اسلامي ملڪن جي پهرين خاتون وزيراعظم، محترمه بينظير ڀٽو هڪ دلير، جمهوريت پسند ۽ انقلاب

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اسلامي ملڪن جي پهرين خاتون وزيراعظم، محترمه بينظير ڀٽو هڪ دلير، جمهوريت
    پسند ۽ انقلابي ليڊر​

    [​IMG]
    رسول بخش چنا
    27 ڊسمبر 2007ع جي شام انسانيت جي قاتلن بين الاقوامي جمهوريت پسند ۽ اسلامي ملڪن جي پهرين خاتون وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري ڇڏيو. لياقت باغ جي انهيءَ گرائونڊ تي پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي قتل ڪيو ويو هو. ان قتل کي 50 سالن کان به وڌيڪ عرصو گذرڻ کان پوءِ به اڄ تائين قاتلن جي خبر پئجي نه سگهي آهي، محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪندڙن شايد اهو سمجهيو ته جمهوريت جي هن علمبردار اڳواڻ کي قتل ڪرڻ سان سندن ناپاڪ ارادا ڪامياب ٿي ويندا...؟ قاتلن جي اها ڀل هئي. محترمه جي شهادت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽي کي اڃان به وڌيڪ سگهارو ڪيو آهي. 18 فيبروري 2008ع جي اليڪشن ۾ عوام محترمه جي شهادت جو بدلو ڪروڙن جي تعداد ۾ ووٽ ڏئي آمريت جي ساٿارين کي شڪست ڏني ۽ جمهوري جي سج کي ”روشن“ رکيو آهي. ڇو ته عوام سمجهي ٿو ته محترمه عوام جي حقن لاءِ وڙهندي ”شهادت“ ماڻي آهي، ۽ عوام 18 فيبروري 2008ع تي لڙڪن، شدت غم ۽ محترمه جي قربانين کي عظيم ڀيٽا، ڏيڻ لاءِ ووٽ ڏنو. پاڪستان جي سياسي ۽ پارلياماني تاريخ گواهه آهي ته پاڪستان ٻن نظرين تحت حاصل ڪيو ويو. مگر آزاد مملڪت پاڪستان ۾ جمهوريت جي ننڍڙي گلاب جي گل کي ”هميشه لتاڙيو ويو“. جنرل ايوب خان مارشل لا هڻي ملڪ ۾ جمهوريت جي روشني کي آمريت جي ڪاري، رات ڏني ته جنرل ضياءَ الحق به ڪين گهٽايو. هن پاڪستان جي پهرين منتخب وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهيو ۽ اهو سوچيو ويو ته هاڻي جمهوريت جو نالو وٺڻ وارو ڪير به نه هوندو..؟ مگر سندس اها ڀل هئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي محترمه بينظير ڀٽو آمر ضياءَالحق جي آمريت کي چيلينج ڪيو ۽ 1977ع کان وٺي جلاوطن رهندي ۽ ملڪ ۾ رهندي ضياءَالحق جي آمريت سان مهاڏو اٽڪايو. 1986ع ۾ پاڪستان ۾ اچي پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ڪئي. هن جي رهنمائي سندس امڙ بيگم نصرت ڀٽو ڪئي. محترمه بينظير ڀٽو آمر ضياءَ الحق جي مارشل لا هوندي هر وقت ۽ هرجڳهه تي ”جمهوريت جي بحالي“ جي ڳالهه ڪئي اها ڳالهه ورجائيندي رهي ته ”مارشل لا کان جمهوريت لک ڀيرا بهتر آهي“. محترمه بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي ڪال ڪوٺڙين ۽ جيلن ۾ سختيون ڏنيون ويون مگر هن ٻنهي خاتون اڳواڻن هڪ آمر جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ جي بجاءِ عوام جي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ جمهوريت لاءِ پاڻ پتوڙيو. قدرت کي ملڪ جي عوام تي رحم اچي ويو ۽ آمر 17 آگسٽ 1988ع ۾ بهاولپور ۾ هڪ جهاز حادثي ۾ مري ويو. ان وقت جي سينٽ چيئرمين غلام اسحاق خان وقتي صدر جون ذميواريون سنڀاليون ۽ اليڪشن ڪرائي. 1988ع جي هن اليڪشن ۾ چئني صوبن جي عوام اهو نعرو هنيو ته ”چارون صوبون کي زنجير بينظير بينظير“ ۽ عوام پنهنجي محبوب قائد کي وزيراعظم جي عهدي تائين پهچايو. هن اليڪشن ۾ عوام دل کولي پاڪستان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏنا ۽ محترمه بينظير ڀٽو اسلامي ملڪن جي پهرين خاتون وزيراعظم جي حيثيت سان ”حلف“ کنيو. محترمه پنهنجي دور حڪومت ۾ عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ خاطر ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. عوام کي روزگار سان گڏوگڏ ڪئين ڪامياب ميگا پروجيڪٽ ڏنا آهن. جن ۾ وومن ٿاڻا قائم ڪيا. محترمه جي حڪومت کي صرف 19 مهينا مشڪل سان هلڻ ڏنو ويو. ڪرپشن ۽ ٻيا کوڙ سارا الزام مڙهي ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان بينظير حڪومت کي ختم ڪيو. محترمه جي ٻئي دور حڪومت ۾ سندس بهادر ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڪلفٽن واري علائقي کي ”بيلڪ آئوٽ“ ڪري قتل ڪيو ويو. ان وقت جي صدر پيپلزپارٽي جو پراڻو جيالو فاروق لغاري به آمريت جو ساٿاري بڻجي محترمه جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو. جنرل پرويزمشرف 12 آڪٽوبر 1999ع ۾ نوازشريف جي حڪومت ختم ڪئي ته ان وقت به محترم بينظير ڀٽوجنرل پرويز مشرف جي مارشل لا جي شديد مخالفت ڪئي. ماڊرن ڊڪٽيٽر پرويز مشرف محترمه کي پنهنجي لاءِ سڀ کان وڏي رڪاوٽ سمجهندي جڙتو ڪيس ٺاهي جلاوطن ڪيو. جلاوطني دوران به محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت جي بحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي. لنڊن ۾ ARD ٺاهي. ان پليٽ فارم تان جدوجهد ڪئي. آخر جنرل پرويز مشرف محترمه جي ”سياسي ڏاهپ“ ۽ مسلسل جدوجهد اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا. 18 آڪٽوبر 2007ع تي 45 لک کان وٺي 60 لک جي تعداد ۾ عوام سندس بيمثال ۽ بينظير استقبال ڪيو جو ڪراچي جي دعويدار پارٽي کي ڪراچي کسجندي نظر اچي ويو. آمريت جي سائي ۾ پلجندڙ عنصرن ڪارساز وٽ ايترا ته ڌماڪا ڪرايا. محترمه جي قتل جي سازش ڪئي وئي. مگر قدرت محترمه کي هڪ نيئن زندگي ڏني. 3 نومبر 2007ع تي جنرل پرويز مشرف ايمرجنسي لڳائي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي هٽائي ڇڏيو ته محترمه اها پاڪستان جي واحد ليڊر هئي جنهن سڀ رڪاوٽون ٽوڙي نظربند ڪيل چيف جسٽس جي بنگلي ٻاهران پرويز مشرف کي للڪاريندي چيو ته پاڪستان جو عوام آمريت نه پر جمهوريت چاهي ٿو. عزت نه پر جمهوريت چاهي ٿو. عزت سان ڪرسي ڇڏي هليو وڃ. هڪ آمر ۽ سندس ساٿارين کان اهو برداشت نه ٿي سگهيو. جڏهن ته محترمه جي جلسن ۾ عوام جولکن جي تعداد ۾ سمنڊ ڏسي پرويز مشرف ۽ مسلم ليگ (ق) کي اليڪشن ۾ پنهنجي شڪست صاف نظر اچي رهي هئي. آمريت جي پوئلڳن 27 ڊسمبر 2007ع تي هڪ باقاعده منصوبه بندي ڪندي محترمه کي لياقت باغ ۾ شهيد ڪيو. حقيقت به هي آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جون ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪيل خدمتن جو ذڪر ڪجي ته ڪئين ڪتاب ڇپجي ويندا ايترن کوڙ سارن ڪارنامن کان پوءِ به اڙدو ميڊيا پيپلزپارٽي بابت هميشه ”جانبدار“رويو رکيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عظيم ڪارنامن کي ڪڏهن به نه ساراهيو ويو. ۽ نه وري محترمه بينظير ڀٽو جي بيمثال ۽ بينظير ڪارنامن کي ارڊو ميڊيا تعريف طور ڪڏهن به پيش ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو عوام ۽ جمهوريت لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون. مگر حيف آهي اڙدو ميڊيا کي پيپلزپارٽي سان هميشه ڀٽو دشمني وارو ڪردار وارو رويو رکيو آهي. 8 ڊسمبر 2008ع تي اقوام متحده بينظير ڀٽو جي عوام لاءِ ڪيل عظيم قربانين جي اعتراف ۾ ”امن ايوارڊ“ ڏنو. دنيا جي هن وڏي اعزاز سان نوازڻ کان پوءِ به هي حقيقت آئيني جيان سامهون اچي چڪي آهي ته محترمه بينظير ڀٽو صرف پاڪستان ئي نه بلڪ دنيا جي ملڪن ۾ جمهوريت پسند سڃاڻي ويندڙ عظيم اڳواڻ هئي ۽ پاڪستان جون اهي سياسي پارٽيون جن آمريت جي ڇانو ۾ رهي ڪري هميشه ڀٽو خاندان جي مخالفت ڪئي ۽ محترمه جي بي مثال ، بينظير ۽ عظيم ڪارنامن کي ڪڏهن به تسليم ناهي ڪيو. انهن لاءِ مان اهو ئي چوندس ته ”تم نه مانو يه حقيقت هي، مر ڪي ڀي زنده رهنا محترمه بينظير ڀٽو ڪي عظمت هي“.
    بشڪره عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو