Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
پير تنهنجا چمي موٽي وئي،
لهر جهومي نچي موٽي وئي۔
تنهنجو سارو بدن آ ڳوٺ ڄڻ،
ديد منهنجي گهمي موٽي وئي۔
چاندني چنڊ کان ٿيندي اچي،
تنهنجا ڳلڙا ڇهي موٽي وئي۔
تنهنجي ڪوري بدن جي او پرين،
هِيرَ خوشبو ڏئي موٽي وئي۔
ڪنهنجي تُربت تي لڙڪ لاڙي ڪي،
ڇوڪري گل رکي موٽي وئي۔
لهر جهومي نچي موٽي وئي۔
تنهنجو سارو بدن آ ڳوٺ ڄڻ،
ديد منهنجي گهمي موٽي وئي۔
چاندني چنڊ کان ٿيندي اچي،
تنهنجا ڳلڙا ڇهي موٽي وئي۔
تنهنجي ڪوري بدن جي او پرين،
هِيرَ خوشبو ڏئي موٽي وئي۔
ڪنهنجي تُربت تي لڙڪ لاڙي ڪي،
ڇوڪري گل رکي موٽي وئي۔