• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ، (شيخ اياز)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ،
تُنهنجو جَنم اَجايو ، تُنهنجي مٽي اَڻاسي !

آيو ويو سڪندر ، سيوهڻ اَڃا اُتي آ ،
هُو کير ٿر کڙو آ ، وِيندا رهيا وِناسي .

لالَڻ ! نوان لَڪن ۾ نِڪتا نِياڻَ آهن ،
ايندا جِتي لُڪن ۾ ، پانڌيئڙا پِياسي .

هِي شام جو مياڻي ، هِي سونَ رنگ پاڻي ،
تَڙ تي ٻه چار ڏيئا ، نَڙ تي ٻه چار لاسي !

منهنجي اُڪير ڇا هي؟ هي چِٽ چيت من ۾،
مندرِ ، اُداس ڏيئو ، اَڌ راتِ ، ديوداسي .

جي وک کي وڌائين ، اَڄ ماڳُ ڏور ناهي ،
ڏُونگر ڏريِ پَيو آم ساهَس ته ڌارِ ساسِي !

r73c79.jpg
 
جواب: جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ، (شيخ اياز)

عاشق سائين، اياز جي وائي ته پنهنجي جاءِ تي اميدن سان ٽمٽار آهي ۽ قومي حب جو هڪ سبق پر اوهان هاڻ چترڪاري به ڀلي ڪرڻ لڳا آهيو، جنهن ۾ لفظ چٽا ۽ مقصد واضح آهي ۔۔۔ واڌايون

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
 
سائين حوصلاافزائي جي مهرباني
 
Back
Top