ڀٽ شاهه تي اجنبي؟ امداد سومرو [JUSTIFY]غالب جي هم زبان برادريءَ ڀٽ شاهه تي قدم ڌريو ته اسان مان ڪيترن کي ’چهنڊڙيون‘ لڳي ويون جهڙوڪ ڀٽ شاهه مان اسان جي رهبر اسان کي اهو سبق ڏنو هو ته مون وٽ ڪو به غير سنڌي ڳالهائيندڙ نه اچي. فرد جي حيثيت ۾ يا سياسي جماعت ۽ برادريءَ جي صورت ۾.... ’ڪڏهن تاڪيون ڏين ڪڏهن در کلن دوستن جا‘، ڀٽائي جي انهيءَ سٽ کي رڳو اسان ان بيت جي ٻي سٽ سان ملائي ڏسنداسين ته سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. مان چوان ٿو ته سيوهڻ ۽ ڀٽ شاهه تي اچڻ لاءِ جي ڪو سنڌي نه آهي ته ان کي ويزا وٺي اچڻ جي ضرورت نه آهي. جتان لسانيت، محدود قوميت جو تصور ۽ فرقيواريت شروع ٿئي ٿي، اتي نه قلندر جو پڙاءُ ۽ نه لطيف جو پڙلاءُ. اها تنگ لساني سياست جي دنيا آهي. ڀٽ شاهه جو رهبر يا سيوهڻ جو قلندر ان قسم جي تاثر ۽ تصور جا وڏا انڪاري آهن. ڇا اسان ڀٽائي جو اهو بيت وساري ڇڏيو آهي: ”پائي ڪان ڪمان ۾/ميان مار مَ مون،/مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.“ جڏهن مون ڪيترن سڄاڻ ماڻهن کي ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ عبدالواحد آريسر جي ايم ڪيو ايم جي ڀٽ شاهه واري جلسي جي مخالفت ۾ ڀرون تاڻيندي ڏٺو ته مون کي لڳو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ عبدالواحد آريسر اتي شموليت ڪري حقيقت ۾ اهو نياپو ڏنو ته سنڌين جا سينا ايترا سوڙها نه آهن. رڳو اوهان دل ۽ روح سان اسان جا ٿيو ته اسان مان ڪير به ’لساني لوڙهو‘ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. مون کي جي ايم سيد، امداد محمد شاهه ۽ بشير قريشيءَ جي ايم ڪيو ايم سان گڏجڻ يا انهن ڏانهن نرم رويو رکڻ مان لڳو هو ته هنن پنهنجي پهرين صف ۾ انهن کي پنهنجو ڪري گهر جو ’ويري‘ پنهنجو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سيد جي نظر ۾ اوهان جو وڏو دشمن اردو ڳالهائيندڙ نه پر اهو وڏو صوبو آهي جنهن جي ملٽري آهي.... پر وچ تي نفرتن جو ڪيترو ئي پاڻي جيڪو سنڌو درياهه جي پلن هيٺان گذري چڪو آهي اهو اڃا به ماٺو نه ٿيو آهي. ايم ڪيو ايم لاءِ ٻه چڱا اکر لکڻ يا انهن سان ملڻ ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ معنى سنڌ ۾ اوهان لاءِ اڄ به غداري جي تعزيرن کي دعوت ڏيڻ برابر آهي. جڏهن آصف علي زرداريءَ نائين زيرو تي ويو هو ته اسان مان ڪيترن کي تڏهن به جسم تي چهنڊڙيون محسوس ٿيون هيون. حيرت آهي ته اسان کي اهو ته وڻي ٿو ته اردو ڳالهائيندڙ پيپلزپارٽي يا ڪنهن به قومپرست جماعت ۾ شامل ٿين پر اسان کي اهو قبول نه آهي ته ڪو سنڌي ساکت واري سياسي جماعت، برادري، انفرادي حيثيت ۾ ڪو اديب يا شاعر ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿئي!؟ جڏهن قمر شهباز، آغا سليم ۽ ڪجهه اديب ۽ شاعر ايم ڪيو ايم جي حوالي کان ”متاثر“ ڏٺا ويا تڏهن اسان جي ادبي ککر ۾ طوفان مچي ويو هو ۽ اديبن ۽ اسان جي سياسي ڌرين هنن کي ”غدار“ ڊڪليئر ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو هو. هنن جو وس پڄي ته جيڪر سمونڊ کي هڪ وڏي mass garbage ۾ تبديل ڪري ڇڏين. اسان ته ان قسم جي محدود سوچ جا ماڻهو آهيون جو جڏهن علڻ فقير ايم ڪيو ايم جي هڪ تقريب ۾ ڳائڻ ويو هو ته اسان جي حب الوطنيءَ جي مينارن هن کي پنهنجي تقريبن ۾ گهرائڻ کان بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. هو هڪ آرٽسٽ هو. جيئن ڪو به پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ اردو، سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ آرٽسٽ ڪنهن به سياسي ۽ سماجي تقريب ۾ وڃي سگهي ٿو، ائين ڪنهن به سنڌي ڳالهائيندڙ آرٽسٽ کي ايم ڪيو ايم جي تقريب ۾ وڃڻ کان روڪڻ جي يا اعتراض ڪرڻ جي ڀلا ڪهڙي تُڪ آهي. اها ته آرٽسٽ جي اظهار ۽ مرضيءَ (Expression & choice) جي توهين آهي. مان چوان ٿو ته ايم ڪيو ايم پوري اردو ڳالهائيندڙ برادريءَ جي مفاد ۽ هنن کي پنهنجي حمايت ۾ هميشه قابوءَ ۾ رکڻ جو حق رکي ٿي ۽ نه اسان جون سموريون سياسي ڌريون بشمول پيپلزپارٽي.َ پوري سنڌ کي يرغمال جن ڀوتارن بڻايو ۽ ڏوهاري ڪيٽين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، انهن ڀوتارن جي ٻولي غالب جي ٻولي هئي يا اها لطيف سائين جي؟ ’اجتماعي ڪردار‘ جي پرک ٻولي آهي ته اسان وڌيڪ ڏنگيل ڪنهن جا آهيون ان تي پاڻ کي ٻيهر سوچڻ گهرجي. ذوالفقار علي ڀٽو کان بينظير ڀٽو تائين جا لاش پنڊيءَ مان آيا. آصف علي زرداري محترمه جي ٽين ورسيءَ جي موقعي تي نئون ديري ۾ تقرير ۾ اها زبردست ڳالهه ڪئي آهي: ”بي بيءَ جا قاتل ڪي آفريدي ۽ پختون نه پر هڪ سوچ آهي“. 63 سالن تائين ماضيءَ جي ڪٺن تجربي اسان کي اڃا به گهڻو ڪجهه سيکاري نه سگهيو آهي. ان ۾ اردو ڳالهائيندڙ بيوروڪريسيءَ جو پڻ وڏو عمل دخل آهي ۽ جي حقيقت پسنديءَ تي ٻڌل تجزيو ڪجي ته اردو ڳالهائيندڙ ملٽري ۽ سول بيوروڪريسيءَ اصل ۾ پاڻ کي پنجابي ڳالهائيندڙ ملٽري ۽ سول بيوروڪريسيءَ سان ڳٺ جوڙ ڪري پاڻ کي پاڪستان جو چاچو، مامو ڪري ڇڏيو ۽ اصلوڪين قومن کي هنن ککر کوکر سمجهي پئي ورتاءُ ڪيو. پاڪستاني ماما چاچا برگيڊ کي پهريون ڌڪ 68-1969ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو هنيو. هو پاڻ هيو ته اربن اليٽ ذهن رکندڙ، پر پنهنجي جڙن ۾ رورل پس منظر سان واسطو رکندڙ هو ۽ اصلوڪي ٻولي ڳالهائيندڙ هو. ڀٽو سوچيندو به انگريزي ۾ هو پر اصل ۾ هن جي روح ۾ لطيف سائين جي راڻي جا سُر اوتيل هيا. مان چوان ٿو ته الطاف حسين يا ايم ڪيو ايم يا اردو آباديءَ مان ڪير به انهيءَ قومي/اصلوڪي ڪيفيت کي سمجهي نه ٿو سگهي ڇو ته بهرحال ماڻهوءَ جي ٻولي ۽ ثقافتي قدر هزارن سالن جي تهذيب ۽ تمدن جو پس منظر رکندڙ هجن ٿا. پر ساڳي گنجائش اسان کي هنن لاءِ به ڇڏڻ گهربي هئي. هنن جي ٻولي ۽ ثقافتي قدر به اوترا ئي عظيم هئا جيترا اسان جا آهن. گڙٻڙ اتي ٿي جڏهن 47ع کانپوءِ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ سمورين اصلوڪين ٻولين جي حيثيت ٻئي نمبر ۽ ٽئين نمبر جي ڪندي اردو ٻوليءَ کي مسلط ڪيو ويو ۽ جيئن ته رياستي مشينري هنن جي هٿ ۾ هئي ان ڪري سرڪاري سطح تي ان هڪ ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ”پاڪستاني ثقافت ۽ قوميت“ جي نالي ۽ نظريي ۾ ڪروڙين ماڻهن تي مڙهيو ويو. نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ ان خلاف ردعمل فطري هو. بنگالي مڊل ڪلاس سياسي قيادت، اديبن ۽ شاعرن، پروفيسرن ۽ شاگردن گرو ديو ٽئگور جي ٻوليءَ کي ڪنهن به صورت ۾ ٻئي يا ٽئين درجي جي ٻوليءَ ۾ تبديل ٿيڻ نه پئي ڏنو. اسان جي ان وقت جي پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سول ۽ نان سول بيوروڪريسيءَ ورهاڱو قبوليو پر اها نفرت انگيز نفسيات ترڪ نه ڪئي جنهن نه صرف بنگالين پر سنڌين، بلوچن ۽ پختونن ۾ باهه پکيڙي ڇڏي هئي. پختون وري به بچي ويا جو هنن جو ملٽريءَ ۾ حصو هو. ٻيو ته خان عبدالغفار خان کانپوءِ واري پختون سياست پنهنجو مهانڊو گهڻو تبديل ڪري چڪي هئي. پر هاڻ وقت بدلجي ويا آهن. ايم ڪيو ايم جيڪڏهن روايتي سياست کي تبديل ڪندي ته سنڌي ماڻهو هنن کي جاءِ ڏيندا. جيڪڏهن جمهوري پراسز هليو ۽ ووٽ ڪنهن قربان گاهه تي ڏيڻ بجاءِ اڳتي هلي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڏيڻ واري سوچ اڀري ته ممڪن آهي سنڌي ماڻهو ڪنهن سياسي متبادل کي ڏسن. اهو متبادل، مان نه ٿو چوان ته، هروڀرو ايم ڪيو ايم هوندي. پر جي متبادل قوت روايتي ووٽ حاصل ڪندڙ سياسي جماعت جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي ته لازم آهي ماڻهو ان پرک هيٺ سندي ووٽ جو استعمال ڪندا پر ان حوالي کان في الحال گنجائش نه آهي. ٻيو ته جي ايم ڪيو ايم صرف اهو سمجهي ٿي ته ڀٽ شاهه تي جلسو ڪري ۽ اجرڪ ٽوپي پهري سنڌين جي دل کٽي سگهي ٿي ته اها تڪڙي پرک ٿيندي. ان لاءِ کين ڊگهو پنڌ ڪرڻو پوندو. مون ڪالم جي ابتدا ان نقطي تان ڪئي هئي ته اسان کي پنهنجي قومي ڪيفيت کي ان قسم جي محدود پڻي مان ڪڍڻ گهرجي ۽ روايتي سوچ مان نجات حاصل ڪرڻ گهرجي. ڀٽائي کي گهيري ۾ رکڻ جي ضرورت نه آهي، اتي ڪير به پنهنجو آواز بلند ڪري سگهي ٿو، جيئن پيپلزپارٽي سنڌ ۾ هڪ سياسي/پارلياماني حقيقت آهي ائين ايم ڪيو ايم به هڪ اربن سياسي (پوءِ لساني ئي سهي) ۽ پارلياماني حقيقت آهي. جي اها اسان وچ ۾ فضيلت سان جاءِ ٺاهي ٿي ته اسان کي پنهنجن ڪپڙن مان نڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ماضيءَ کي وساري نه ٿو سگهجي پر ماضيءَ کي سدا ڳنڍ بڻائي ڪلهن تي کڻي هلڻ به هڪ روڳ آهي ۽ انهيءَ روڳ مان اسان کي مڪتي ٿي گهرجي. مون کي معلوم ناهي ته اها روحاني ۽ سياسي، ثقافتي ۽ تاريخي مڪتي ممڪن آهي به يا نه؟[/JUSTIFY] imdadsoomro@gmail.com روزانه عبرت جي ٿورن سان
جواب: ڀٽ شاهه تي اجنبي؟ ايم ڪيو ايم وارن کي ته وري به اسان سان رهڻو آهي اسان کي هنن ظالمن پٺاڻن کان مڪتي ڏياري وڃي جن بدمعاشي جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آهي
جواب: ڀٽ شاهه تي اجنبي؟ [justify]سنڌ جي اندر سڀ ڌاريون قومون، سنڌ جو استحصال ڪن ٿيون انڪري اسان سنڌي واسين کي انهن استحصالي قومن ۽ انهن جي ساٿياري سنڌين (غدارن) کي سڃاڻڻو ۽ مقابلو ڪرڻو پوندو ۔۔۔ پاڪستان ٺاهيو ويو ۽ هن وقت دنيا جي نقشي تي موجود آهي، انکان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ اسين پاڻ ان ملڪ ٺاهڻ ۾ شامل ٿياسون ۽ هندستان ۾ مسلمانن جي روپ ۾ ايندڙ اردو ڳالهائيندڙن کي قبول ڪيو سون ۽ پنهنجن سنڌي ڳالهائيندڙ واڻين کي ڪڍي ٻاهر ڪيوسون، اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ۔۔۔ انساني اصولن مطابق ايترن سارن مهاجرن کي جي سنڌ ۾ آيا آهن نه ته ملڪ مان ڪڍي سگهجي ٿو نه ماري سگهجي ٿو ۽ نه وري کين سمنڊ ۾ لوڙهي سگهجي ٿو انڪري اسانکي انطرف سوچڻو آهي ته ايترن ڪروڙن جي تعداد ۾ ورسايل مهاجرن جو ڇا ڪرڻو پوندو ۔۔۔؟ محترم جي ايم سائينءَ جنهن جاءِ تي پاڪستان جي مخالفت ڪئي ساڳي جاءِ تي ڌارين قومن سان ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح پيش اچبو انکي به پنهنجي فڪر ۾ واضح ڪيو آهي ۔۔۔ مهاجرن لاءِ سندس ڇا خيال هو اچو ته آءُ سندس ڪتاب ”رهبر“ مان ڪجهه ٻڌايان؛ مهاجرن کي سنڌي ٿي رهڻو آهي ۽ انهن کي سنڌي ڪرڻ لاءِ اسانکي مٿن ڪم ڪرڻو پوندو ۔۔۔ پر پوءِ به مهاجر سنڌ جي آزادي ۽ مفاد جي ڏس ۾ ٽن ٽولن ۾ ورهائجي ويندا ۔۔۔ 1۔ مهاجرن جو هڪ طبقو سنڌين جو ساٿ ڏيندو ۽ پاڻکي سنڌي سڏائڻ تي آماده ٿي ويندو ۔۔۔ انهن سان اسانجو رويو ڀائرانه، دوستانه ۽ قومي هوندو۔ 2۔ مهاجرن جو ٻيو طبقو، سنڌ دشمنن جو ساٿ ڏيندو ۽ سنڌين جي خلاف ڪم ڪندو انهن کي سنڌ دشمنيءَ جي سزا ڏيڻي پوندي ۔۔۔ ۽ غدارن جهڙو رويو اختيار ڪرڻو پوندو 3۔ مهاجرن جو ٽيون طبقو، خاموش تماشيءَ جيئان چپ رهندو ۽ جيڪا ڌر زور ٿيندي انجو ساٿ ڏيندو، اهڙي قسم جي ماڻهن سان منهن ڏيڻ لاءِ ، * کين پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي ۔۔۔ * انهن تي ڪڙي نظر رکڻي پوندي ته جيئن هو دشمن جا ساٿياري نه ٿي وڃن۔ دوستو! جڏهن قومون پنهنجي ڌرتي پنهنجن هٿن ۾ کڻنديون آهن ته انهن کي هر پاسي کان سوچڻو پوندو آهي ۽ ڏاهپ سان هر مسئلي کي حل ڪري خودمختياري به حاصل ڪنديون آهن ۽ انسانيت جي دنيا ۾ پڻ پاڻ ملهايئنديون آهن ۔۔۔ انڪري اسانکي پڻ سنڌ ۾ آيل مهاجرن سان ڪئين پيش اچڻو آهي؟ واضح ڪرڻو پوندو ته جيئن واٽون ويهه نه ٿين ۔۔۔ رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين[/justify]
جواب: ڀٽ شاهه تي اجنبي؟ ادا طاهر مهرباني ادا اها همت اسان کي پاڻ ئي ڪرڻي پوندي۔ پر اسان پاڻ مختلف گروهن ۽ تنظيمن ۾ ورهايل آهيون۔ جيستائين اسان هڪ ڪونه ٿينداسون تيستائين اسان جو حشر اهڙو برو ٿيندو رهندو ادا اسان جا يار به گهٽ ڪونهن۔۔۔۔۔۔
جواب: ڀٽ شاهه تي اجنبي؟ سائين نثار سلام اڄوڪو ڪالم پڙهڻ کانپوء سائين جي ايم سيد جو ڳالهيون ور ور ڪري پيون ياد اچن۔ پر هتي اسان به ته ٽڪڙن ۾ ورهايل آهيون ۔ هرڪو پنهنجي ديڳڙي چاڙهيو ويٺو آهي۔ جيسين اسان گڏ ڪونه ٿا ٿيون تيسين مونکي نه ٿو لڳي ته ڪا اسان جي ڪا نجات ٿيندي۔ بس دعا ڪيو ته اسان هڪ ٿيون
جواب: ڀٽ شاهه تي اجنبي؟ حقيقت آهي ته پهنجا حق حاصل ڪرڻ لا ء پاڻ سڀني سنڌين کي هڪ ٿيڻو پوندو۔ پر ظالم سامراج ڪڍهن به سنڌين کي گڏجڻ نه ڏيندا۔ ڪڏهن قبائلي جهيڙا ڪرائي ته وري ڪڏهن ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي وٺرائي اسان ۾ نفرتون وڌائن ٿا۔ اسان کي پنهجي دشمن کي سڃاڻي ان خلاف هڪ ٿيڻ گهرجي۔
جواب: ڀٽ شاهه تي اجنبي؟ ادا سليمان وساڻ امداد جو اهو مضمون عبرت ۾ اڳ ۾ ئي پڙهي چُڪو آهيان، اردو ادب جي مهان شاعر مرزا غالب جي زبان اردو هُئي، ۽ هن جيڪا شاعري ساري دنيا جي ماڻهن کي ارپي اها صرف اردو طبقي وارن لا ڪانهي پر غالب جي شاعري مان هر قوم وارو واس وٺندو آهي، مرزا غالب جي ٻولي اردو هُئي هو بلند پائي جو شاعر هو، هن جي دل سنڌ جي گهوٽ لطيف سائين جي دل وانگر اُجري هُئي پر موجوده دور ۾ لطيف جي نگري تي جن ملاکڙي گرائونڊ ۾ لطيف سائين سان ايڪتا ۽ جشن لطيف جي نالي تي جيڪو ملاکڙو ڪري اسان جي اکين ۾ دوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ، سنڌ جو عوام ڀلي ريت ڄاڻي ٿو، جن ماضي ۾ لطيف سائين جي رسالي کي ساڙي رک ڪيو، جن سنڌي جوڌن کي گولين جو کاڄ بنايو، جن سنڌي نياڻين جي ڇاتين تي سگريٽ جا ڏنب ڏنا، پنهنجي وحشت ۽ بربريت سان سندن چاتين تي سندن تنظيم جي لوگو جو نشان ٺاهيو اهو وساري نٿو سگجهي جيڪي سنڌي ماڻهن کي ڄٽ جاهل ۽ سنڌي قوم کي جاهل قوم ڪري ليکين اهي سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ جي شاهه لطيف سائين سان ڪهڙي محبت ڪندا۔ هميشهه ماضي مان سبق وٺجي۔ حال جي ڪسوٽي تي پرکي آئندي کي خوشحال بنائجي۔