ڀٽ شاهه تي اجنبي؟
امداد سومرو
imdadsoomro@gmail.com
روزانه عبرت جي ٿورن سان
امداد سومرو
غالب جي هم زبان برادريءَ ڀٽ شاهه تي قدم ڌريو ته اسان مان ڪيترن کي ’چهنڊڙيون‘ لڳي ويون جهڙوڪ ڀٽ شاهه مان اسان جي رهبر اسان کي اهو سبق ڏنو هو ته مون وٽ ڪو به غير سنڌي ڳالهائيندڙ نه اچي. فرد جي حيثيت ۾ يا سياسي جماعت ۽ برادريءَ جي صورت ۾.... ’ڪڏهن تاڪيون ڏين ڪڏهن در کلن دوستن جا‘، ڀٽائي جي انهيءَ سٽ کي رڳو اسان ان بيت جي ٻي سٽ سان ملائي ڏسنداسين ته سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. مان چوان ٿو ته سيوهڻ ۽ ڀٽ شاهه تي اچڻ لاءِ جي ڪو سنڌي نه آهي ته ان کي ويزا وٺي اچڻ جي ضرورت نه آهي. جتان لسانيت، محدود قوميت جو تصور ۽ فرقيواريت شروع ٿئي ٿي، اتي نه قلندر جو پڙاءُ ۽ نه لطيف جو پڙلاءُ. اها تنگ لساني سياست جي دنيا آهي. ڀٽ شاهه جو رهبر يا سيوهڻ جو قلندر ان قسم جي تاثر ۽ تصور جا وڏا انڪاري آهن.
ڇا اسان ڀٽائي جو اهو بيت وساري ڇڏيو آهي: ”پائي ڪان ڪمان ۾/ميان مار مَ مون،/مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.“ جڏهن مون ڪيترن سڄاڻ ماڻهن کي ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ عبدالواحد آريسر جي ايم ڪيو ايم جي ڀٽ شاهه واري جلسي جي مخالفت ۾ ڀرون تاڻيندي ڏٺو ته مون کي لڳو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ عبدالواحد آريسر اتي شموليت ڪري حقيقت ۾ اهو نياپو ڏنو ته سنڌين جا سينا ايترا سوڙها نه آهن. رڳو اوهان دل ۽ روح سان اسان جا ٿيو ته اسان مان ڪير به ’لساني لوڙهو‘ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.
مون کي جي ايم سيد، امداد محمد شاهه ۽ بشير قريشيءَ جي ايم ڪيو ايم سان گڏجڻ يا انهن ڏانهن نرم رويو رکڻ مان لڳو هو ته هنن پنهنجي پهرين صف ۾ انهن کي پنهنجو ڪري گهر جو ’ويري‘ پنهنجو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سيد جي نظر ۾ اوهان جو وڏو دشمن اردو ڳالهائيندڙ نه پر اهو وڏو صوبو آهي جنهن جي ملٽري آهي.... پر وچ تي نفرتن جو ڪيترو ئي پاڻي جيڪو سنڌو درياهه جي پلن هيٺان گذري چڪو آهي اهو اڃا به ماٺو نه ٿيو آهي. ايم ڪيو ايم لاءِ ٻه چڱا اکر لکڻ يا انهن سان ملڻ ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ معنى سنڌ ۾ اوهان لاءِ اڄ به غداري جي تعزيرن کي دعوت ڏيڻ برابر آهي.
جڏهن آصف علي زرداريءَ نائين زيرو تي ويو هو ته اسان مان ڪيترن کي تڏهن به جسم تي چهنڊڙيون محسوس ٿيون هيون. حيرت آهي ته اسان کي اهو ته وڻي ٿو ته اردو ڳالهائيندڙ پيپلزپارٽي يا ڪنهن به قومپرست جماعت ۾ شامل ٿين پر اسان کي اهو قبول نه آهي ته ڪو سنڌي ساکت واري سياسي جماعت، برادري، انفرادي حيثيت ۾ ڪو اديب يا شاعر ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿئي!؟ جڏهن قمر شهباز، آغا سليم ۽ ڪجهه اديب ۽ شاعر ايم ڪيو ايم جي حوالي کان ”متاثر“ ڏٺا ويا تڏهن اسان جي ادبي ککر ۾ طوفان مچي ويو هو ۽ اديبن ۽ اسان جي سياسي ڌرين هنن کي ”غدار“ ڊڪليئر ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو هو.
هنن جو وس پڄي ته جيڪر سمونڊ کي هڪ وڏي mass garbage ۾ تبديل ڪري ڇڏين. اسان ته ان قسم جي محدود سوچ جا ماڻهو آهيون جو جڏهن علڻ فقير ايم ڪيو ايم جي هڪ تقريب ۾ ڳائڻ ويو هو ته اسان جي حب الوطنيءَ جي مينارن هن کي پنهنجي تقريبن ۾ گهرائڻ کان بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. هو هڪ آرٽسٽ هو. جيئن ڪو به پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ اردو، سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ آرٽسٽ ڪنهن به سياسي ۽ سماجي تقريب ۾ وڃي سگهي ٿو، ائين ڪنهن به سنڌي ڳالهائيندڙ آرٽسٽ کي ايم ڪيو ايم جي تقريب ۾ وڃڻ کان روڪڻ جي يا اعتراض ڪرڻ جي ڀلا ڪهڙي تُڪ آهي. اها ته آرٽسٽ جي اظهار ۽ مرضيءَ (Expression & choice) جي توهين آهي.
مان چوان ٿو ته ايم ڪيو ايم پوري اردو ڳالهائيندڙ برادريءَ جي مفاد ۽ هنن کي پنهنجي حمايت ۾ هميشه قابوءَ ۾ رکڻ جو حق رکي ٿي ۽ نه اسان جون سموريون سياسي ڌريون بشمول پيپلزپارٽي.َ پوري سنڌ کي يرغمال جن ڀوتارن بڻايو ۽ ڏوهاري ڪيٽين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، انهن ڀوتارن جي ٻولي غالب جي ٻولي هئي يا اها لطيف سائين جي؟
’اجتماعي ڪردار‘ جي پرک ٻولي آهي ته اسان وڌيڪ ڏنگيل ڪنهن جا آهيون ان تي پاڻ کي ٻيهر سوچڻ گهرجي. ذوالفقار علي ڀٽو کان بينظير ڀٽو تائين جا لاش پنڊيءَ مان آيا. آصف علي زرداري محترمه جي ٽين ورسيءَ جي موقعي تي نئون ديري ۾ تقرير ۾ اها زبردست ڳالهه ڪئي آهي: ”بي بيءَ جا قاتل ڪي آفريدي ۽ پختون نه پر هڪ سوچ آهي“.
63 سالن تائين ماضيءَ جي ڪٺن تجربي اسان کي اڃا به گهڻو ڪجهه سيکاري نه سگهيو آهي. ان ۾ اردو ڳالهائيندڙ بيوروڪريسيءَ جو پڻ وڏو عمل دخل آهي ۽ جي حقيقت پسنديءَ تي ٻڌل تجزيو ڪجي ته اردو ڳالهائيندڙ ملٽري ۽ سول بيوروڪريسيءَ اصل ۾ پاڻ کي پنجابي ڳالهائيندڙ ملٽري ۽ سول بيوروڪريسيءَ سان ڳٺ جوڙ ڪري پاڻ کي پاڪستان جو چاچو، مامو ڪري ڇڏيو ۽ اصلوڪين قومن کي هنن ککر کوکر سمجهي پئي ورتاءُ ڪيو. پاڪستاني ماما چاچا برگيڊ کي پهريون ڌڪ 68-1969ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو هنيو. هو پاڻ هيو ته اربن اليٽ ذهن رکندڙ، پر پنهنجي جڙن ۾ رورل پس منظر سان واسطو رکندڙ هو ۽ اصلوڪي ٻولي ڳالهائيندڙ هو. ڀٽو سوچيندو به انگريزي ۾ هو پر اصل ۾ هن جي روح ۾ لطيف سائين جي راڻي جا سُر اوتيل هيا. مان چوان ٿو ته الطاف حسين يا ايم ڪيو ايم يا اردو آباديءَ مان ڪير به انهيءَ قومي/اصلوڪي ڪيفيت کي سمجهي نه ٿو سگهي ڇو ته بهرحال ماڻهوءَ جي ٻولي ۽ ثقافتي قدر هزارن سالن جي تهذيب ۽ تمدن جو پس منظر رکندڙ هجن ٿا. پر ساڳي گنجائش اسان کي هنن لاءِ به ڇڏڻ گهربي هئي. هنن جي ٻولي ۽ ثقافتي قدر به اوترا ئي عظيم هئا جيترا اسان جا آهن.
