جيجي زرينه بلوچ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    جيجي ۔۔

    جنهن کي سموري سنڌ جيجي سڏيندي هئي۔ سندس لکيل ڪهاڻي جيجي جي ڪري پاڻ هميشه لاء سموري سنڌ جي جيجي بڻجي وئي۔ سندس آواز جو جادو ۽ مٺاس ٻڌندڙن کي موهي وجهندو هو۔ 29 ڊسمبر 1934 تي ڳوٺ الهداد چنڊ ، لڳ حيدرآباد ۾ پيدا ٿي۔

    شيخ اياز جا چيل گيت ۽ خاص ڪري علڻ فقير سان جوڙي م ڳايل ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل ته رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا۔ پاڻ سنڌ جي ناليواري قوم پرست سياستدان محترم رسول بخش پليجي جي گھر واري هُئي ۽ گھرداريءَ سان گڏ مڙس سان سياست ۾ ٻانهه ٻيلي ٿي ڪم ڪيائين. سنڌياڻي تحريڪ ۾ سرگرم رهي، سياست ۾ جيل به ڪاٽيائين ۽ هوءَ جيل ۾ 1979ع ۾ شهيد ذوالفقار ڀُٽي خاطر وئي هُئي. هُن شاگردن توڙي عام ماڻهن ۾ قومي شعور جاڳائڻ لاِ قومي شاعريءَ کي جھر جھنگ ڳايو آهي، قومي گيتن سان گڏ نامياري سياسي اڳواڻ شهيد فاضل راهُوءَ جي شان ۾ به ڳايو اٿس.

    سندس وفات 25 آڪٽوبر 2005 تي ٿي پر سندس آواز صدين تائين زنده رهندو۔

    http://www.youtube.com/watch?v=aeL8bcUJXDw

    http://www.youtube.com/watch?v=W1jdQxE8YCA
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو