اناج کي نقصان پهڇائيندڙ جيت

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اناج کي نقصان پهڇائيندڙ جيت​


    ڪلتار گل مينگهواڙ
    قديم زماني کان وٺي انسان اناج کي گڏ ڪري رکڻ جا مختلف طريقا استعمال ڪندو آيو آهي، اهڙيون ڪجهه شاهديون اسان کي موهن جي دڙي جي کنڊرن مان ملن ٿيون جتي اڄ کان پنج هزار سال پهرين انسان پنهنجي ضرورتن کي مدنظررکندي ايندڙ وقت لاءِ اناج کي انساني قوت سان گڏوگڏ موسمن آهر پوکي راهي لا به ڪم آڻي سگهجي.
    گڏ ڪيل اناج کي مستقل بنيادن تي محفوظ رکڻ لاءِ کين ڪيترين ڏکيائين کي منهن ڌيڻو ٿي پيو جنهن لاءِ وقت به وقت نوان طريقا ڳولڻا ٿي پيا جيئن سندس گڏ ڪيل اناج کي گهٽ کان گهٽ نقصان ٿي سگهي ۽ ان جي خاصيت توڙي مقدار۽ معيار برقرار رهي.
    ٽائيم گذرڻ سان گڏوگڏ انسان ان کي محفوظ رکڻ لاءِ نوان نوان طريقا ڳوليندو رهيو آهيڪابه شيءَ زخيرو ڪرڻ وقت نقصان گھٽ ۾ گھٽ ٿئي. ذخيره اندوزي دوران هن ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته هي هڪ زنده شئي آهي ۽ ان جي بهتر حفاظت تڏهن ممڪن آهي جڏهن انهن شين جو خيالو رکيو وڃي جيڪي زندگي قائم رکڻ لاءِ ضروري هونديون آهن جئين هوا، روشني ۽ گھم، نمي وغيره.
    ذخيرو ڪرڻ واري جڳهه اگر هر لحاظ کان موزون آهي ته پوءِ اناج کي ذخيرو ڪرڻ کپي ڇو ته ڪجھه نقصان پهچائيندڙ جيتن جي نسل جي افزائش ۽ انهن جي موجودگي به اناج جي مقدار، خاصيت کي نقصان پهچائي سگھي ٿي. ڪجھه نقصان پهچائيندڙ جيت هي آهن.
    کپرو(Trogoderma granarium) :
    هي هڪ سخت جان رکندڙ ڪيڙو آهي جيڪو اَنَ کي شديد نقصان پهچائي ٿو. مناسب حالتن ۾ تيزي سان وڌڻ جي منجهس صلاحيت آهي. هن جي مادي، نر کان تقريبن ٻيڻي هوندي آهي جيڪا وڌ ۾ وڌ ٻه هفتا زنده رهندي آهي ۽ ان دوران تقريبن 80 کان 120 بيضا ڏيندي آهي. جنهن مان ٽن کان پنجن ڏينهن جي اندر سنڊيون نڪري اينديون آهن.جنهن جو ڪجھه دير کان پوءِ رنگ ڀورو ٿي ويندو آهي ۽ ان جي جسم تي وار ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ هي ئي سنڊيون اصل ۾ نقصان جو سبب بڻجنديون آهن. 17 کان 20 ڏينهن ۾ پيوپا جي شڪل اختيار ڪري وينديون آهن. جيڪا 4 کان 6 ڏينهن ۾ بالغ ڪيڙن جي صورت ۾ نمودار ٿين ٿا،
    ان جي ماڪوڙي:(Rhyzopertha dominica) هي ڪيڙو تقريبن 3 ملي ميٽر ڀوري يا ناسي رنگ جو ٿيندو آهي. جنهن جو مٿو هيٺ طرف ۽ جسم جي پرن وارو حصو مٿئين طرف اڀريل هوندو آهي. هي خاص طور تي نشاشتي دار حصن کي پسند ڪري ٿي.
    سونڊ واري ماڪوڙي(Sitophilus oryzae) :
    هِن قسم جي ماڪوڙي ۽ سنڊي ٻئي پيل يا رکيل ڪڻڪ لاءِ نقصان ڪار هونديون آهن. هن ماڪوڙي جي ڊيگهه 3 ملي ميٽر۽ مُنهن سوُنڊ جي شڪل جهڙو هوندو آهي. جنهن جي مادي بغير پيرن جي هوندي آهي، جيڪا داڻي جي اندر ئي کائيندي پئيندي ۽ وڌندي رهندي آهي. مادي ماڪوڙي 150 کان 250 بيضا هڪ هڪ ڪري داڻي جي مٿان ننڍا ننڍا ڳنڍا ٺاهي پوءِ هڪ ليسدار مادي سان بند ڪري ڇڏيندي آهي هي ماڪوڙي تقريبن 3 کان 5 مهينن تائين زنده رهندي آهي. بيضن منجھان ٻچو (ماڪوڙي) نڪرڻ سان ئي مادي واپس داڻي ۾ هلي ويندي آهي ۽ تقريبن ڏسو صفحو 6
    20 ڏينهن کان پوءِ اُتي ئي پيوپا ٺهي ويندا آهن، جنهن مان 3 کان 4 ڏينهن جي اندر نر بالغ ان مان نڪري ويندا آهن. هي سڄو عمل هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي.
    ان جي کوڙي جو پروانه (Sitotraga cerealella) :
    هي پروانو بذات پاڻ بي ضرر آهي پر ان جي سنڊي ذخيرو ڪيل ان کي شديد نقصان پهچائيندي آهي. پروانو هلڪي پيلي رنگ جو 8 کان 10 ملي ميٽر ڊگھو ٿيندو آهي سندس پرن جو آخري حصو تيز هوندو آهي. جنهن جي پوئين حصي تي ننڍا ننڍا وار ٿيندا آهن. جنهن جڳهه تي پروانا موجود هوندا آهن اتي درن، درين تي ننڍا ننڍا نشان نظر ايندا آهن. هي ڪيڙو ڪڏهن ڪڏهن بيٺل فصلن کي به نقصان پهچائيندو آهي. هڪ مادي تقريبن 100 اڇا آنا نمي واري داڻن جي مٿي ڏيندي آهي، جيڪي بعد ۾ ڳاڙهي رنگ جا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ مناسب حالت ۾ ننڍيون سنڍيون 4 کان 5 ڏينهن ۾ نڪري اينديون آهن. جيڪي داڻي جي اندر جو حصو کائين ٿيون ۽ سڄو ڏينهن اندر ئي رهن ٿيون. ماڪوڙي ۽ پيوپا داڻي جي اندر ئي هوندا آهن جنهن جي ڪري نظر نه ايندا آهن. ان جي موجودگي داڻن تي موجود ننڍن ننڍن ڳاڙهن سوراخن مان لڳائي سگھجي ٿي.
    ان جو سوٻٽ(Tribolium Castaneum)
    هي سوٻٽ ۽ ماڪوڙي ٻئي ان کي نقصان پهچائين ٿا هي ڪيڙو گھڻي گهم واري جڳهه تي وڌيڪ تعداد ۾ وڌي ويجھي ٿو. اهوئي سبب آهي ته بندرگاهن جو ذخيرن يا فلور ملن جي گودامن ۾ گهڻي تعداد ۾ نظر ايندو آهي. هي سوٻٽ سنهڙو ڊگھي ۽ ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. هن جي مادي 400 کان 500 بيضا ڏيندي آهي. جنهن جي بيضي مان مناسب حالتن ۾ 5 کان 12 ڏينهن اندر ننڍي بادامي رنگ جي ماڪوڙي نڪري ايندي آهي. جيڪا 4 کان 8 ڏينهن اندر پيوپا جي صورت ۾ اختيار ڪندي آهي جنهن مان 5 کان 9 ڏينهن ۾ سوٻٽ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي.
    گودام جو پروانو:(Ephestia Cautella)
    هي پروانو بذات خود نقصان ڪونه پهچائيندو آهي پر هن جي سنڊي مادي ذخيرو ڪيل ان کي کائيندي آهي جيڪو سلو ڦٽڻ جو سبب بنجندو آهي. ٻورين ۾ يا کليل ان جي مٿان ڄاري جو هجڻ هن جي موجودگي ظاهر ڪري ٿو. هن جي پرن جو رنگ سرمئي هوندو آهي جنهن تي ڪارا داغ هوندا آهن هي رات جي ٽائيم تي وڌيڪ نقصان پهچائيندو آهي اهوئي سبب آهي جو هي ڏينهن جي ٽائيم تي به گھٽ روشني واري جڳهن تي موجود رهندو آهي. هن جي مادي 3 کان 4 ڏينهن ۾ 200 کان 250 ان جي ٻورين جي مٿان آنا ڏيندي آهي جنهن مان جلدئي اڇي رنگ جي سنڊي نڪري ايندي آهي.جيڪي اڪسر جنهن جي جسم تي وار ۽ مٿو ڀوري رنگ جو هوندو آهي ٻورين جي مٿي گهمندي نظر اينديون آهن ۽ پويان ليس دار مادو ڇڏينديون وينديون آهن. جنهن جي ڪري ٻورين تي ريشمي تار جهڙي ليڪ ٺهندي ويندي آهي. هڪ سنڍي تقريبن 64 داڻن کي نقصان پهچائڻ کان پوءِ پيوپا جي شڪل اختيار ڪندي آهي ۽ ان کان پوءِ پنهنجي زندگي 25 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري وٺندي آهي
    بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو