• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل شاعر جبار بوزدار

جبار بوزدار

سينيئر رڪن
غزل
شاعر جبار بوزدار

اڳ ته ايڏو فاصلو هو
جو ملڻ ڀي حادثو هو
"ــ
ڌار ٿيون ٿا هڪٻئي کان
هي به تنهنجو فيصلو هو
ــ
شام ڌاري موٽي ايندين
مونکي تنهنجو آسرو هو
ــ
روز ٿئي ڀڃ ڊاهَه دل ۾ ،
نئون بپا هڪ زلزلو هو !
ــ
هڪ مهيني جو ڇڄڻ ڀي،
هڪ صدي جو مرحلو هو !
ــ
تو سان رشتو پيار جو ڄڻ،
ڪو ازل جو سلسلو هو​
!
 
غزل
شاعر جبار بوزدار

اڳ ته ايڏو فاصلو هو
جو ملڻ ڀي حادثو هو
"ــ
ڌار ٿيون ٿا هڪٻئي کان
هي به تنهنجو فيصلو هو
ــ
شام ڌاري موٽي ايندين
مونکي تنهنجو آسرو هو
ــ
روز ٿئي ڀڃ ڊاهَه دل ۾ ،
نئون بپا هڪ زلزلو هو !
ــ
هڪ مهيني جو ڇڄڻ ڀي،
هڪ صدي جو مرحلو هو !
ــ
تو سان رشتو پيار جو ڄڻ،
ڪو ازل جو سلسلو هو​
!
ادا جبار بوزدار تمام بهترين خيال آهن توهانجا بلڪل پرفيڪٽ غزل آهي. لڳي ٿو توهان جو حد کان وڌيڪ پسنديده شاعر مهان اُستاد بُخاري مرحوم آهي، جو توهان جي هر غزل ۾ ڪافيا اُستاد بُخاري وارا هوندا آهن۔ گريٽ ادا بوزدار اسان سنڌ سلامت وارا انتهائي خوشنصيب آهيون جو توهان جهڙو نوجوان ۽ بهترين شاعر اسان جي سٿ ۾ شامل آهي۔ شال جُڙيا هُجو۔
 
ادا جبار بوزدار تمام بهترين غزل اهي، توهان جي غزل جي مان ۾ جيڪي ڪجهه اسان چوڻ وارا هئاسين اسان جي سر جو سائين نثار ناز اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيا.
 
Back
Top