گڙٻڙ اتي ٿي جڏهن 47ع کانپوءِ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ سمورين اصلوڪين ٻولين جي حيثيت ٻئي نمبر ۽ ٽئين نمبر جي ڪندي اردو ٻوليءَ کي مسلط ڪيو ويو ۽ جيئن ته رياستي مشينري هنن جي هٿ ۾ هئي ان ڪري سرڪاري سطح تي ان هڪ ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ”پاڪستاني ثقافت ۽ قوميت“ جي نالي ۽ نظريي ۾ ڪروڙين ماڻهن تي مڙهيو ويو. نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ ان خلاف ردعمل فطري هو. بنگالي مڊل ڪلاس سياسي قيادت، اديبن ۽ شاعرن، پروفيسرن ۽ شاگردن گرو ديو ٽئگور جي ٻوليءَ کي ڪنهن به صورت ۾ ٻئي يا ٽئين درجي جي ٻوليءَ ۾ تبديل ٿيڻ نه پئي ڏنو. اسان جي ان وقت جي پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سول ۽ نان سول بيوروڪريسيءَ ورهاڱو قبوليو پر اها نفرت انگيز نفسيات ترڪ نه ڪئي جنهن نه صرف بنگالين پر سنڌين، بلوچن ۽ پختونن ۾ باهه پکيڙي ڇڏي هئي. پختون وري به بچي ويا جو هنن جو ملٽريءَ ۾ حصو هو. ٻيو ته خان عبدالغفار خان کانپوءِ واري پختون سياست پنهنجو مهانڊو گهڻو تبديل ڪري چڪي هئي.
پر هاڻ وقت بدلجي ويا آهن. ايم ڪيو ايم جيڪڏهن روايتي سياست کي تبديل ڪندي ته سنڌي ماڻهو هنن کي جاءِ ڏيندا. جيڪڏهن جمهوري پراسز هليو ۽ ووٽ ڪنهن قربان گاهه تي ڏيڻ بجاءِ اڳتي هلي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڏيڻ واري سوچ اڀري ته ممڪن آهي سنڌي ماڻهو ڪنهن سياسي متبادل کي ڏسن. اهو متبادل، مان نه ٿو چوان ته، هروڀرو ايم ڪيو ايم هوندي. پر جي متبادل قوت روايتي ووٽ حاصل ڪندڙ سياسي جماعت جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي ته لازم آهي ماڻهو ان پرک هيٺ سندي ووٽ جو استعمال ڪندا پر ان حوالي کان في الحال گنجائش نه آهي. ٻيو ته جي ايم ڪيو ايم صرف اهو سمجهي ٿي ته ڀٽ شاهه تي جلسو ڪري ۽ اجرڪ ٽوپي پهري سنڌين جي دل کٽي سگهي ٿي ته اها تڪڙي پرک ٿيندي. ان لاءِ کين ڊگهو پنڌ ڪرڻو پوندو.
مون ڪالم جي ابتدا ان نقطي تان ڪئي هئي ته اسان کي پنهنجي قومي ڪيفيت کي ان قسم جي محدود پڻي مان ڪڍڻ گهرجي ۽ روايتي سوچ مان نجات حاصل ڪرڻ گهرجي. ڀٽائي کي گهيري ۾ رکڻ جي ضرورت نه آهي، اتي ڪير به پنهنجو آواز بلند ڪري سگهي ٿو، جيئن پيپلزپارٽي سنڌ ۾ هڪ سياسي/پارلياماني حقيقت آهي ائين ايم ڪيو ايم به هڪ اربن سياسي (پوءِ لساني ئي سهي) ۽ پارلياماني حقيقت آهي. جي اها اسان وچ ۾ فضيلت سان جاءِ ٺاهي ٿي ته اسان کي پنهنجن ڪپڙن مان نڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
ماضيءَ کي وساري نه ٿو سگهجي پر ماضيءَ کي سدا ڳنڍ بڻائي ڪلهن تي کڻي هلڻ به هڪ روڳ آهي ۽ انهيءَ روڳ مان اسان کي مڪتي ٿي گهرجي. مون کي معلوم ناهي ته اها روحاني ۽ سياسي، ثقافتي ۽ تاريخي مڪتي ممڪن آهي به يا نه؟