نثارناز
سينيئر رڪن
گُذريل ڏينهن ۾ ڀٽ شاهه تي ملاکڙي گرائونڊ ۾ لطيف سائين سان عقيدتن جا واهڻ وهايا، اُن ڏينهن اسان جو يگانو ليکڪ محمد رمضان دلدار چڍڙ فرام ماتلي مون سان ملڻ واسطي ٽنڊو محمد خان آيو، هميشهه جيان وکريل وکريل، ميرانجهڙا ڪپڙا، ڏاڙهي وڌيل رمضان ڏي خبر پاڻ وارا يار ايم ڪيو ايمي سابقه مهاجري قومي موومينٽ، موجوده متحده محاذ وار اڄ شاهه سائين جي نگري تي وڏا لطيف جا وارث بنجي گڏ پيا ٿين سنڌ جو درد رکندڙ گذريل ذري گهٽ پندرهن سالن کان لنڊن ۾ ويٺل پير صاحب تقرير پيو ڪري ان جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي۔ چوڻ لڳو سائين نثار حقيقت انهي حال جي ظاهر ڪريان ذري ته لڳي ماٺ مروئن کي ڏونگر پون ڏري۔ ائين چئي رمضان دلدار چڍڙ ٻوڏڙي ۾ پئجي ويو۔ ادا رمضان لڳي ٿو ته تنهنجي دل ۾ ڪا وڏي هُر کُر آهي انهيءَ باري ۾ پاڻ يڪو چاليهه پنجاهه پيجن جو سندس لکيل هڪڙو دستو منهنجو سامهون اڇليو ، چوڻ لڳو سائين هي پڙهو، هي منهنجو تحقيقي مضمون لکيل آهي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي سنڌي عوام سان ڪيل پيار جي رام ڪهاڻي لکيل آهي، جڏهن ميڊيا تي اهو مضمون کڻي ويس ته انهن چيو ته هي مضمون ڪافي سخت آهي، پيپلز پارٽي وارن سان سندن نام نهاد محبت جا ڪرتوت ظاهر آهن انهن کي چيم ته هي توهان ڇاپيو ، پيپلز پارٽي وارن چيو ته يار مسين مسين ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جا پيچ پُختا ٿيا آهن ان ڪري اهو مضمون اسان ڪين ڇپائينداسين، وري چيائين ته ڪجهه سنڌي قوم پرست ڌرين وٽ ويس انهن چيو ته مضمون ڪافي انگڙا هڻندڙ آهي ان ڪري في الحال ڪونه ٿا ڇپايون۔ مون جڏهن انهي مضمون کي پڙهيو ته منهنجي دل جا ڪافي سارا غبار اڇا اُجرا ٿي پيا۔ محترم رمضان دلدار کي ڏينهن جي مانهي کارائي خداحافظ چيم ۽ انهيءَ مضمون کي ڪمپوز ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيم، اڄ هي مضمون مڪمل ڪمپوز ٿي ويو آهي هن مضمون ۾ ڪافي پروف جون غلطيون هونديون جيئن ته ڪافي طويل مضمون آهي ان ڪري هتي آئون قسط وار اهو مضمون توهان سڀني سان ونڊ ٿو ڪريان۔
هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت
از : محمد رمضان دلدار چڍڙ
قسط نمبر 1
آئون ذاتي طرح سنڌي ، اردو ڳالهائيندڙن جي فساد جهڳڙن جو حامي نه آهيان، سنڌي، اردو فساد ۾ ٽي ڌُر کي فائدو آهي، سنڌي مهاجر جهيڙا سنڌ جي مفاد وٽان نه آهن.
آئون سائين “جي ايم سيد” جي انهيءَ موقف سان به متفق آهيان ته اردو ڳالهائيندڙن ۾ ٽي حصا ٿيندا هڪ حصو ٻاهرن مُلڪن ۾ ڀڄي ويندو ٻيو حصو ضم ٿي ويندو ۽ ٽيون حصو، سنڌين سان وڙهندو ................!؟
سائين جي ايم سيد جي چواڻي ته ٽيون حصو وڙهندو.......؟
اُهو وڙهڻ وارو حصو يا مخصوص ٽولو يا مخصوص ذهنيت 1947ع کان ڌرتي ڌڻين سان وڙهندي پئي اچي. انهن پاڻ کي هميشه اُتم اعلى ۽ سنڌين کي ڄٽ، جاهل ۽ بي وقوف پئي سمجهيو آهي. ان مخصوص ذهنيت جو 1948ع کان 2008ع تائين مختصر تعارف هت پيش ڪريان ٿو ته جيئين عام سنڌين کي سندن ذهنيت جي چڱي طرح خبر پئجي سگهي.
ٻولي آهي “
لياقت علي خان وٽ هڪ دفعو اُن وقت جو “ سنڌ مسلم ليگ جو صدر سيد علي اڪبر شاهه ويو ۽ چيائين ته سنڌ ۽ سنڌين جا به ڪُجهه حق ڏيو، ته لياقت علي خان وراڻيو: ــــــ
“فتح ڪيل مُلڪ جو ڪو به معاوضو ناهي هُوندو”ثابت ٿيو ته لياقت علي ۽ سندس نام نهاد ٽولي سنڌ کي پنهنجو فتح ڪيل مُلڪ ۽ سنڌين کي پنهنجو غلام سمجهيو........ ۽ هي اڄ به سنڌ کي فتح ڪيل مُلڪ سمجهن ٿا.
لياقت علي خان کان پوءِ نفرت جو ٻج نواب مظفر علي خان پوکيو جنهن “مُهاجر، پنجابي، پٺاڻ متحده محاذ” پارٽي ٺاهي نفرت پکيڙِي. انهي پارٽيءَ ۾ مهاجر، پنجابي ،پٺاڻ ته کنيا ويا پر اُن پارٽي م ڪو به سنڌي ۽ بلوچ(بلوچستان جو) شامل ڪونه هو. اُهو محاذ ڪنهنجي خلاف هو؟
فرق صاف ظاهر آهي ته سنڌين جي خلاف ......... ؟ 1972ع ۾ لساني فساد دوران اُن وقت جي وزير اعظم پاڪستان جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي سامهون اُن مخصوص ٽولي هيٺيان شرط رکيا هُئا.
انهيءَ مخصوص ٽولي جي زهنيت جي هڪ جهلڪ هي به آهي ته بين الاقوامي سچل ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿي جيڪا سنڌ گريجويٽس ايسوسي ايشن (سگا) طرفان 1989ع ۾ ملهائي وئي هن ڪانگريس ۾ دنيا جي مختلف مُلڪن مان سنڌي عالمن ، اديبن ۽ محققن به شرڪت ڪئي. هن ڪانگريس کان پوءِ اردو اخبارن روايت مطابق خاص طور تي جنگ اخبار اداريا لکيا ته سنڌي غدار آهن، هندوستان جا ايجنٽ آهن، مُلڪ دشمن آهن، اخبار جو ايڊيٽر مير خليل الرحمان (جيڪو اصل ۾ اخبار جو مالڪ هو) هن سلسلي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو........... ؟
قدرت جا به عجب رنگ آهن انهي ساڳئي مير خليل الرحمان کي ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين پنهنجي اڳيان 3 ڪلاڪ هيٺ پٽ تي ويهاري سزا ڏني، پوءِ ڪُجهه شرط رکي ڇڏي ڏنائين. انهن شرطن ۾ هڪ اهو به شرط هو ته جنگ اخبار مان “ جنگ مئگزين هفتيوار اربع جي ڏينهن واري علمي فڪري ادبي صفحه “ مهراڻ رنگ” هميشهه لاءِ ڪڍي ڇڏ.......... ! ( هن صفحي ۾ سنڌ جي تاريخ ، تهذيب، تمدن ، ادب ۽ شخصيتن بابت وڏا فڪر انگيز مضمون ايندا هُئا). مير خليل اُهو صفحو ڪڍي ڇڏيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪونه اچي. آخر مهراڻ رنگ مان ايم ڪيو ايم کي ڪهڙو نقصان هو؟ مهراڻ رنگ ۾ مهاجرن ۽ ايم ڪيو ايم خلاف مضمون وغيره ته ڪونه ڇپبا هُئا هي ته خالص ادبي صفحو هو پوءِ ايم ڪيو ايم کي تڪليف ڪهڙي هُئي؟ ؟ شايد ايم ڪيو ايم وارن ڏٺو ته متان پاڪستان جي ٻين قومن جي ماڻهن کي سنڌ جي تاريخ، تهذيب تمدن ، ٻولي، ادب، آرٽ ، معاشيات، سياسيات وغيره بابت خبر نه پئجي وڃي. اهي جيڪي سنڌين کي جاهل ، بيوقوف اڻ سُڌريل ، چور ، ڌاڙيل ڪري دنيا اڳيان پيش ڪندا آهن متان سندن انهي نام نهاد موقف کي ڪو نقصان نه پهچي...............
انهيءَ مخصوص ٽولي جو مولوي هُجي يا دانشور، سياست دان هُجي يا اداڪار، ڪامريڊ هُجي ، مسلم ليگي هُجي، يا جماعت اسلامي جو هُجي پر ذهنيت سڀني جي هڪ جهڙي هوندي آهي
جاري آهيسنڌ جي تهذيب اُٺن جي ڪاهڻ ۽ گڏهن هڪلڻ وارِي آهي، سندن ٻولي جاهلاڻا !”
مٿيان لفظ پاڪستان جي پهرين وزير اعظم لياقت علي خان جا آهن، يعني ورهانڱي کان وٺي انهن پاڻ کي اُوچو اعلى اُتم، برتر پئي سمجهيو آهي ۽ سنڌين کي ڄٽ، جاهل............! لياقت علي خان وٽ هڪ دفعو اُن وقت جو “ سنڌ مسلم ليگ جو صدر سيد علي اڪبر شاهه ويو ۽ چيائين ته سنڌ ۽ سنڌين جا به ڪُجهه حق ڏيو، ته لياقت علي خان وراڻيو: ــــــ
“فتح ڪيل مُلڪ جو ڪو به معاوضو ناهي هُوندو”ثابت ٿيو ته لياقت علي ۽ سندس نام نهاد ٽولي سنڌ کي پنهنجو فتح ڪيل مُلڪ ۽ سنڌين کي پنهنجو غلام سمجهيو........ ۽ هي اڄ به سنڌ کي فتح ڪيل مُلڪ سمجهن ٿا.
لياقت علي خان کان پوءِ نفرت جو ٻج نواب مظفر علي خان پوکيو جنهن “مُهاجر، پنجابي، پٺاڻ متحده محاذ” پارٽي ٺاهي نفرت پکيڙِي. انهي پارٽيءَ ۾ مهاجر، پنجابي ،پٺاڻ ته کنيا ويا پر اُن پارٽي م ڪو به سنڌي ۽ بلوچ(بلوچستان جو) شامل ڪونه هو. اُهو محاذ ڪنهنجي خلاف هو؟
فرق صاف ظاهر آهي ته سنڌين جي خلاف ......... ؟ 1972ع ۾ لساني فساد دوران اُن وقت جي وزير اعظم پاڪستان جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي سامهون اُن مخصوص ٽولي هيٺيان شرط رکيا هُئا.
الف. اگر سنڌ جو وزير اعلى سنڌي هُجي ته گورنر مُهاجر ٿيندو.
ب . سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سنڌي هوندو ته ڊپٽي اسپيڪر مهاجر ٿيندو.
اُن کان علاوه اهڙا ٻيا به ڪافي ناجائز مطالبا هُئا انهي مخصوص ٽولي جي ذهنيت اها هُئي يا رهي آهي جو 1972ع ۾ اڳوڻي وزير اعطم پاڪستان جناب ذاوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ سنڌي ٻولي کي ڪجهه حق مليا ( جيڪو سنڌين جو حق به هو) اُن تي جنگ اخبار ۾ رئيس امروهي جو هڪ قطعو ڇپيو ته “اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌُوم سي نڪلي” بس پوءِ ڳولي ڳولي سنڌين کي ماريو ويو سرڪاري انگ اکر رڪارڊ مطابق 72 سنڌي شهيد ٿيا هُئا ۽ غير سرڪاري رڪارڊ مطابق ٽي چار سئو سنڌي جوڌا شهيد ٿيا هُئا. انهي فسادن دؤران هڪ بنياد پرست جماعت جي ڪارڪنن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڀتين تي هي نعرا لکيا هُئا :ب . سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سنڌي هوندو ته ڊپٽي اسپيڪر مهاجر ٿيندو.
“ هندي ، سنڌي نهين چلي گِي”
“اردو زُبان قومِي زبان، سنڌي زبان لونڊي زُبان”
انهن نعرن مان ڀلي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي جي خلاف ڪيترو نه زهر هو انهن جي سينن ۾ ڀريل.“اردو زُبان قومِي زبان، سنڌي زبان لونڊي زُبان”
“بات تمهاري نهين، بات هي زماني ڪي” (جمعه خان ڪي قلم سي)
هي پنهنجي وقت جو مشهور ڪالم هوندو هو رزانه “ امن اخبار” (اردو) ۾ ايندو هو ان جو ڪالم نويس “ جمعه خان” هوندو هو، هي ڪالم اسان جا سنڌي سٻاجها ڏاڍي شوق سان پڙهندا هُئا ۽ امن اخبار صرف جمعه خان جي ڪري وٺندا هُئا،جمعه خان جي ڪالم پڙهڻ کان پوءِ ويچارا سنڌي ان جي ڪالم تي تبصرا ڪندا هُئا ته “ ادا جمعه خان سنڌي سٻاجهڙو آهي” ادا جمعه خان ٺٽي جو ميمڻ آهي” يا هي ته “ جمعه خان ته نالو ئي آهي سنڌين جو” وغيره وغيره اچانڪ “امن اخبار “ سنڌين جي خلاف زهر اوڳاڇڻ لڳِي ۽ جمعو خان به دل کولي زهر هارڻ لڳو، سنڌي حيران ٿِي ويا وڌيڪ حيران اُن وقت ٿيا جو جمع خان “ ايم ڪيو ايم ” جو نائب صدر ٿيو ۽ کُلِيءَ طرح سنڌين خلاف بيان بازِي ڪرڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ جا مطالبا ڪرڻ لڳو. جمعه خان جا سڀئي بيان زهر مان ڀريل هوندا هُئا، جمعه خان جيڪو اصل ۾ هڪ ڪٽر پناهگير “ اجمل خان دهلوي” هو..... !انهيءَ مخصوص ٽولي جي زهنيت جي هڪ جهلڪ هي به آهي ته بين الاقوامي سچل ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿي جيڪا سنڌ گريجويٽس ايسوسي ايشن (سگا) طرفان 1989ع ۾ ملهائي وئي هن ڪانگريس ۾ دنيا جي مختلف مُلڪن مان سنڌي عالمن ، اديبن ۽ محققن به شرڪت ڪئي. هن ڪانگريس کان پوءِ اردو اخبارن روايت مطابق خاص طور تي جنگ اخبار اداريا لکيا ته سنڌي غدار آهن، هندوستان جا ايجنٽ آهن، مُلڪ دشمن آهن، اخبار جو ايڊيٽر مير خليل الرحمان (جيڪو اصل ۾ اخبار جو مالڪ هو) هن سلسلي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو........... ؟