السلام عليڪم ورحمة الله
اڄ آئون ايم ايس ورڊ مان ڦوٽو شاپ ۾ سنڌي متن ڪاپي ڪرڻ جا مختلف طريقا ٻڌائيندس. جن دوستن وٽ ڦوٽو شاپ جو مڊل ايسٽ ورزن نه آهي، اُهي دوست منهنجي هن ٽيوٽوريل مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندا.
طريقو 1:
گهربل سافٽويئر:
(1) ايم ايس ورڊ
(2) ڪوبه پي ڊي ايف رائيٽر (ايڊوب ايڪروبيٽ رائيٽر بهتر آهي).
(3) ڦوٽو شاپ
1- سڀني کان پهريان ورڊ ۾ ڪوبه متن لکو.
2- لکيل متن کي پي ڊي ايف ۾ تبديل ڪريو.
3- انهيءَ پي ڊي ايف فائيل کي ڦوٽو شاپ ۾ کوليو.
هي سادو طريقو آهي. هن طريقي ذريعي ڦوٽو شاپ ۾ آندل متن کي ننڍو وڏو ڪرڻ سان پگزل خراب ٿي پوندا. انهيءَ ڪري فونٽ سائيز ورڊ ۾ ئي رکڻي پوندي.
طريقو 2:
گهربل سافٽويئر:
(1) ايم ايس ورڊ
(2) ايڊوب ايڪروبيٽ رائيٽر
(3) ڦوٽو شاپ
1- ورڊ ۾ ٽائپنگ ڪريو.
2- پي ڊي ايف ٺاهيو.
3- پي ڊي ايف فائل کي ايڊوب ايڪروبيٽ ۾ کوليو.
4- فائل کي سيو ايز (Save As) ڪريو. سيو ايز ٽائيپ (Save as type) مان Encapsulated PostScript سليڪٽ ڪري سيو تي ڪلڪ ڪريو.
5- EPS فارميٽ ۾ سيو ٿيل فائل کي ڦوٽو شاپ ۾ کوليو.
هن طريقي سان پڻ متن کي ننڍو وڏو ڪرڻ سان پگزل خراب ٿيندا. پر جيڪڏهن ورڊ ۾ فونٽ سائيز ننڍي رکي ويئي آهي ۽ ڦوٽو شاپ ۾ انهيءَ کي وڏو ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، ته انهيءَ لاءِ هيٺيان اپاءَ کڻڻا پوندا:
6- ڦوٽو شاپ ۾ نئون فائل کوليو.
7- فائل ۾ وڃي Place کي سليڪٽ ڪريو.
8- Eps فارميٽ ۾ سيو ٿيل فائل کي سليڪٽ ڪري، انٽر تي ڪلڪ ڪريو.
9- هاڻي انٽر دٻائڻ سان مڪمل متن ويڪٽر صورت ۾ ظاهر ٿي پوندو.
10- متن کي مرضيءَ مطابق ننڍو وڏو ڪري، انٽر دٻايو.
11- توهان ڏسندا ته متن جي اسڪيلنگ ۽ ڪوالٽيءَ تي ڪوبه فرق نه پوندو.

طريقو نمبر 2 جي ويڊيو