪري. جتي ڪٿي توهان کي ٻڌن جا پگوڊا، مندر، گرجا گهر، ٽڪاڻا ۽ گردوارا، پارسي ٽيمپل ۽ مسجدون پڻ نظر اينديون. عيسائين ۽ چينين جي نئين سال کان وٺي عيدون، ڏياريون ۽ ڪرسمس ڊي ملهايا وڃن ٿا ۽ هر هڪ پنهنجن ۽ ٻين جي خوشيءَ جي ڏينهن کي Enjoy ڪري ٿو. ملائيشيا جي ماڻهن وانگر هانگ ڪانگ جي ماڻهن کي به ڌارين ملڪن جي ماڻهن ۽ مختلف مذهبن، زبانن ۽ اعتقاد رکندڙن لاءِ سهپ جو مادو آهي. هانگ ڪانگ ۾ تعليمي نظام ڪن حالتن ۾ انگلينڊ کان به بهتر آهي. هانگ ڪانگ تي قبضو ڪرڻ بعد پينانگ ۽ سنگاپور وانگر، انگريزن هتي به تعليم جي همت افزائي ڪئي. جيئن 1843ع ۾ سنڌ حاصل ڪرڻ بعد انگريزن 25 سالن اندر ڪراچيءَ ۾ سينٽ جوزف اسڪول جهڙا تعليمي ادارا کولي ڇڏيا. اسان کڻي اهڙن مشنري اسڪولن يا ماما پارسي جهڙن پارسي اسڪولن توڙي انگريزي طرز جي گرامر اسڪولن جي ڪيڏي به مخالفت ڪريون پر اڄ به اهڙن اسڪولن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ لٺ لڳي پئي آهي. هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ چينين توڙي پارسين ۽ سنڌي هندن توڙي پنجابي ۽ پٺاڻن انگريزن جي تعليم عام ڪرڻ ۾ حصو ورتو ۽ اڄ هانگ ڪانگ ۾ انهن چينين جو اولاد به اعليٰ تعليم يافته ۽ اعليٰ عهدن تي فائز آهي، جن ريلوي اسٽيشن تي ڪُولي ٿي ڪم ٿي ڪيو، زمينن تي هارپو ۽ ڪارخانن ۾ بار ڍوئڻ جو ڪم ٿي ڪيو. هانگ ڪانگ جهڙي هڪ ننڍڙي ملڪ ۾ 9 ته سرڪاري يونيورسٽيون آهن، ان کان علاوه ڪيترائي اعليٰ درجي جا پرائيويٽ درسگاهه آهن جتان بيچلر، ماسٽرز ۽ ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون حاصل ڪيون وڃن ٿيون. يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ سڀ ۾ جهوني يونيورسٽي آهي؛ جيڪا گذريل سال 2009ع ۾ دنيا جي 24 نمبر تي بهترين يونيورسٽي قرار ڏني وئي. ان کان علاوه هانگ ڪانگ يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي، ۽ ٻي چائنيز يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ به ٽاپ جون يونيورسٽيون ليکيون وڃن ٿيون ۽ ايشيا جي يونيورسٽين ۾ ته اهي ٻئين ۽ چوٿين نمبر تي مڃيون وڃن ٿيون. تعليمي دنيا سان گڏ فلمي دنيا ۾ به هانگ ڪانگ جو نالو مٿاهون سمجهيو وڃي ٿو. هانگ ڪانگ ۾ هڪ روڊ آهي جنهن جو نالو ”ايوينيو آف اسٽارس“ آهي، ان تي هانگ ڪانگ سئنيما جي ياد ۾ هڪ تمام وڏي مورتي (Statue) ٺهيل آهي. جيتوڻيڪ چين ملڪ ۽ تائيوان هانگ ڪانگ کان وڏا ملڪ آهن پر هانگ ڪانگ ۾ سياسي ۽ معاشي آزادي هجڻ ڪري هتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ چيني فلمون ٺاهيون وڃن ٿيون. ڪيترن ڏهاڪن تائين هانگ ڪانگ جي فلم انڊسٽري دنيا ۾ ٽئين نمبر تي رهي – يعني هالي ووڊ ۽ انڊيا جي بالي ووڊ بعد. فلمن جي ايڪسپورٽ ۾ ته هانگ ڪانگ ٻئي نمبر تي رهندو اچي. دنيا جي هر زبان جي فلمن جي وڪري توڙي خريداريءَ ۾ هانگ ڪانگ اڳيان اڳيان رهيو آهي. هانگ ڪانگ ۾ پهرين فيچر فلم "Zhuangzi Tests His Wife" هئي، جيڪا 1913ع ۾ ٺهي. ڪيترن ئي ملڪن ۽ زبانن جون فلمون هانگ ڪانگ ۾ ٺهن ٿيون ۽ اڪثر گس پنڌ تي، هانگ ڪانگ کان ڪولون ويندي اسٽار فيريءَ ۾ يا ڪنهن خوبصورت علائقي ۾ ڪونه ڪو فلمي يونٽ ملي وڃي ٿو. هڪ اهڙي ايراني يونٽ سان ملاقات ٿي، جيڪي هانگ ڪانگ جي بئڪ گرائونڊ ۾ ڪا فارسي فلم ٺاهي رهيا هئا. هندي ۽ اڙدو جون به ڪيتريون فلمون هانگ ڪانگ ۾ ٺهيون آهن يا انهن ۾ هانگ ڪانگ جي نلڪن، چيني گڏين يا گهٽين جو ذڪر ٿيل آهي. ڪيترن ئي گانن ۾ هانگ ڪانگ جو به نالو اچي ٿو. هانگ ڪانگ ۾ ٺهيل مارڌاڙ واريون فلمون دنيا ۾ مشهور آهن. ڪيترائي مار ڪُٽ جا ايڪسپرٽ ائڪٽر جيڪي اڄ هالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪن ٿا هانگ ڪانگ جي فلم انڊسٽريءَ مان پهتا جن مان ڪجهه جون فلمون اسانجي ننڍي کنڊ ۽ ملائيشيا ۾ به پسند ڪيون وڃن ٿيون. جهڙوڪ بروس لي، جئڪي چان، چائو ين فاٽ ۽ يوئن ووپنگ. ڪجهه اهڙيون فلمون جيڪي اسان آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڏسي سمجهون ٿا ته شايد هالي ووڊ جون آهن دراصل هانگ ڪانگ جون آهن، جهڙوڪ: چنڪنگ ايڪسپريس، Infernal Affairs Shaolin Soccer Rumble in the Bronx In the Mood of Love… پهريون دفعو جڏهن هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ويو هوس ته انهن جي مقابلي ۾ اسان وٽ ڪراچي ۾ اتاهيون عمارتون هيون. حبيب بئنڪ، نئشنل بئنڪ ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي PNSC بلڊنگ ٺهي رهي هئي جن جون اسان اتي جي ماڻهن سان ڳالهيون ڪندي نه ڍاپندا هئاسين. پوءِ منهنجي خيال ۾ اهو سال 1973ع هو يا چوهتر، جو هانگ ڪانگ ۾ ويون هڪ ٻئي پويان اتاهيون بلڊنگون ٺهنديون. نه رڳو نيون پر پراڻين کي به ڊاهي انهن جي جاءِ تي نيون ٺهڻ لڳيون جن ۾ ڪي ته عمارتسازيءَ جو ڪارنامو چئي سگهجن ٿيون. اهڙيون سهڻيون، اهڙيون شيشن وانگر چلڪندڙ عمارتون ته اسان ائنٽورپ، راٽرڊم ۽ هئمبرگ ۾ به نه ڏٺيون ۽ ايترو تکو تکو ٺهڻ لڳيون جو ٽن چئن مهينن بعد وري جڏهن موٽي هانگ ڪانگ ايندا هئاسين ته هانگ ڪانگ جو sky line ئي بدليل نظر ايندو هو. اڄ سرڪاري انگ اکرن مطابق هانگ ڪانگ ۾ 7650 اتاهيون عمارتون آهن جن لاءِ انگريزيءَ جو لفظ Skyscrapers استعمال ٿئي ٿو. ٿوري زمين تي گهڻي تعداد ۾ اتاهين عمارتن ۾ اڄڪلهه هانگ ڪانگ دنيا ۾ اول نمبر تي آهي. ان جو سبب اهو به آهي جو هانگ ڪانگ ۾ وڌڻ لاءِ پَٽ ناهي. سمنڊ جي ڪناري يا بندرگاهه کان فقط سوا ڪلوميٽر (منو ميل) اڳيان هل ته اتاهيون ٽڪريون (Steephills) شروع ٿيو وڃن. سو هانگ ڪانگ جي آدمشماري وڌڻ تي انهن جي رهائش جو حل اتاهيون (Vertical) عمارتون ئي آهن. آهي ته سنگاپور به ننڍو ٻيٽ پر اتي جو پٽ لسو آهي. سنگاپور ۾ جيڪا هڪ اڌ پهاڙي (بڪت تيماه وغيره) هئي ان کي ڊاهي ان جي مٽيءَ سان سمنڊ ڀري، زمين ٺاهي وئي. 1971 ع ۾ سنگاپور ويندا هئاسين ته اتي جو ڪناٽ روڊ بلڪل سمنڊ جي ڪناري سان هو. هاڻ ان روڊ اڳيان جيڪو پٽ آهي سو سمنڊ ڀري حاصل ڪيو ويو آهي. هانگ ڪانگ ۾ به ڪجهه ڌرتي ائين حاصل ڪئي وئي آهي پر وڌيڪ ڪرڻ سان ماحوليات تي اثر پوي ٿو ۽ اڳيان ڪولون ۽ پرل نديءَ جو ڊيلٽا مسئلو پيدا ڪري ٿو. بهرحال اڄ دنيا جي 100 اتاهين عمارتن مان 36 هانگ ڪانگ ۾ آهن. ”انٽرنيشنل ڪامرس سينٽر“ ICC بلڊنگ هانگ ڪانگ جي اتاهين عمارت آهي جنهن جي اوچائي 484 ميٽر (1590 فٽ) آهي. اها عمارت دنيا ۾ ٽئي نمبر تي اتاهين بلڊنگ آهي بلڪ هاڻ دبئي جي ڊگهي عمارت ٺهڻ تي اها چوٿين نمبر تي ٿي آهي. ان عمارت کان علاوه هانگ ڪانگ جون ڪجهه اوچيون عمارتون هن ريت آهن HSBC هيڊ ڪوارٽر بلڊنگ، ٽڪنڊي اهرام جهڙي ”سينٽرل پلازا“ جي عمارت، رنگين نيان سائن سان جڳ مڳ ڪندڙ The Centre نالي بلڊنگ، I.M.Pie بئنڪ آف چائنا ٽاور... وغيره. هانگ ڪانگ ۾ جتي ماڊرن ۽ نيون عمارتون آهن اتي پراڻين ۽ تاريخي عمارتن کي به ان ئي حالت ۾ رکيو ويو آهي، جهڙوڪ سِم شا سوئي (Tsim Sha Tsui) ڪلاڪ ٽاور، سينٽرل پوليس اسٽيشن، ڪولون اولڊ سٽي.... وغيره. ڪولون پاسي هانگ ڪانگ جو هوائي اڏو (ڪائي تاڪ ايئرپورٽ) هجڻ ڪري، اتي اوچين عمارتن تي بندش لڳل هئي پر 1998ع ۾ هي هوائي اڏو بند ڪري نئون ۽ وڏو هوائي اڏو لنتائو ٻيٽ تي ٺاهيو ويو آهي. ان بعد ڪولون ۾ به اوچيون عمارتون نظر اچڻ لڳيون آهن. هانگ ڪانگ جو نئون هوائي اڏو دنيا جي بهترين هوائي اڏن مان هڪ مڃيو وڃي ٿو. بين الاقوامي مسافرن ۽ ڪارگو جي چرپر کان پڻ هي هوائي اڏو مشغول ترين سمجهيو وڃي ٿو. 85 کان مٿي هوائي ڪمپنين جا هوائي جهاز هتان operate ٿين ٿا. ڪئٿي پئسفڪ، ڊرئگن ايئر، ايئر هانگ ڪانگ، هانگ ڪانگ ايڪسپريس هوائي ڪمپنين جو هي ايئر پورٽ ڄڻ گهر آهي.