ڪڪڙين جي پالنا جا فائدا

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪڪڙين جي پالنا جا فائدا​


    ڊاڪٽر علي محمد خشڪ
    اسان جي ملڪ پاڪستان جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ ڪڪڙين جي پالڻ واري گهريلو صنعت صدين کان رائج آهي. ڪڪڙين جي وسيع تجارتي فارمن جي شروعات 1965ع ۾ ڪراچي شهر کان شروع ٿي، سڀ کان پهريائين پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين ڪڪڙين جي فارم جو هڪ يونٽ جو بنياد وڌو. وقت سان گڏ ڪڪڙين جي تجارتي صنعت ۾ واڌارو ايندو ويو. صوبي سنڌ ۾ ڪراچي، ٺٽو، سکر، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ تجارتي فارمن جو بنياد پيو. صوبي پنجاب ۾ لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، ڪوهه مري ۽ سرگودها ۾ پڻ تجارتي فارم کوليا ويا آهن. صوبي بلوچستان ۾ ڪوئيٽا، گودر ۽ حب ۾ تجارتي فارمن جو بنياد پيو. جڏهن ته صوبي سرحد ۾ پشاور، ايبٽ آباد، مينگوره ۾ ڪڪڙين پالڻ جي تجارتي صنعت کي پڻ هٿي ڏني وئي. پاڪستان جي چئني صوبن ۾ 1965ع کان 2005ع تائين ڪل چاليهن سالن جي عرصي دوارن ڪڪڙين جي صنعت ۾ ايتري قدر واڌ ايندي ويئي جنهن جو مثال نٿو ملي ڪڪڙين جي گوشت ۽ بيضن جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪڪڙين جي صنعت ۾ خانگي يعني غير سرڪاري ادارن هڪ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. کين ڪڪڙين جي فارمن تي سائنسي اصولن کي مدنظر رکي ڪڪڙين جا اعليٰ نسل پالي جنهن مان گهڻي پيداوار حاصل ڪئي ۽ پڻ گوشت وارين ڪڪڙين ۽ بيضن وارين ڪڪڙين جي علحيده علحيده درجه بندي ڪئي. ڪڪڙين جي سٺي سارسنڀال، معياري خوراڪ جيڪا سائنسي بنيادن تي تيار ڪري استعمال ۾ آندي ويئي. جنهن سان ڪڪڙين جي گوشت ۽ بيضن ۾ پڻ اضافو آندو ويو. سندن علاج لاءِ مختلف قسم سائنسي مشاهدا ڪري ڪڪڙين جي موذي مرضن لاءِ دوائون ۽ بچاءُ جا ٽڪا پڻ تيار ڪيا ويا. جنهن ساڻ ڪڪڙين جي پيداواري صلاحيت ۾ ڪافي قدر فائدو ٿيو. انهن ڪاوشن سان ڪڪڙين جي صنعت ۾ هڪ وڏو انقلابي واڌارو آيو آهي.
    ڪجهه عرصو اڳ ڪڪڙ جي گوشت صرف امير کائيندو هو. غريب ماڻهو دال، بصر ۽ پٽاٽن کائڻ کان به لاچار هو پر هن وقت ڪڪڙ جو گوشت جيڪو ٻاڪري گوشت کان وڌيڪ سستي اگهه تي مهيا ٿئي ٿو جيڪو غريب توڙي امير ماڻهو استعمال ۾ آڻين ٿا. ڪڪڙين جا بيضا هن وقت عام جام شهر توڙي ٻهراڙي ۾ سستي اگهه عام جام حاصل ٿين ٿا. اهي سڀ ڪاوشون انهن دارن جون آهن. جن هن ترقي واري دور ۾ ڀاڻ پتوڙيو آهي. انساني خوراڪ ۾ لحميات يا گوشت جي گهٽ استعمال ڪرڻ ساڻ خاص طور تي انسان جي دماغ جي نشوونما ۾ گهٽتائي پيدا ٿئي ٿي. جنهن سبب مختلف قسمن جون بيماريون ٿي سگهن ٿيون. انسان جي خوراڪ ۾ سندس صحت و تندرستي لاءِ لحميات جو هئڻ تمام ضروري آهي. اچو ته غور ڪريون نيوزيلينڊ ملڪ ۾ 77 گرام حيواني لحميات روزانه في ماڻهو کي ميسر ٿئي ٿي. جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ صرف 7 گرام حيواني لحميات روزانو في ماڻهو کي مشڪل سان مهيا ٿئي ٿي. جيڪو امير ماڻهو جي حصي ۾ 80 ۽ باقي غريب ماڻهو کي 20 سيڪڙو حاصل ٿئي ٿي.
    آنا(بيضا) ڏيندڙ ڪڪڙين جي سارسنڀال
    اسان جي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ هاري، مزدور، مالوند ڀائرن جي هر گهر ۾ ڪڪڙيون پاليون وينديون آهن. پاڻ انهن مان گوشت ۽ بيضا حاصل ڪري استعمال ۾ آڻين ٿا ۽ باقي ٿوري خرچ جي پورائي ڪرڻ لاءِ وڪڻندا آهن. انهن ڪڪڙين جي سارسنڀال سائنس جي بنيادي اصولن تحت نه ڪندا آهن. جيڪڏهن انهن جي سارسنڀال سائنسي طريقي تي ڪن ته پنهنجي نشوونما کي برقرار رکي ملڪي معيشت ۾ پڻ واڌارو آڻي سگهجي ٿو.
    آنا (بيضا) ڏيندڙ ڪڪڙين جي سارسنڀال جا بنيادي اصول:
    ڪڪڙين جي پالڻ واري مالڪ کي هميشه چست ۽ چالاڪ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اوڙي پاڙي ۾ ڪڪڙين ۾ وبائي بيماري هجي ته ڪڪڙين کي انهي بيماري جي بچاءُ جا ٽڪا هڻائڻ گهرجن ۽ سندن ترت علاج ڪرڻ گهرجي.
    وڌيڪ بيضا ڏيندڙ ڪڪڙين جي معياري نسل جي چونڊ ڪجي مثال طور وائيٽ ليگ هارن، برائون ليگ، بليڪ منارڪا، لائل پور، سلور بليڪ، ڪوچين، برهماز ۽ فيومي.
    ولائتي ڪڪڙين جي بيضن ڏيڻ وارو عرصو پنجن مهينن کان شروع ٿئي ٿو. انهي عرصي دوارن ڪڪڙين تي خاص توجه ڏجي. بيڪار، بدنسل ۽ ڪمزور ڪڪڙين جي ڇانٽي ڪئي وڃي.
    چئن مهينن اندر راڻي کيت(لڙهي) جي بيماري جي بچاءُ جا ٽڪا ضرور هڻائڻ گهرجن.
    جيڪڏهن ڪڪڙين ۾ڪچن بيضن جي ڪمزوري پيدا ٿئي ته سندن ڇاڻي ۾ چوني جو استعمال ڪرائجي يا ڪنهن سٺي معياري ڪمپني کان ڪيلشم وٽامن دوا گهرائي استعمال ۾ آڻجي.
    فارم جي صفائي تي خاص توجه ڏجي. پاڻي روزانو تازو استعمال ۾ آڻجي، کائڻ پيئڻ وارن ٿانون کي روزانو صاف ڪجن.
    غير ضروري ماڻهن جي اچ وڃ بند ڪيو وڃي.
    بيضا ڏيندڙ هر ڪڪڙ کي گهٽ ۾ گهٽ چروس فٽ جڳهه ڏيڻ گهرجي.
    جڏهن بيضن (آنن) جي پيداوار 10 سيڪڙو ٿئي ته روشني وڌائڻ گهرجي. جيڪو 17 ڪلاڪ روشني هئڻ لازمي آهي. صرف هڪ بلب 40 واٽ 200چورس فٽ جي ايراضي لاءِ ڪافي رهندو.
    100 عدد ڪڪڙين لاءِ متوازن خوراڪ 25 کان 30 پائونڊ روزانه ڏيڻ گهرجي. 100 عدد ڪڪڙين لاءِ 6 گيلن پاڻي پيئڻ لاءِ روزانو ڏيڻ گهرجي. ڪڪڙين کي هيٺ زمين تي بيضن ڏيڻ جي عادت نه وجهجي. بيضن ڀڃڻ جو خطرو ٿئي ٿو. جنهن ڪري مالڪ کي ڪافي نقصان ٿئي ٿو. ڪڪڙين کي کڏين ۾ وهيڻ جي عادت وجهجي. هڪ کڏيءَ ۾ 4 کان 5 ڪڪڙيون ويهارڻ کپن. ڪڪڙين جي پرن ۽ بدن جي چڪاس ڪرڻ گهرجي.
    جيڪڏهن چچڙن جو حملو ٿئي ته جلد ازجلد ڪنهن معياري ڪمپني کان دوا گهرائي استعمال ۾ آڻجي.
    خرچ ۽ آمدني طرف توجهه ڏيڻ گهرجي.
    ڪڪڙين جي فارم اندر جهنگلي جانور، جهنگلي پکين، ڪوئن، نورن، نوريئڙن، ڪتن کي اچڻ کان روڪڻ گهرجي.
    گرمي ۾ ڪڪڙين کي گرمي کان ۽ سردي ۾ ڪڪڙين کي سردي کان بچائڻ گهرجي.
    گوشت وارين ڪڪڙين جي سارسنڀال:
    اڄڪلهه جديد سائنسي دور ۾ گوشت وارين ڪڪڙين جي درجه بندي ڪئي ويئي آهي. جنهن سان مختلف سائنسي تجربا ڪري ڪڪڙين جو اهڙو نسل پيدا ڪيو ويو آهي. جيڪي ٿوري وقت ۾ ٿوري کاڌ (داڻو) کائڻ سان زياده گوشت مهيا ٿئي ٿو. نسل سان گڏ متوازن داڻو ڏيڻ تمام ضروري آهي. پهرين چئن هفتن دوران 22 کان 24 سيڪڙو اعليٰ قسم جي لحمياتي خوراڪ ڏني ويندي آهي. انهي خوراڪ جي استعمال سان 2/1 پائونڊ خوراڪ ڏني ويندي آهي. انهي خوراڪ جي استعمال سان 2/1 پائونڊ داڻي ڪري هڪ پائونڊ جسماني واڌارو اچي ٿو. جيڪڏهن گوشت وارن چوزن کي سٺي کاڌ خوراڪ ۽ بهترين رهائشي انتظام ساڻ گڏ سٺي سارسنڀال ڪجي ته هڪ ڪلو کان ڏيڍڪلو جسماني وزن حاصل ٿئي ٿو. انهن جو گوشت نرم، لذيذ ٿئي ٿو. جيڪو جلد هضم پڻ ٿئي ٿو. هن نسل جي ڪڪڙين جا زرخيز بيضا ملڻ مشڪل آهي. انهي لاءِ هن نسل جا هو هڪ ڏينهن جا چوزا ڪنهن سٺي هيچري(چوزن وڪڻڻ واري) معياري ڪمپني کان خريد ڪجن ته بهتر ٿيندو. هن نسل جا نر ۽ مادي چوزا گڏ وڪامندا آهن. مادين جي مقابلي ۾ نر جلد وزن ڪن ٿا. چوزن کي معياري خوراڪ جي ضرورت پوي ٿي. گڏوگڏ کين 24 ڪلاڪ روشني جي پڻ ضرورت پوندي آهي. چوزن پالڻ لاءِ مصنوعي ماءُ (بروڊر) هيٺان ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتون هيٺيان رکڻو پوي ٿو.
    جنهن لاءِ تمام گهڻي توجهه ڏيڻ جي ضرورت پوي ٿي.
    ڪڪڙ جي يبضي(آنن) جي غذائي اهميت:
    ڪڪڙِن جا بيضا غذائي اعتبار کان نهايت عمده ۽ طاقتور ٿين ٿا نه رڳو جسماني طاقت کي برقرار رکن ٿا گڏوگڏ جسماني نشوونما ۽ افزائش نسل ۾ پڻ وڏي حيثيت رکن ٿا. ڪيميائي نظريئي تي ڏٺو ويو آهي ته ڪڪڙي جي بيضن ۾ بهترين قسم جي لحميات ۽ سڻڀ جو مرڪب موجود هوندا آهن. انهي کانسواءِ ڪڪڙ جي بيضي ۾ حياتيون جا ڪيميائي جزا پڻ آهن. جيڪي جسم ۾ چڱي طرح هضم ۽ جذب ٿين ٿا. غذائي لحاظ کان بيضي ۾ ٻه حصا موجود آهن. بيضي جي سفيدي بيضي جي زردي ڪڪڙ جي بيضي ۾ اچڻ 60 سيڪڙو، بيضي زردي 30 سيڪڙو ۽ باقي کوپر بيضي جي زردي 10 سيڪڙو ٿيندي آهي. بيضي جي سفيدي پچائي کائڻ سان جلد هضم ٿئي ٿي. بيضِ جي زردي ۾ ٻه جي سفيدي بچائي کائڻ سان جلد هضم ٿئي ٿي. بيضي جي زردي ۾ ٻه حصا سٺي قسم جا سڻڀ ۽ ٽيون حياتين سان ڀرپور هوندو آهي. بيضي جي زردي پيٽ ۾ لغاب جي مقدار کي وڌائيندي آهي ۽ پڻ جلد هضم ٿيندي آهي. ننڍڙن ٻارڙن لاءِ ڪڪڙين جا آنا اعليٰ قسم جي خوراڪ جي حيثت رکن ٿا. سندن واڌ ۽ نشوونما لاءِ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
    سفارشون:
    ڪڪڙين جي پالڻ ۽ سندن سارسنڀال سائنس جي بنيادي اصولن تي ڪئي وڃي.
    ڪڪڙين جا معياري نسل پالي انهن مان وڌ ۾ وڌ گوشت ۽ بيضا حاصل ڪيا وڃن. جيئن گهڻو ناڻو ڪمائي پنهنجي معاشي حالت سڌاريو وڃي.
    ڪڪڙين جا تجارتي فارم وڌ ۾ وڌ کوليا وڃن ۽ سندن همت افزائي ڪئي وڃي.
    ڪڪڙين جي مختلف موذي مرضن جي روڪٿام لاءِ بچاءُ جي ٽڪن جو استعمال ڪجي.
    ڪڪڙين جي فارم تي غير ضروري ماڻهن جي اچڻ تي بندش وجهڻ گهرجي.
    ڪڪڙين جي کاڌ خوراڪ تي مختلف قسم جا تجربا ڪري معياري خوراڪ ايجاد ڪجي. جنهن سان ڪڪڙين جي گوشت ۽ بيضن ۾ اضافو اچي سگهي.
    ڪڪڙين جي پالڻ، سارسنڀال، نسل، بيماري ۽ معياري خوراڪ تي مختلف قسم جا سيمينار منعقد ڪيا وڃن.
    ڪڪڙين پالڻ لاءِ ٻهراڙي جي ڳوٺ وارن مالوند ڀائرن کي شوق پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا پراجيڪٽ ٺاهيا وڃن.
    بشڪريه عبرت
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪڪڙين جي پالنا جا فائدا

    ادا ڪڪڙين پالڻ جا وڏا فائدا آهن

    مفت م آنا ڏين ٿيون
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪڪڙين جي پالنا جا فائدا

    واھ ادا ممتاز ليک واھ جو ونڊ ڪيو آهي۔۔۔اوهان تفصيل سان ڪجھ ٽائيم کان بعد پڙهانس۔۔ٿو مهرباني​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو