• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرمد جون ساروڻيون

نثارابڙو

نائب منتظم
سال 1980 کان اسان دوستن ڪراچيءَ ۾ اچڻ وڃڻ شروع ڪيو هو … سبب ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌين جي سگهه کي وڌائڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ پڻ هو … انهن ڏينهن ۾ اسانجو دوست مرحوم شهيد آصف شيخ اسانجو رهنما به هيو ته اسان دوستن جو پالڻهار به هيو، اسانجي ڏک سک ۾ اسانجو شريڪ هوندو هو، سندس تعلق سنڌ جي آسودي گهر سان هو انڪري هو معاشي طور تي پڻ اسانجي مدد ڪندو هو، سندس رڳ رڳ ۾ حب الوطني ڀريل هوندي هئي ...

هڪ ڏينهن اسين ڪينيا هاسٽل گلشن اقبال ۾ ويٺا هئاسون ته آصف شيخ پاڻ سان هڪ دوست کي وٺي آيو، ڏسڻ ۾ کلڻو من مهڻو، سنهڙو، پورو سارو قد ۽ رنگ جو پڪو دوست هو، جيئي سنڌ چئي ٻانهون ٻڌي هڪ ٻئي کي کيڪاريون سون، آصف هن نئين دوست جو تعرف ڪرايو ؛ رحمان مغل، ڪراچيءَ ۾ انجنئير، قومپرست ۽ تمام سٺي آواز جو مالڪ آهي، هو کيس وٺي آيو آهي ته اڄ کائنس ڪجهه گيت ٻڌجن …

اسين سڀني دوستن سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ گيتن ٻڌڻ جي خواهش ڏيکاري، پاڻ شرميلي انداز سان هڪ ٽيبل جي ڀر ۾ وڃي ويٺو ۽ آهستي آهستي ٽيبل وڄائڻ شروع ڪئي ۽ بس پوءِ لطيف جو وايون، اياز جا گيت ۽ منشيءَ جا قومي گيت ٻڌائيندو رهيو، اسين به سندس هلڪي سهڻي آواز ته موهت ٿيندا رهياسون ۽ سندس گيت اسانجي اندر ۾ ولوڙ پئدا ڪندا رهيا … ڇا ته سندس انداز هو، ڇا ته سندس آواز هو، ڏسندي ڏسندي اسان دوستن سان ايتور رلي ملي ويو جو هاڻ ڪينيا هاسٽل تي جيستائين سرمد نه ايندو هو تيستائين ماحول ٻسو ۽ ٻاڙو لڳندو هو …

مون سان ته خاص دوست ٿي وئي هيس، هاڻ هو گيتن ۾ آسودو ٿيڻ لڳو هو، سندس آواز ۾ رواني اچڻ شروع ٿي هيس، گيتن جي چونڊ به اڳي کان اڳري ٿيڻ لڳي هيس، سنڌ جي قومي پنڊالن ۾ ڳائڻ ۽ سنڌ ۽ سنڌيت کي ڳائڻ سندس مقصد ٿي پيو هو، سندس سنڌ جي آزاديءَ ۾ ايمان پختو ٿيڻ لڳو هوس … سنڌ جو سڏ هجي ۽ سرمد نه پهچي اهڙي ڪا مجلس ئي نه هئي …

وقت گذرندو رهيو ۽ رحمان مغل سنڌ جو سرمد ٿي ويو، سندس آواز گهر گهر ۾ گونجڻ لڳو هو، پر پاڻ سان جڏهن به ملندو ته اصل ڀاڪر پائي چنبڙي پوندو هو ۽ پنهنجي به دل نه چوندي هئي ته کيس ڀاڪر مان آزاد ڪجي … اهڙي سڪ ۽ اهڙو پيار جو ڄڻ ڪو وڇڙيل ڀاءُ مليو هجي … مونکي چوندو غازي موٽر سائيڪل تي چڪر هڻي اچون، آءُ موٽر سائيڪل هلائيندو هيس، هو پويان ويهي منهنجي ڪلهي تي پنهنجي کاڏي رکندو ۽ آهستي آهستي مٺڙي آواز ويٺو گيت ٻڌائيندو ۽ گيتن جي سمجهاڻي ڏيندو هو … ۽ جڏهن اردوءَ جو هڪ گيت ”گهنگهرو ڪي طرح بجتا هي رها هون مين“ ڳائيندو هو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا هيس ۽ نڙي ڀرجي ويندي هيس، آءُ موٽر بائيڪ بيهار کيس ڀاڪر پائيندو هيس ۽ کيس سگريٽ دکائي ڏيندو هيس ته جيئن غم غلط ڪري وٺي …

ڪو غم ته کيس هو پر اسان دوستن سان ملڻ وقت هو پنهنجو غم نه پر سنڌجا ڏاکڙا ۽ گيت ڳائيندو هو … سنڌ سان پيار ائين ڪندو هو جيئن ڪو ننڍڙو ابهم ٻار پنهنجي ماءُ سان ڪري … ۽ اسان سان ائين ملندو هو جيئن ڪو سڳو رت ڄائو ڀاءُ هجي … آءُ جڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس ته هو ات به ايندو هو ۽ فيڪلٽي گهمندو هو، ڪيفيتريا ۾ هلي ڪافي پيئندو ۽ منهنجي ڪلاس ۾ هلي خاص ڪري مون واري محترمه سان ملندو هو ۽ انکي ويهي گيت ٻڌائيندو هو ۽ کيس منهنجي پارت ڪندو هو … مطلب ته منهنجي شادي ڪرائڻ ۾ ۽ محبت جون ميخون مضبوط ڪرڻ ۾ سندس جو هٿ هو … مونکي هن جي پارت ڪرڻ ۽ هن کي منهنجي پارت ڪري اسانکي ويجهو ڪندو رهندو هو …

اڙي يار! هاڻ لکڻ کان ڳالهه چڙهي وئي آهي .. اکيون ڀرجي ويون آهن، نڙيءَ ۾ سور پئجي ويو آهي ۽ سندس جي تصوير اکين ۾ چٽي اڀري بيٺي آهي … سرمد جي ياري …

رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري …. آمين
 
جواب: سرمد جون ساروڻيون

ادا جڏهن به سرمد جو اواز ڪنن تي پهچندو آ ته دل ڀرجي ايندي آ ۽ بس اهو گيت جيڪو سرمد ڳايو ته
جڏهن هن دنيا ما گذاري ويندا سي۔۔
ٻڌندو آهيان ته روئڻ کان رهي ڪان سگهندو آهيان۔

شال سرمد اسانجي وچ ۾ هجي ها۔
 
جواب: سرمد جون ساروڻيون

سائين نثار سلام

سنڌ جو ٻيجل سڏجندڙ سرمد ڪو وسرڻ جو ٿوروئي آهي ۔ سندس گيت وري وري سندس ياد ڏياريندا آهن۔ قومي گيت هجن ، رومانوي شاعري هجي ، لوليون هجن ۽ سرمد جو آواز هجي۔

بس سرمد ، سرمد هو ، سنڌ جي سونهن هو ، سنڌ جو آواز هو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=x2rpn51r-e0&feature=related
 
جواب: سرمد جون ساروڻيون

سائين سرمد جو آواز هر وقت منهنجي ڪنن ۾ گوجندو آهي۔۔۔دل ته چئي ٿي۔۔۔اوهان اڃان ان جي ياد لکندا رهو ته مان پڙهندو رهان۔۔۔۔سائين اڃان وڌيڪ سرمد جي ياد لکندا ته مهرباني ٿيندي۔۔۔
 
جواب: سرمد جون ساروڻيون

سائين توهان جو وقت سرمد سان ايترو سٺو گذريو آهي
اها سٺي ڳالهه آهي

سرمد جي باري ۾ معلومات ڏيڻ جي مهرباني

سائين سرمد جو هي گيت لڳايو ته مهرباني ٿيندي
منهنجي پسند

بد ذوق جي هٿ ۾ باغ وريو،هن منهنجي چمن جو ڇا ٿيندو
نا اهل اسان جو مالهي آ معصوم وڻن جو ڇا ٿيندو
 
Back
Top