dadal sheeno سنڌ سلامت جي محترم دوست، دادل يا ڏاڏل (انگريزيءَ ۾ لکيل نالي سبب) اڄ وضاحت گهري آهي ته مون مٿي استاد جيڪو پاڻ کي سونهن جو پوڄاري چيو آهي سا سونهن باطني يا ظاهري آهي ۔۔۔
دوست! ظاهري سونهن لڪل سونهن جو ئي ڀاڱو آهي ۔۔۔؟
رب العالمين قرآن شريف ۾ ور ور ڪري اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هي جيڪي ظاهري سونهن آهي ڇا اوهان ان تي فڪر نٿا ڪيو ۔۔۔ هي سج چنڊ تار، هي آسمان ۽ زمينون، هي آسمان مان ڪرندڙ مينهن ۽ ڪڪر، هي سمنڊ ۽ سمنڊن ۾ هلندڙ جهاز، هي تيز ۽ ٿڌيون هلندڙ هوائون، هي زمين مان سرندڙ سلا ۽ هي گل ٻوٽا ۽ وڻن ۾ ٿيندڙ ميوا ۔۔۔۔ اهي سڀ رب جون نشانيون آهن، اها ظاهري سونهن ان لڪل سونهن جو ئي جلوو آهي، ان جي تخليق آهن ۽ انهيءَ ظاهري سونهن جي جڏهن تعريف ڪبي آهي ته اڻ سڌيءَ طرح سان اسين ان لڪل سونهن جي ئي ساراه ڪندا آهيون، بلڪل ان عمارت جيئان جنهنجي تعريف ڪري اسان اڻ سڌيءَ طرح انجي لڪل تخليقڪار جي تعريف ڪندا آهيون ۔۔۔
هن بيت ۾ استاد سونهن جي پوڄاريءَ جو ذڪر ڪري اصل ۾ اڻ سڌيءَ طرح ڪائنات جي خلقيندڙ ۾ ايمان جو ذڪر ڪيو آهي ۔۔۔ وحدانيت ۾ ايمان ۽ قوم سان پيار (حقوق الله به پورا ته حقوق العباد به پورا)
۽ رب جو واعدو آهي ته جيڪو شخص منهنجا حق ۽ انسانن جا حق انصاف سان ادا ڪندو اهو منهنجو دوست آهي ۽ انجو ڇوٽڪارو يقيني آهي ۔۔۔
والله علم، مون پنهنجي سمجهه آهر جواب ڏنو آهي ۔۔۔ ممڪن غلط هجان ته
ساجن سڀيئي ڍڪج ڍول ڍلايون ۔۔۔
دعائن ۾ گڏ