ٽي بي ڇا آهي، ڪيئن پکڙجي ٿي ۽ علاج ڇا آهي؟

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ٽي بي ڇا آهي، ڪيئن پکڙجي ٿي ۽ علاج ڇا آهي؟​

    [​IMG]
    صالح ميمڻ
    ٽي بي جو سنڌ ۾ نالو سلهه جي بيماري رهيو آهي پر ان جو نالو گهڻو دهرائڻ جي ڪري هاڻ ٽي بي ايترو وڌيڪ مشهور آهي جو ان ڪو ٻيو متبادل ۾ آسان زبان وارو نالو نٿو کڻي سگهجي . اڪثر اهڙيون بيماريون آهن، اميرن ۽ غريبي جي ڪا به تيز نه ٿيون ڪن، ڪي بيمارين وري اميرن لاءِ مخصوص تصور ڪيون وڃن ٿيون پر انهن بيمارين ۾ٽي بي جي بيماري واحد آهي جيڪا گهڻو ڪري سڄي دنيا ۾ غريب طبقي جي ضمري ۾اچي ٿي جنهن جو سبب اهو آهي ته ٽي بي اهڙن ڪمزور جسمن ۾ وڌيڪ تيزي سان ڦهلجندڙ بيماري آهي. جيڪي غذائي کوٽ جي ڪري گهٽ قوت مدافعيت بيمارين کان بچاءُ جي داخلي مدافيعت رکن ٿا. ظاهر آهي ته غذائي کوٽ انهن طبقن جو نصيب رهيو آهي جيڪي جسماني سگهه جو وڪرو ڪري ايتري روزي مشڪل سان ڪمائي سگهن ٿا، جنهن سان انهن جون کاڌي جون جسماني ضرورتون مشڪل سان پوريون ٿي سگهن ٿيون. غذا جي لڳاتار کوٽ جي نتيجي ۾ اهڙا ماڻهو ٻين بيمارين جو ته شڪار ٿيندا رهن ٿا پر ٽي بي گهڻو ڪري اهڙن ماڻهن جي کاتي ۾ اچي ٿي ان ڪري ٽي بي جي بيمارين کي غريب طبقن ۽ غذائي کوٽ جي نتيجي ۾ ڪمزور جنهن کي بيماري به چئي سگهجي ٿو، انهي باوجود ٽي بي اهڙي بيماري آهي جو ان جو مڪمل علاج موجود آهي ۽ اهو مفت ۾ به مهيا ٿئي ٿو پر ان جي باوجود تعليم جي گهٽتائي، جاگرتا جي اڻ هوند ۾ متاثرين پاران لاپرواهي جي نتيجي ۾پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ گهڻا ماڻهو ٽي بي ۾مبتلا ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن جي گهڻائي مفت ۾ ملندڙ دوائن تائين پهچ واري ڄاڻ کان اڻواقف هجڻ يا علاج کي پابندي مان مقرر مدي تائين جاري رکي نه سگهڻ جي جي نتيجي ۾ موت جو شڪار ٿي وڃي ٿي. هي ڳالهيون نهايت افسوسناڪ آهن ته پاڪستان ۾ هڪ لک مان 223 ماڻهو تي ٽي بي جا مرض آهن ۽ انهن جي تعداد ۾ هر سال 3 لکن جو اضافو به اچي رهيو آهي. ۽ اهو به ته ملڪ ۾هر 15 ڊاڪٽرن مان هڪڙو ڊاڪٽر اهڙو آهي جيڪو ٽي بي جي مريض جي صحيح سڃاڻپ ۽ مناسب علاج ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته باقي 14 ڊاڪٽر اهڙا آهن جيڪي نه مريض جي ٽي بي واري مريض جي صحيح سڃاڻ رکن ٿا ۽ نه ئي وري انهن جو بهتر اعلاج ڪري سگهن ٿا. دنيا جي حساب سان ساليانو 20 