کيسن جي ماهر ڪاريگر قمرالدين عرف ڪمال درس جي سهاتا ڪريو خادم گھراڻو مغلن جي دؤر ۾ نصرپور ستن محالن ۾ ورهايل هئي نصرپور نير ريشمي ڪپڙي ڪلمي شوري چمڙي گيهه چوپائي مال جو واپاري مرڪز هو هتي جي ڪپڙي جي صنعت بيحد اڳتي هئي هتان جو ٺاهيل ڪپڙو ڏيساور ملڪن ڏانهن ويندو هو هتان جي ٺهيل ململ کي ڏيساور ۾ سنڌو سڏيو ويندو هو اهو ايترو نفيس هوندو هو جو ڇلي مان لنگھي ويندو هو . 1635ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني نصرپور جو وڌيڪ ڪپڙو خريد ڪيو 1652ع نصرپور ۾ واپاري ڪوٺي به کولي هئي اها هتان بافتو خريد ڪندي هئي هڪ صدي تائين نصرپور جا ڪپڙي جا ڪارخانا يورپ کي ڪپڙو پهچائيندا هئا نصرپور ڪپڙي جي صنعت ۾ سڄي سنڌ ۾ وڏي صنعت هئي ان وقت ٽي هزار ڪوري بافتو ۽ جوڙي اڻندا هئا نصرپور جون سوسيون ولايت وينديون هيون مردن سان گڏ عورتون به هن هنر ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪنديون هنيون ٽالپورن جي وقت ۾ نصرپور ۾ ڪورين جو تعداد ويهه هزار هو ڪو وقت هوندو هو ته نصرپور ۾ هر محلي ۾ ڪپڙي اڻڻ جا ڪارخانا نظر ايندا هئا هر محلي ۾ تاڃيون ٺهنديون هنيون پر هن هنر جي پورهيت کي صحيح اجرت نه ملڻ جي ڪري انهن اهو ڪم ڇڏي ٻيا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا ۽ هي هنر نصرپور جي سڃاڻپ هو اهو ختم ٿيندو ويو اڄ جو نوجوان هن هنر کان لا علم آهي انهن جا وڏا اهو ڪم ڪندا هئا پر پاڻ هن جي هڪ اکر کان به واقف نه آهن هن وقت ميمڻ محلا پرائمري اسڪول کان چند قدم اڳيان هڪ ڪارخانو آهي جتي قمرالدين درس رحمڏنو درس يار محمد گھراڻو هن هنر کي زنده جاويد رکي رهيا هئا .نصرپور سوسي کيس گربي جوڙي موٺڙي ۾ مشهور هو هن شهر جو کيس تمام گھڻو مشهور هو چون ٿا کيسن ٺاهڻ جو پهريون نمبر ڪاريگر فقير محمد هو ٻئي نمبر تي احمد خان نهالاڻي نوح دائود پوٽو محمد خان خاصخيلي هئا جيڪي هن وقت اسان ۾ نه آهن ان کان سواءِ هن هنر جا ٻيا به ڪاريگر هئا عبدالرحمان دائود پوٽو حاجي خان ،محمد اسحاق درس الله بخش محمد عثمان گھراڻو حسن نهالاڻي محمد رمضان گھراڻو الهبچايو نهالاڻي ولي محمد گھراڻو سومار گھراڻو صديق گھراڻو فدا حسين يار محمد درس ۽ ٻيا به هزارين ڪاريگر هوندا هئا جيڪي اسان کان جدا ٿي ويا ۽ ابدي ننڊ سمهي رهيا سوسي ۽ کاڌي ٻن پيرن تي ٺهندي هئي جنهن به هتي ڪيترائي ڪاريگر هوندا هئا سوسي جو وڏو ڪاريگر حاميد هوندو هو جيڪو کيس به ڄاڻندو هو موٺڙو جيڪو چئن پيرن تي ٺهندو آهي جنهن جو وڏو ڪاريگر مطلب گھراڻو هو .مرحوم اسحاق درس يارمحمد گھراڻو محمد صالح کورم سائين علي نواز دائود پوٽو پنهون خان ساٿي گھراڻو پانڌي گھراڻو محمد صديق گھراڻو ( راقم جو پيءَ ) يار محمد گھراڻو ( راقم جو چاچو ) فيض محمد گھراڻو عبدالله گھراڻو محمد صالح گھراڻو محمود گھراڻو محمد گھراڻو ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪاريگر آهن جيڪڏهن ويهي انهن جا نالا لکون ته ڪتابن جا ڪتاب ڀرجي وڃن . سٽ کي رنگ ڪرڻ ۾ حاجي عبدالله ڪماچ ، علي محمد درس محمد هاشم نيروٽي ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪاريگر مشھور هئا مطلب ته نصرپور ڪپڙي جي هڪ وڏي صنعت هئي جنهن سان نصرپور جي سڃاڻپ هئي اهو هنر هن وقت ختم ٿي رهيو آهي ،جتي نصرپور ۾ هيءُ ثقافتي هنر آخري پساهن ۾ هو اتي هن هنر کي قمرالدين عرف ڪمال درس جاري رکيو آيو ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان جڏهن هن ڪارخاني ۾ وڃڻ ٿيو ته اتي ٽي آڏاڻا هئا جيڪي بند پيا هئا ائين محسوس ٿيو ته ڪافي وقت کان بند آهن جڏهن پڇاڪيم ته خبر پيئي ته کيس موٺڙو گربي کاڌي ٺاهڻ وارو تاڃي پيٽو ٺاهڻ وارو ڪاريگر بيمار آهي هن تي فالج جو حملو ٿيو آهي اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو اهو ذڪر مون پنهنجي صحافي دوستن سان به ڪيو ته هن هنر جي ماهر ڪاريگر تي فالج جو حملو ٿيو آهي هيءُ نصرپور جي مشهور فن کيس جو ماهر ڪاريگر آهي جنهن جهڙو هن وقت نصرپور ۽ سنڌ ۾ ٻيو ڪوبه ڪاريگر نه آهي هن جي لاءِ ڪجھه ڪرڻ گھرجي . هن ماهر ڪاريگر جي باري ۾ اها به خبر پيئي ته هن وٽ اهو به فن آهي ته هيءُ جڙي ٻوٽين مان قدرتي نموني جهڙا رنگ ٺاهيندو آهي هڪ ڏينهن هن سان ملڻ وياسين جڏهن اسان هن سان مليا سين ته هن وٽ ملڻ جي خوشي ۽ بي وسيءَ جي اداسي به هئي اسان سان ملڻ وقت سندس اکيون پاڻي سان ترنم ٿي ويون هن سان ملڻ وياسين ته مون سان برسات جو رپورٽر امان خميساڻي به گڏ هليو هو هن اسان کي سوالن جا جواب اهڙي نموني ڏنا جو اسان کي سمجھه ۾ نه آيا اتي اسان جي محمد عثمان درس ۽ يوسف ساگر مدد ڪئي تڏهن اسان کي خبر پيئي ته هيءُ اسان جو هڪ وڏو سرمايو آهي هن جا ٽي پٽ آهن جيڪي بيروزگار آهن ڪنهن به سرڪاري نوڪري ۾ نه آهن هن جا ٻه پٽ هن فن جا ڄاڻو آهن پر مالي امداد نه هئڻ جي ڪري اهو ڪم نه ڪندا آهن پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ ڪونه ڪو ڪم ڪندا رهندا آهن هن ماهر ڪاريگر جي باري ۾ اها خبر پيئي ته هن تي فالج جو حملو پنج ڇهه مهينا پهرين ٿيو پر سياحت ۽ ثقافت کاتي وارن مختلف اين جي اوز جيڪي ثقافتي هنر کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪوشش ڪنديون آهن انهن به پرگھور نه لڌي آهي . اسان جڏهن ڪنهن به سنڌٽي وي چينل جي ڪنهن قومي گيت ۽ ان چينل جي پنهنجي ايڊوٽائيز ۾ هڪ انسان کي ڏسندا آهيون جيڪو کيس ٺاهيندي ڏيکاريو ويندو آهي اهو ڪلپ شايد ثقافتي ميلي اسلام آباد جو آهي ان ۾ جيڪو انسان کيس ٺاهي رهيو آهي اهو اهو ئي قمرالدين عرف ڪمال درس آهي جيڪي اسان سنڌ ٽي وي چينل تي ڏسندا رهندا آهيون چينل وارا پنهنجي چينل جي ڪلپ ۾ به هن کي ڏيکاريندا رهندا آهن پر اهو مهان ڪاريگر اڄ فالج جي حملي سبب گھر ۾ کٽ تي آهي هن جي ڇو پرگھور نٿي لڌي وڃي جنهن پنهنجي سڄي عمر هن ثقافتي هنر کي ارپي ڇڏي جيڪو نصرپور جو مشهور هنر نصرپور جي سڃاڻپ هو آهي ۽ رهندو هن سڄي عمر هن هنر کي ڏيئي ڇڏي آهي هن جي مائٽ ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ ثقافتي ميلو هر سال لڳندو آهي جتي هيءُ ويندو آهي هن سال به دعوت ملي آهي .اسلام آباد ۾ شڪر پڙيا تي لڳايل ثقافتي ميلي ،اين سي اي ڪاليج لاهور انڊس ويري اسڪول ڪراچي ۾ هيءُ هن هنر جي نمائش ڪري چڪو آهي هن کي ڪيترائي سرٽيفيڪٽ به مليا آهن 1985ع ۾ هن اسلام آباد جي ثقافتي ميلي ۾ ٻيو نمبر به کنيو هو .هن جا ڪيترائي شاگرد به آهن . قمرالدين درس هڪ محنتي ماڻهو آهي جنهن کي ڪڏهن واندو ويهندي نه ڏٺو هر وقت ڪم ۾ لڳل هوندو هو جنهن وقت وڃبو هو کيس ٺاهڻ جي ڪم ۾ مشغول هوندو هو هيءُ تاڃي ٺاهڻ جو به مڃيل ڪاريگر آهي ڪنهن به کيس جي لاءِ تاڃي ٺاهڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي جنهن جو ڄارو ٻڌڻ به ڏکيو هوندو آهي پر هيءُ ڪم ائين ڪري ويندو جو ٻيو ڏسندو رهجي ويندو هو اهو مهان ڪاريگر اڄ بيوس ٿيو پيو آهي ڇا ثقافت کاتي وارا هن جي پرگھور نٿا لهن اسلام آباد ۾ جيڪو لوڪ ورثا ميلو لڳندو آهي هيءُ هر سال ويندو هو پر هن سال هن جو خواب اڌورو رهجي ويندو سندن علاج جي باري ۾ جڏهن پڇيو ويو ته معلوم ٿيو ته پنهنجي خرچ تي حيدرآباد جي ڊاڪٽر عرفان شاهه کان علاج هلي رهيو آهي جنهن ٻانهن ۾ ٻل هو جنهن سان هر ڪم آسان هو فالج جي حملي ان ٻانهن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جن هٿن سان سان کيس تي سهڻيون ڊزائينون ٺاهيندو هو اهي هٿ هاڻ ڪمزور بنجي ويا آهن هيءُ هڪ شخص نه پر نصرپور جو شان آهي نصرپور جي مشهور هنر کيس جي پهچان آهي جنهن جي پرگھور لهڻ گھرجي . کيس جيڪو ٻارنهن کان سورهن پيرن تي موٺڙو چئن پيرن تي کاڌي ٻن پيرن پيرن تي گربي چئن پيرن تي ٺهندي آهي انهن جو هيءُ مها ڪاريگر آهي هن جي لاءِ ڇو ڪجهه نٿو ڪيو وڃي هن جو اولاد مان جيڪي ٻه هن جا فرزند هيءُ هنر ڄاڻن ٿا انهن جي مالي سهاتا ڪئي وڃي انهن کي سرڪار طرفان نوڪري ڏني وڃي جنهن پنهنجي سڄي عمر هن هنر کي ارپي ڇڏي هن هنر کي زنده جاويد رکيو ڇا ان جي اولاد جي لاءِ نوڪري هن جو حق نه آهي .اسلام آباد ڪراچي لاهور ۾ وڃڻ وارو سنڌ جي هن عظيم هنر جي نمائش ڪرڻ وارو سڄي دنيا کي کيس جي باري ٻڌائڻ وارو اڄ پنهنجي گھر ۾ آهي ٻاهر جي حسين دنيا به نٿو ڏسي سگھي جو ٻاهر نٿو نڪري سگھي جنهن ماڻهوءَ هن هنر کي جيون ڏياريو جبل جيڏيون تڪليفون سٺيون اڄ ان جي پرگھور ڇو نٿي لڌي وڃي اسان سياحت ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري کان گھر ڪريون ٿا هن مهان کيسن جي ڪاريگر جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي هن جي لاءِ وظيفو مقرر ڪيو وڃي هن جي مالي سهاتا ڪئي وڃي جيئن هيءُ هن هنر کي اڃا به دنيا سڄي ۾ روشناس ڪرائي قمرالدين درس رڳو کيس جو ڪاريگر نه آهي هر وقت هن وٽ دوستن جي محفل متل هوندي هئي جتي ڪچهريون ٿينديون هنيون ميڙاڪو ٺاهي مچ ٻاري ڪچهريون ڪرڻ به اسان جي ثقافت جو هڪ حصو آهي جيڪا هن انسان وٽ هوندي هئي هر ڪنهن سان هيءُ پيار ڪرڻ وارو سدائين کلي کيڪارڻ وارو آهي اڄ هن حال ۾ به هن وٽ اها محبت آهي اهو پيار آهي اهو چاهه آهي هيءُ اسان جي ثقافت کي زنده رکڻ وارن مان هڪ آهي . جڏهن کيس کي ترقي وٺرائڻ جي لاءِ کيس ڪوآپريٽو سوسائيٽي ٺهي ته پاڻ هن جا چيئر مين ٿيا اڄ به آهن . سندس هٿن جي محنت سان کيسن تي سهڻيون ڊزائينون ٺهيون جيڪي کيس پاڪستان ۾ سڄي دنيا ۾ ويا آهن هتي جيڪي سياح گھمڻ ايندا آهن اهي به هن جي ٺهيل کيس کي پسند ڪندا آهن . هن ماهر ڪاريگر جي ڪم جو قدر ڪيو وڃي هن جو سرڪاري طور تي علاج ڪرايو وڃي هن جي ڪيل خدمتن جي ڪري هن جو اهو حق به آهي هن مهان ڪاريگر کي سڄي ملڪ جا ماڻهو سڃاڻندا هوندا جنهن جا فوٽا اڪثر چينل تي به ايندا رهندا آهن .حڪومت کان اها گھر آهي ته کيسن جي هر نموني کي ٺاهڻ واري ماهر ڪاريگر قمرالدين درس جي سهاتا ڪريو .
جواب: کيسن جي ماهر ڪاريگر قمرالدين درس جي سهاتا ڪريو قمرالدين درس کيسن جو ماهر ڪاريگر آهي هن وقت فالج جي حملي سبب بيمار آهي