ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سگريٽ، گٽڪو ۽ مين پڙي انساني زندگي لاءِ تباهي آهن

دل انسان جو انتهائي حساس عضوو آهي ۽ زندگي جو سارو دارومدار ان تي هوندو آهي، انهي ڪري دل جي حفاظت سڀ کان اڳ ۽ اول ڪرڻ کپي، ان ۾ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي نه ڪرڻ کپي. ان حوالي سان عوام کي شعور آڻڻ جي ضرورت آهي . ڇو ته اسان وٽ ڪيترا ماڻهو ان حالت ۾ پهتا آهن جڏهن وال مڪمل طور ختم ٿي چڪا هوندا آهن. انهي جو مک سبب ماڻهو جي بي ڌيان آهي يا ايئن کڻي چئجي ته ماڻهو تڪليف کي سنجيده نه وٺندو آهي ۽ بس ٺيڪ ٿي وينداسين جو چئي ڇڏي ڏيندا آهن. پر ايئن نه ڪرڻ کپي، ٿوري تڪيلف ٿيڻ تي ماڻهن کي اسپتال پهچڻ گهرجي. ماڻهو جيڪا سستي ڪن ٿا انهي جو مک ڪارڻ انهن کي سجاڳي نه هئڻ آهي ماڻهن کي جيئن دل جي بيمارين بابت مڪمل ڄاڻ ملندي، شعور ايندو ته هو الرٽ ٿيندو ۽ ٿوري تڪليف پهچڻ تي فوري طور اسپتال پهچي ويندو. انهن لاءِ آگاهي جي ضروري آهي. هاڻِ ته ٿرپارڪر ۾ به دل جا ڊاڪٽر موجود آهن. جتي ڊائگنوس ٿي وڃي ٿو. ٻهراڙي توڙي شهر ۾ نوجوان مرد ۽ عورتون به مين پڙي، گٽڪو کائين ٿيون اهو فيشن ٿي ويو آهي. پر اهو فيشن صحت جي لاءِ خطرناڪ آهي. نوجوان سگريٽ شوق سان پين ٿا،اهو هرگز نه ٿيڻ کپي، شگر ٿيڻ سان ايئن سمجهيو وڃي ته ماڻهو دل جو به مريض ٿي ويو آهي. انهي ڪري شگر کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ کپي ڇو ته شگر ٿيڻ سان دل جي بيمارين جو رسڪ ٻيڻو ٿيو وڃي، شگر ، بلڊپريشر ۽ ڪولسٽرول تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، جنهن لاءِ مناسب کاڌو کائڻ کپي ۽ هر حال ۾ ورزش ڪرڻ کپي
بشڪريه عبرت.