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو ٽي بي جي نتيجي ۾ زندگيون وڃائين ٿا. سڀ کان وڌيڪ ٽي بي جا مريض بيمارين جي حوالي سان دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اٺين نمبر تي وڏو ملڪي ڳڻجي ٿو. ملڪ ۾ سرڪاري سطع تي ٽي بي جواعلاج مفت ڪيو ويو آهي. ان بيماري جي تشخيص ۽ اعلاج جي لاءِ ملڪ اندر 1150 مرڪز به قائم ڪيل آهن ۽ ڊاٽس((dots جي نالي سان ٽي بي تي ڪنٽرول جو خاص پروگرام به شروع ڪيل آهي. انهي جي باوجود ملڪ ۾ ٽي بي وگهي مرندڙن ۽ مريضن جو تعداد سال به سال وڌندو پيو وڃي. عام طرح جو علم ۽ تاثر اهو آهي ته ٽي بي رڳو ڦڦڙن ۾خاص قسم جي جراثيم مان پيدا ٿيندڙ زخمن جو نالو آهي پر ان جي برعڪس ٽي بي ڦڦڙن کان علاوه جسم جي ٻين 6 هنڌن ۾ به ٿئي ٿي جنهن ۾ غدودون جي ٽي بي، پيٽ جي ٽي بي، هڏين يا سنڌن جي ٽي بي، پيشاب جي نظام جي ٽي بي، عورتن جي بچيداني جي ٽي بي ۽ دماغ جي ٽي بي شامل آهن پر انهن سڀني ۾ ڦڦڙن جي ٽي بي 40 سيڪڙو تائين وڌيڪ هجي ٿي. ٽي بي جو سبب بڻجندڙ خاص قسم جو جراثيم ساهه جي ذريعي ڦڦرن ۾ داخل ٿئي ٿو. ٽي بي ۾مبتلا جانورن جو کير ڪاڙهي به پيئڻ جي نتيجي ۾ ان کير ۾ موجود ٽي بي جا جراثيم پيٽ جي پهچڻ کان پوءِ جسم جي ٻين حصن تائين پهچي وڌي ويجهي سگهن ٿا. عام طور تي مشهور ڦڦڙن جي ٽي بي جا جراثيم هڪ ماڻهو جي ساهه کڻڻ ۽ خارج ڪرڻ سان آبي بخار جي شڪل ۾ ٻئي ماڻهو جي جسم ۾ داخل ٿين ٿا جيئن مٿي به بيان ڪيو ويو آهي ته مگر اهم ڳالهه اها آهي ته ان طرح سان ڪنهن بيمار شخص جا خارج ٿيندڙ جراثيم 100 مان رڳو 10 ماڻهن کي ٽي بي جهڙي بيماري ۾ مبتلا ڪري سگهن ٿا ۽ 90 سيڪڙو ماڻهن ٽي بي جا جراثيم جسم ۾ داخل ٿيڻ باوجود ٽي بي جا مريض نٿا بڻجن جنهن جو سبب انهن ماڻهن جي جسماني قوت مدافعيت کي جيڪا انهن جراثيمن جو اندر وڌڻ روڪيو ڇڏي. دنيا جي 6 عرب جي ماڻهن مان 2 ارب ماڻهن ۾ پاڪستان جي هر ٽين ماڻهو ۾ ٽي بي جا جراثيم موجود آهن پر اهي انهن کي ٽي بي جي بيمارين ۾مبتلا نٿا ڪن. اهو به ٿي سگهي ٿو ته جن جن صحتمند ماڻهن جي جسمن ۾ٽي بي جا جراثيم موجود آهن، ٽي بي ڪنهن بيمار جي مقابلي ۾انهن ماڻهن جي ٽي بي جا شڪار سڀ کان پهرين 9 سالن جي عمر تائين جا ننڍڙا ٻارڙا ٿي سگهن ٿا ان ڪري جو انهن جي جسمن جي قوت مدافعيت گهٽ هجي ٿي ان کان پوءِ غذا جي شدت کوٽ جي نتيجي سبب جسماني طور تي هر عمر جا اهڙائي ڪمزور ماڻهن ۽ خاص طور تي پورهائپ جي عمر تي پهتل ماڻهو ٽي بي جي جراثيمن جي ٽارگيٽ ٿي رهن ٿا. ٻارن کي ٽي بي جي مريض کان اڳواٽ بچائيندڙ ٽي بي جو ٽڪو هڪ بچاءُ رهيو آهي، اهو پيدائش کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻار کي لازمي هڻائڻ گهرجي. جيڪو لڳائڻ اي پي آءِ پروگرام جي ذميواري ۾ اچي ٿو. اهو ٽڪو پاڪستان ۾ گهڻو ڪري نيشينل پروگرام براءِ خانداني منصوبه بندي ۽ بنيادي صحت تي ڪم ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي ذريعي سڀ کان وڌيڪ اثر انداز ۾ ٻارن کي لڳي ٿو. چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن بي سي جي ويڪسين نه ٿئي ته ملڪ جا لکين ٻار هر سال ٽي بي جو شڪار ٿي ان مان هزارين پنهنجي پهرين سالگره کان اڳ ۾ ئي فوت ٿي سگهن ٿا جنهن نيشنل پروگرام ۽ ان ۾ ڪن ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر کي سرڪار عملي طور تي سوسائٽي زباني طور تي ضعيف سمجهي رهيا آهن. انهن جي ذريعي ملڪ جا هر سال لکن جي تعداد ۾مخصوص ٽي بي جهڙي بيمارين کان محفوظ ڪيا پيا وڃن. اها ڳالهه ڪنهن به طرح سان معمولي نوعيت نه ٿي چئي سگهجي.
    ٽي بي جون شروعاتي نشانيون:
    ٽي بي جون شروعاتي نشانيون 5 طئي ڪيون ويون آهن. جنهن ۾ ٽن هفتن کان وڌي عرصي تائين کنگهه رهڻ، کانگهاري بلغم ۾ رت جو اچڻ، روزانو خاص طور تي شام ۽ رات جي وقت دوران هلڪو بخار رهڻ، بک جي گهٽتائي ۾ اضافو، ڪمزوري سان گڏ وزن جو گهٽجڻ، اهو به ضروري ناهي ته اهي سموريون علامتون هڪ ئي وقت گڏوگڏ محسوس ٿين. انهن مان هڪ ٻن علامتن مان به اندازو ڪري سگهجي ٿو ته متاثر ماڻهو کي ٽي بي ٿي سگهي ٿي. ٽي بي علامتن جي صورت ۾ متاثر ماڻهو کي وقت وڃائڻ بجاءِ ڊاڪٽر يا ٽي بي ڪلينڪ تي وڃي پنهنجو معائنو ڪرائڻ گهرجي ته جيئن ٽي بي هجڻ جي تصديق جي صورت ۾ جلد کان جلد علاج شروع ٿي سگهي.
    ٽي بي جي سڃاڻپ جو طريقا:
    سڀ کان پهرين ۽ اهم طور تي بلغم جي ٽيسٽ ذريعي اهو ڏٺو وڃي ٿو ته ان ۾ ٽي بي جا جراثيم آهن يا نه، ان کان علاوه ڇاتي جو ايڪسري ڪرائي ڦڦڙن جي ڪنڊيشن جو چڪاس ڪرائي وڃي ٿي. هڪ خاص ٽيسٽ ايم ٽي جي نالي سان هجي ٿي، جيڪا ٻاهن ۾ انجيڪشن لڳائي ڪئي وڃي ٿي پر ان ٽيسٽ تي گهڻو ڀروسو نا ڪري نٿو ڪيو وڃي جو اها ٽيسٽ گهڻن نارمل ماڻهن جي به پازيٽو اچي سگهي ٿي. ٽي بي جي ڪجهه ٻين قسمن جي مريضن جي بايوسپي ڪرائي وڃي ٿي. جنهن ۾ خوردبين جي ذريعي ڏٺو وڃي ٿو ته ٽي بي جا جراثيم موجود آهن يا نه.
    ٽي بي جو علاج:
    ٽي بي جو علاج گهڻو اڳ ۾ موجود نه هو ان ڪري ڊگهي عرصي تائين ٽي بي لاعلاج بيماري رهندي آئي آهي. ميڊيڪل سائينسدانن جي تيز ترقي کان پوءِ ٽي بي جو علاج انتهائي موثر ٿي ويو آهي. ان جي مڪمل علاج لاءِ 5 بنيادي دوائون موجود آهن، جيڪي الڳ الڳ فارمن ۾ به ملن ٿيون ته گڏوگڏ گڏيل فارم ۾ به آهن. يعني هڪ دوا ۾ ٻه ٽي يا چار دائون گڏائي مريض جي استعمال لاءِ انهن کي اسان به بڻايو ويو آهي. اهي دوئون ٽي بي کان نجات لاءِ ان حد تائين اثرائتيون آهن جو جيڪڏهن مريض قابل ڊاڪٽر جي هدايتن تي ٽي بي جو مڪمل ڪورس پابندي سان جاري رکي ته تي بي مان هيمشه لاءِ نجات يقيني ٿيو وڃي. علاج داوران اهم ڳالهيون اهي هجن ٿيون ته مريض تجويز ڪيل دوائون روزانو مقرر وقت تي لازمي کائي ۽ 8 مهينن تائين جاري رهندڙ دوائن جي ڪورس کي اڌ ۾ ڇڏڻ جي غلطي نه ڪري. سموريون دوائون ڪنهن به هڪ وقت تي ورتيون وڃن ۽ انهن جي وچ ۾ صبح، ٻنپهرن ۽ شام جا وقفا نه ڏنا وڃن، ڊاڪٽر دوائن جا ڊوز مريض جي طور تي انهن ۾ گهٽتائي يا اضافو آندو وڃي. دوائن جي استعمال دوران پيشاب جو رنگ هيڊو ٿي وڃي ٿو. جيڪو دوائن جي اثر کي ثابت ٿو ا. تي مريض کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي. ٽي بي جي علاج دوران بيمارين کان بچاءُ جون دوائون به ڊاڪٽر جي هدايتن مطابق استعمال ڪري سگهن ٿيون.
    علاج کي اڌ ۾ ڇڏڻ جو نتيجو:
    ٽي بي مان نجات لاءِ ان جو مڪمل ڪورس ڊاڪٽري هدايتن مطابق لازمي هجي ٿو. مگر ايئن ٿيندو آهي جو ٽي بي جو مريض دوائون واپرائڻ سان هڪ ٻن مهينن بعد پاڻ کي نارمل محسوس ڪندي دوائون استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي. جيڪو عمل بعد ۾ ٻيهر ٽي بي جي اٿلي پوڻ سان انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ٽي بي جراثيمن جو مڪمل خاتمو نه ٿين جي صورت ۾ اهي ٻيهر نئين طاقت سان اڀري سگهن ٿا ۽ انهن تي استعمال ڪيل داوئن خلاف قوت مدافعيت وڌي وڃي ٿي، اهڙي ڪنهن ڪيس جي صورت ۾ ٽي بي جو مريض گهٽ حالتن ۾ زندگي بچائي سگهي ٿو. علاج جي نتيجي ۾ ٽي بي جي بيماري ختم ٿيڻ جي تصديق يا اطمان لاءِ اهي ئي ساڳيون ٽيسٽو ڪرائي تسلي به حاصل ڪري سگهجي ٿي. ٽي بي جي دوائن جو ڪورس اڌ ۾ ڇڏڻ جي نتيجي ۾ ٻيهر ٽي بي ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي ايم ڊي آڙ ۽ رززيسٽنٽ (Resistant) ٽي بي چيو وڇي ٿو. جنهن جو علاج عام ٽي بي جي علاج کان مختلف ئي نه پر گهڻو مشڪل ٿئي ٿو. ان ۾ پهرين کان ٻيڻو وقت به لڳي سگهي ٿو. اهڙي مريض تي ٽي بي عام صورت ۾ هر ممڪن حد تائين مڪمل ڪري ۽ ٽي بي مان هميشه لاءِ بجات ماڻي.
    علاج دوران پرهيز:
    هر بيماري ۾ علاج دوران يا ڪجهه مستقل بيمارين ۾ مستقل پرهيز ڪرڻي پوي ٿي. پر ٽي بي واحد بيماري آهي جنهن ۾ کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ ڪابه پرهيز تجويز نه ٿي ٿئي. اصل ۾ ٽي بي آهي ئي ڪموزر جسمن جي بيماري، جن جسمن کي صحت مندي لاءِ ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ خوراڪ جي ضرورت پوي ٿي پر اهو عجيب الميو آهي جو جن ماڻهن کي هي بيماري متاثر ڪري ٿي ناهن ماڻهن جي خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو بيماري کان اڳ واري حالت جي مقابلي ۾ بيماري دوران اڃا به وڌي وڃي ٿو. گهر ۾ جيڪڏهن ڪمائڻ وارو اڪيلو شخص بيماري ڪري پيو آهي ته ان جو بيروگاري وارو مسئلو شديد ٿي وڃي ٿو. ان لاءِ سرڪار ۽ سرندي وارن کي توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته بيماري جو هي معاملو ڪنهن انسان جي زندگي ۽ موت جو معاملو هجي ٿو. هوئن به دين اسلام ۾ اهو واضع آهي ته ڪنهن هڪ جي زندگ بچائڻ پوري انسانيت جي زندگي بچائڻ جي برابر آهي.
    ڊاٽس (Dots) ڪهڙي بلا آهي:
    ڊاٽس ٽي بي جي علاج جو جديد طريقو آهي. بلڪه ان طريقي سان ٽي بي جي علاج کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو. ان پروگرام جا فقط ٽي اهم نقطا آهن. هڪ ته بلغم جو چڪاس سان ٽي بي جي سڃاڻپ ڪرائي وڃي ته اها آهي يا نه آهي ته ان جي ليول ڪهڙي آهي. ٻيو اهو ته ٽي بي جون معياري دوائون ٽي بي جي مرض کي قابل اعتماد ماڻهو جي هٿان پابندي سان وقت تي روزانو کارائيون وڃن. ٽيون ۽ آخري اهم نقطو اهو آهي ته مريض جو علاج مڪمل ڪرايو وڃي، ان جي دوائن جو وقت سر بندوبست ڪري ان جو ڪورس مڪمل ڪرايو وڃي. افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته ان پروگرام جو صحت کاتي ۾ چرچو ۽ چوٻول ته گهڻو آهي پر ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي. ليڊي هيلٿ ورڪرن کي اضافي طور تي پابند ڪيو ويو آهي ته اهي پنهنجي ايريا ۾ ٽي بي جي مريضن کي هٿ سان روزانو دوائون کارائين، جيڪو صحت کاتي لاءِ سستو سودو ۽ ليڊي هيلٿ ورڪر لاءِ مشڪل ترين ڪم آهي.
    پاڪستان ۾ ٽي بي جو مستقبل:
    بيان ٿي چڪو آهي ته ٽي بي بنيادي طور تي انه ن غريب مانهن جي بيماري آهي، جيڪي گهٽ ڪمائي جي نتيجي ۾ خوراڪ جي گهٽتائي سبب جسماني طور تي ڪمزور ماڻهو آهن. جن جو ملڪ ۾ تمام وڏو تعداد ايندڙ سالن ۾ اڃان به وڌڻ جو امڪان آهي. جنهن ملڪ جي مني آبادي غذائي ڪمي جو شڪار آهن جتي روزگار، مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو انيدو رهي ته پوءِ اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ مستقبل ۾ ٽي بي جي مريضن جو تعداد ڪيئن نه وڌندو؟
    بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو