ڪانفرنس جو فائدو مريضن کي پهچي ٿو، شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪانفرنس جو فائدو مريضن کي پهچي ٿو، شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ​

    پروفيسر ڊاڪٽر فيروز ميمڻ
    ڪارڊيڪ ڪانفرنس جو بنيادي مقصد ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ، هڪ ٻئي جو تجربو شيئر ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي بابت آگاهي حاصل ڪرڻ آهي، ڇو ته هن ڪانفرنس ۾ پوري ملڪ مان نالي وارا دل جا ماهر ڊاڪٽر شرڪت ڪري رهيا آهن. دنيا ايتري وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ ايتري وڏي انفارميشن پکڙجي رهي آهي جو هڪڙي ماڻهو لاءِ پڙهڻ ناممڪن آهي. انهي ڪري جيڪي جيڪي ماهر نئين ڄاڻ حاصل ڪن ٿا، اهي هن ڪارڊيڪ ڪانفرنس ۾ اچي پنهنجي ڄاڻ شيئر ڪن ٿا، اصل ۾ انهي جو فائدو مريضن کي ٿئي ٿو، حيدرآباد ۾ گذريل ڪانفرنس 2003ع ۾ ٿي هئي ان وقت حيدرآباد ۾ دل جي بيمارين جي علاج جي ڪا سهولت نه هئي، پر انهي شاندار ڪانفرنس جو اهو فائدو ٿيو جو اڄ حيدرآباد ۾ 4 سي سي يو آهن،ا ينجيوگرافي،ا ينجيوپلاسٽي يعني سڀ سهولتون موجود آهن۽ انهن سهولتن جو عوام کي ئي فائدو پهتو آهي. انهي مان واضح آهي ته هن ڪانفرنس جو سڌو فائدو عوام کي پهچي ٿو. اسان انهي ڪانفرنس جو نالو پڻ اسان ”دل جي دل“ رکيو آهي. ڇو ته دل انسان جي زنده رهڻ لاءِ مک عضوو آهي. انهي کانسواءِ جيئڻ ممڪن ناهي . انهي ڪري اسان هن ڪانفرنس جو شروعاتي سيڪشن خاص طور آگاهي لاءِ رکيو آهي. جنهن ۾ نالي وارا دل جا ڊاڪٽر اڄ شام 4 کان شام 7 وڳي تائين دل جي بيمارين بابت عوام کي تفصيلي ڄاڻ ڏيندا. عوام ماهرن کان سوال به ڪري سگهي ٿو، اسان ڪولسٽرول، بلڊ پريشر ۽ شگر جون مفت ٽيسٽون به ڪنداسين. ماڻهو کاڌي جي حوالي سان پرهيز نٿا ڪن، ڪولسٽرول ۽ شگر تي ڪنٽرول نه ڪرڻ سگريٽ پيئڻ ۽ ورزش نه ڪرڻ سان دل جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون. اهوئي سبب آهي جو اڳ ۾ 55 سالن ۾ دل جون بيماريون ٿينديون هيون ۽ هاڻ 30 سالن جي عمر ۾ نوجوان دل جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. اڄ جو نوجوان سگريٽ تمام گهڻو پئي ٿو. نوجوان شوقيا طور سگريٽ پيئن ٿا، پر انهن کي خبر هئڻ کپي ته سگريٽ وڏو مرض آهي. دل کي مريض بڻائي ٿو. جڏهن ته ماڻهو فاسٽ فوڊ گهڻو شوق سان کائين ٿا، جيڪي انتهائي نقصان ڪار آهن. اهو ئي سبب آهي جو يورپ ۾ فاسٽ فوڊ شاپ نه کلي رهيا آهن. اهي هاڻي صرف ايشيا ۾ وڌي رهيا آهن. يورپ جا ماڻهو فاسٽ فوڊ ناهن کائيندا، برگر، چيز ۽ ٻيا فاسٽ فوڊ صحت لاءِ صحيح ناهن. انهي کان بهتر آهي ته ڀاڄيون، مرغي ۽ مڇي گهر ۾ پچائي کائڻ کپي، نوجوان توڙي هر عمر وارا سگريٽ هرگز نه پين، اهو خراب آهي، روزانو اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ورزش ڪرڻ ضروري آهي، پر اڄ جي دور ۾ ماڻهو پنڌ نٿا هلن، نوجوان سگريٽ وٺڻ لاءِ مانڊڻي تائين ويندو ته اهو به بائيڪ تي ويندو، پيادل ناهي ويندو. ورزش ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، واڪ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. دل جي بيماري اميرن جي بيماري ناهي، جيڪو ڪيئر نه ڪندو ان کي اها بيماري لڳي ويندي هي، جيڪو شگر ۽ ڪولسٽرول تي ڪنٽرول نه ڪندو ان کي اهو مرض لڳي ويندو، دل صحتمند هوندي ته انسان صحتمند هوندو ۽ صحيح نموني پرسڪون زندگي گذاري سگهندو، پاڪستان ۾ گهڻن ماڻهن ۾ ڪافي شعور اچي چڪو آهي . جڏهن ته ڪافي سڌارا به آيا آهن. 90 واري ڏهاڪي ۾ ماڻهو باءِ پاس ڪرائڻ لاءِ لنڊن ويندا هئا. پر هاڻي اهي سڀ سهولتون پاڪستان ۾ موجود آهن. ايتري قدر جو وچ اوڀر ۽ گلف ڪنٽريز ۾ جيڪي پاڪستاني رهن ٿا،اهي به دل جو علاج پاڪستان ۾ اچي ڪرائين ٿا. اڳ ۾ آپريشن جي لاءِ دل کي بيهوش ڪندا هئاسين هاڻي دل ڪم ڪندي رهندي آهي ته آپريشن ڪندا آهن . اينجوپلاسٽي ۾ اڳ هڪ رڳ کلندي هئي هاڻي 3 رڳون کلن ٿيون.
    دل جو دورور پوڻ جا ڪيترائي سيمٽم آهن، جنهن ۾ ڇاتي ۾ سور، گهٽ محسوس ٿيڻ ، گيس جو گولو محسوس ٿيڻ، ڇاتي ۾ سور به پوندو آهي. اڪثر ماڻهو انهن تڪليفن کي صرف گيس سمجهي پيا دوائون کائيندا آهن. پر انهن کي ايئن نه ڪرڻ کپي، ٿوري تڪليف ٿئي ته فوري طور ڊاڪٽر وٽ وڃڻ گهرجي، پر ماڻهو غيرذميواري جو مظاهرو ڪندا آهن، شگر ٿوري وڌيل هوندي ته ان کي معمولي سمجهي ڇڏيندا آهن پر ايئن هرگز نه ڪرڻ گهرجي.
    شگر ، بلڊپريشر ۽ ڪولسٽرول وڌڻ دل جي دوري جو سبب ٿي سگهن ٿا. انهي ڪري ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان اسڪولن ، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سيمينار ۽ پروگرام ڪري رهيا آهيون جن سان نوجوانن کي ڄاڻ فراهم ڪري رهيا آهيون ته هو پنهنجي دل جي حفاظت ڪن ۽ سگريٽ نه پيئن ۽ ماڻهن ۾ ڪافي شعور اچي چڪو آهي. 10 سال اڳ ماڻهو دل جي بيماري کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا هئا. پر هاڻي ته اسلامڪوٽ ۽ ڇاڇري مان به ماڻهو ٿوري تڪيلف محسوس ٿيڻ تي پهچي وڃن ٿا. انهي لاءِ اسان هوٽلن ۾ نه پر عوامي هنڌن تي سيمينار ۽ آگاهي فراهم ڪرايون پيا پريٽ آباد سميت حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ پروگرام ڪرايا آهن، حيدرآباد، نوابشاهه، لاڙڪاڻو، هالا، ٽنڊو آدم، ٽنڊوالهيار، شهدادپور ۽ بدين ۾ ليڪچر ڏيندا آهيون.
    اهو سڀ ڪجهه اسان پاڪستان ڪارڊيو سوسائٽي جي پليٽ فارم تي ڪندا آهيون حڪومت کي به سيمينار ڪرائڻ کپن، جيئن صحت سڀني لاءِ پاليسي ۾ پوليو ، ٽي بي ۽ ايڊز جي خاتمي لاءِ مهم هلائي وڃي ٿي. ايئن دل جي بيمارين بابت هلائڻ کپي ڇو ته ايڊز ۾ ايترا ماڻهو نٿا مرن جيترا دل جي بيمارين وگهي مرن ٿا. بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو