السلام عليڪم دوستو آءُ ڊاڪٽر اياز حسين عباسي آهيان۔ مونکي محترم ادا طاهر سنڌي صاحب هن اڱڻ تي اچڻ جي دعوت ڏني۔ دنيا ليول تي پهرين بهترين سهڻي ويب سائيٽ ڏسي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي۔
جواب: آءُ آهيان ڊاڪٽر اياز حسين عباسي ادا ڊاڪٽراياز ڀلي ڪري آيا . اوهان جي هن اوطاق تي اچڻ اسان لاء باعث سعادت آهي. اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو
جواب: آءُ آهيان ڊاڪٽر اياز حسين عباسي ڊاڪٽر اياز عباسي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار اوهان جو پيشو آهي مسيحائي اوهان جا قرب جو اسان جي هن سهڻي فورم جا ساٿي ٿيا آهيو ادا طاهر جهڙو پاڻ سنڌي ۽ وري سنڌين کي سنڌ سلامت تي ڪَٺو ڪرڻ به ڪو ان کان سکي۔ اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔ يقينن اوهان کي به سنڌ سلامت تي گهڻو ڪجه ملندو۔ اوهان جي ٻيهر ٿورا
جواب: آءُ آهيان ڊاڪٽر اياز حسين عباسي ادا ڊاڪٽر اياز صاحب اسان اوهان کي فورم تي ڀليڪار ٿا چئون ڊاڪٽر صاحب اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: آءُ آهيان ڊاڪٽر اياز حسين عباسي [justify]آءُ ڀليڪار ٿو ڪيان پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر اياز حسين عباسي صاحب جن کي۔ اصل ۾ آءُ جڏهن کان فورم جو ميمبر ٿيو آهيان ڊاڪٽر صاحب سان فورم جون ڳالهيون ڪندو ايندو هوس۔ سائين جن تمام گهڻو متاثر ٿيا هئا ۽ سنڌين جي هڪ پليٽ فورم تي گڏجڻ تي پڻ ڏاڍا خوش ٿيا هئا۔ 2010 وارو ڪيلنڊر جڏهن مون ڊاڪٽر صاحب کي ڏنو ته خوشي مان نه پئي ماپيا۔ ڊاڪٽر صاحب هڪ بهترين انسان دوست محبتي ماڻهو آهن۔ پاڻ اصل ۾ خانداني شخصيت عباسي خاندان جا چشم و چراغ آهن۔ لاڙڪاڻي جا هي دوست منهنجي گهر ويجهو ڀٽائي آباد ڪراچي ