وقتائتي ڪڻڪ جي پوک ۽ غذائي اهميت

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    وقتائتي ڪڻڪ جي پوک ۽ غذائي اهميت​


    حبيب الله راهو
    ڪڻڪ جو فصل خاص طور تي دنيا ۾ کاڌي جي لاءِ تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو. ڪڻڪ توانائي ڏيڻ جي صورت ۾ انسانذات جي کاڌي جو 20 سيڪڙو پورائو ڪري ٿي. جنهن ۾ لحميات، وٽامنس، نشاستو، ڪئلشم ۽ آئرن خاص مقدار ۾ اچي وڃن ٿا. ڪڻڪ کي کاڌي جي لاءِ اٽي ۾ تبديل ڪئي وڃي ٿي. انهي سان گڏوگڏ بريڊ، بسڪٽس ۽ ٻين بيڪري پراڊڪٽس وغيره ۾ خاص اهميت رکي ٿي. انهي کان علاوه هن مان نڪرندڙ بهه کي جانورن جي چاري لاءِ خاص اهميت حاصل آهي. هڪ رپورٽ مطابق دنيا ۾ ڪڻڪ جون 30000 کان به وڌيڪ جنسون پوکيون وڃن ٿيون. هنن مان خاص اهميت جي لائق بريڊ ويٽ، ميڪروني ويٽ، ۽ ڪلب ويٽ تعريف جوڳيون آهن. ڪڻڪ کي اڪثر ڪري ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. جن ۾ هارڊ يا سافٽ قسم اچي وڃن ٿا. هارڊ يا اٽرانگ ڪڻڪ جو تعلق گهڻي مقدار ۾ پروٽين گليوٽين سان آهي. گيوٽين ٻن پروٽينس جي ميلاپ کانپوءِ عمل ڪري تيار ٿئي ٿي هن کي کاڌي وارين شين ۾ وڌيڪ مقبوليت آهي. هن مان کاڌي وارين شين ۾ وڌيڪ جي بريڊ تيار ڪئي وڃي ٿي. انهي ڪري انتهائي اهم آهي. ويڪ يا سافٽ ويٽ ۾ پروٽين جي مقدار هارڊ ويٽ کان گهٽ هوندي آهي. هن جو استعمال بسڪٽس ۽ ڪيڪس وغيره لاءِ خاص اهميت رکي ٿي پر هي قسم بريڊ جي لاءِ هرگز موافق نه آهي. ڪڻڪ جو فصل اناج وارن فصلن جهڙوڪ ساريون، جؤ، جوئر، مڪئي جي مقابلي ۾ انساني خوراڪ لاءِ وڌيڪ موزون آهي.
    ڪڻڪ ۾ موجود ڪيميائي جزن جو مقدار سؤ گرام جي مقدار تي
    نالو: مقدار (سيڪڙو)
    پاڻي: 8.0 کان 17.0 سيڪڙو
    نشاستو: 63.0 کان 71.0 سيڪڙو
    کنڊ: 2.0 کان 3.0 سيڪڙو
    لحميات: 2.0 کان 15.0 سيڪڙو
    تاندورو: 2.0 کان 2.5 سيڪڙو
    سڻڀ: 1.5 کان 2.0 سيڪڙو
    ايش: 1.5 کان 2.0 سيڪڙو
    ڪئلشئم: 41.0 ملي گرام (100 گرام ۾)
    مئگنيشئم: 138.0 ملي گرام (100 گرام ۾ )
    فاسفورس: 306.0 ملي گرام (100 گرام ۾)
    فاسفورس: 306.0 ملي گرام(100 گرام ۾ )
    فائٽن: 238.0 ملي گرام (100 گرام ۾)
    آئرن: 4.9 ملي گرام(100 گرام ۾)
    وٽامنس: ٿائمن ۽ نائيڪوٽينڪ ايسڊ سٺي مقدار ۾ موجود آهن. انهي کان علاوه بي وٽامنس ٿوري مقدار ۾ موجود آهي.
    سڄي دنيا ۾ ڪڻڪ مان 119 قسمن جو مختلف کاڌي واريون شيون ٺاهيون وينديون آهن. اناج وارن فصلن مان ڪڻڪ کي ان ڪري گهڻي اهميت حاصل آهي. ڇاڪاڻ ته هن ۾ هڪ قسم جي پروٽين (گليوٽين) موجود آهي. جيڪا هن ۾ هڪ قسم جي لچڪ پيدا ڪري ٿي جيڪا ڪڻڪ جي گهرج اٽو ڳوهڻ مهل عمل ڏيکاري ٿي. ساليانو هڪ فرد جي 23.4 کان 45 ڪلوگرام تائين آهي. ڪڻڪ جي پوکي ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ ۽ وڌ کان وڌ پيداوار حاصل ڪرڻ جي حوالي سان سارسنڀال جي سلسلي ۾ ضروري هدايتون مهيني جي حساب سان آهن جن کي آبادگار ڀائر ذهن ۾ رکي ڪري ڪڻڪ جي پيداوار وڌائي سگهن ۽ انهن مهينن جي حوالي سان سار سنڀال تي عمل پيرا ٿي ڪري سگهن ٿا ۽ ملڪ جي اناج ۾ وڌارو آڻي.
    آڪٽوبر:
    وونئڻن ۽ سارين جي چونڊائي ۽ ڪٽائي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ گهرجي ۽ ڪڻڪ جي فصل لاءِ زمين جي تياري شروع ڪجي. زمين کي هر ڏئي ڪري چڱي ڏسو صفحو 6
    نموني ليول ڪرڻ ضروري. انهي سان گڏوگڏ گندگاهن جو خاتمو به ڪجي. سنڌ ۾ اڪثر علائقن ۾ ڪڻڪ جي فصل لاءِ زمين جي تياري آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ شروع ٿي ويندي آهي. آبپاشي وارن علائقن ۾ 28 آڪٽوبر کان ڪڻڪ جي پوکي جي شروعات ٿيو وڃي. گهر ۾ رکيل ٻجن لاءِ صفائي ۽ خاص ذهر جو استعمال ڪرڻ گهرجي.
    ڪيميائي ڀاڻ، خالص ٻج ۽ ربيع جي ڊرل (ناڙي واري مشين) يا هر جو بندوسبت ڪيو وڃي.
    خشڪ علائقن ۾ ڪڻڪ جي پوکي نومبر مهيني جي 15 کانپوءِ شروع ڪئي وڃي. خشڪ علائقن لاءِ ڪڻڪ جون سفارشون ڪيل جنسون پوکيون وڃن جيئن سڪرنڊ ون وغيره.
    انقلاب 91 ۽ بکر هاڻ بيمارين جو شڪار ٿين ٿيون. انهي لاءِ هنن جي پوکي واري ايراضي گهٽجي وئي آهي. خشڪ علائقن ۾ پوکي سان گڏ ئي فاسفورس ۽ نائٽروجن وارا ڀاڻ استعمال ڪرڻ گهرجن.
    نومبر:
    هن مهيني ۾ جن آبادگارن وونئڻن ۽ سارين جي پٽائي نه ڪئي آهي اهي جلد کان جلد ڪري وٺن، ٻج جي صفائي سنيور وارن زهرن بين ليٽ، ويٽاويڪسن ٽاپسن ايم وغيره جو ضرور استعمال ڪيو وڃي.
    آڳاٽين جنسن جي پوکي هن مهيني مڪمل ڪرڻ گهرجي.
    ڪلراٺين زمينن ۾ فقط سفارش ڪيل جنسن جي پوکي ڪرڻ گهرجي. پنهنجو ٻج تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪڻڪ جي گهٽ مقدار 30 کان 40 ڪلوگرام سان گڏ ويڪرن قطارن ۾ پوکي ڪريو. وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ نومبر کان ڊسمبر تائين پوکي مڪمل ڪرڻ ضروري آهي.
    پوکي ناڙي وسيل ڪئي وڃي جنهن سان بهتر پيداوار حاصل ٿيندي آهي.
    پهريون پاڻي ڪڻڪ نڪرن جي 18 کان 21 ڏينهن کانپوءِ ڏنو وڃي.
    فاسفورس وارا ڀاڻ فصل جي پوکي وقت استعمال ڪرڻ مثبت آهي ۽ نائٽروجن وارا ڀاڻ پهرين پاڻي سان گڏ استعمال ڪرڻ گهرجي. مينهن تي آباد ٿيندڙ علائقن ۾ گندگاهن جو خاتمو جاري رکو. ساريون ۽ ڪمنڊ کانپوءِ ٽيوب ويل سان آباد ٿيندڙ علائقن ۾ وڌ کان وڌ پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ پوٽاش جي ڀاڻن جو ضرور استعمال ڪريو.
    ڊسمبر:
    ۾ ريل يا دير ٿيل ڪڻڪ جي پوکي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ کپي.
    دير سان پوکي ٿيندڙ جنسون ٽي ڊي ون ۽ ٽي جي 83 وغيره جي پوکي مثبت نتيجا ڏيندي.
    گندگاهن جي خاتمي لاءِ Weedicide جو وقت تي استعمال ڪرڻ گهرجن. جنهن سان ڪارائتا نتيجا ثابت ٿيندا.
    دير سان پوکي ٿيل زمين ۾ سڀ جا سڀ ڀاڻ هڪ ئي وقت تي استعمال ڪريو پر ڪمزور ۽ وارياسين زمينن ۾ نائٽروجن وارا ڀاڻ 2 کان 3 ڀيرا استعمال ڪرڻ گهرجي.
    دير سان پوکي ويندڙ ڪڻڪ لاءِ ٻج جو مقدار 50 کان 70 ڪلوگرام استعمال ڪريون ويون . انهي کان علاوه اهو مقدار هر جسن جي حساب سان عليحده سان مقرر ڪيل آهي.
    جنوري:
    ۾ فصل جي واڌ سان شروعاتي ڏينهن ۾ ئي پهرين پاڻي جي عرصي ۾ گندگاهه مار زهرن جو استعمال ڪريو.
    مينهن پوڻ جي اندازي کي ذهن ۾ رکي ڪري پاڻي جو استعمال ڪريو.
    ٻج رکڻ وارين زمينن ۾ اڻ وڻندڙ ٻوٽا ڪڍي ڇڏيو.
    پهرين پاڻي تي نائٽروجن کي استعمال ۾ آڻيو.
    وڌيڪ مينهن پوڻ جي جي صورت ۾ پاڻي جي نيڪال ٿيڻ جو بندوبست هئڻ گهرجي.
    ڪوئن يا ٻين نقصان رسائيندڙ عنصرن کان بچڻ لاءِ پاڻي ڏنو وڃي.
    فيبروري:
    ۾ مينهن نه پوڻ جي حالت ۾ فصل کي هڪ ڀيرو پاڻي ڏنو وڃي.
    ٻج رکڻ واري زمين مان غير جنس ۽ گندگاهه جا ٻوٽا ڪڍي ڇڏيو.
    مارچ:
    ۾ آڳاٽي يا پاڇاٽي پوکيل فصل لاءِ آخري پاڻي 20 کان 30 مارچ تائين مڪمل ڪريو. پاڻي جي هن ٻڌايل وقت جو دارومدار جنسن جي پچڻ وارن ڏينهن، زمينن جي حالات ۽ سارسنڀال تي پڻ ڀاڙي ٿو ته ڪڏهن پاڻي بند ڪيو وڃي.
    ڪڻڪ جي لاپاري ڪرڻ کان پهرين موسم جي حالتن کي ڏسي ڪري لابارو ڪيو وڃي.
    اپريل:
    ڪڻڪ جو لابارو 15 کان 25 ڏينهن اندر مڪمل ڪيو وڃي.
    اڪثر ڪري سنڌ ۾ پهرين اپريل کان 25 اپريل تائين لابارو ڪيو وڃي ٿو. ڪڻڪ کي لاباري کانپوءِ هفتي تائين سڪڻ ڇڏجي. تنهن کانپوءِ ٿريشنگ (ڳاهه) شروع ڪجي. ٿريشنگ جي لاءِ بهتر آهي. ته ڪڻڪ جا گڏا ٺاهي ڪري ٿريشر ۾ لڳائجن بجاءِ ديري ٺاهڻ جي، ديري ٺاهڻ ۾ ٿريشر مشين جو اڪثر نقصان ٿيندو آهي. ٻج ۽ کائڻ واري ڪڻڪ کي جراثيمن کان صاف ٻورين ۾ ڀري رکيو وڃي. پر ان کان پهرين ان کي سڪايو وڃي ۽ ان جي موجود گهم 8 کان 10 سيڪڙو تائين هئڻ گهرجي. گودامن يا گهرن ۾ ڪڻڪ رکڻ کان پهرين ڪوئن، پکين يا جيتن ۽ ٻين نقصان رسائيندڙ عنصرن کان پاڪ ڪيو وڃي. انهن لاءِ ايڪٽاڪسن يا فاسٽاڪسن جي گورين جو دونهون ڏنو ويندو آهي. ٻئي صورت ۾ قدرتي هٿرادو طريقا اپنائڻ گهرجن.
    بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو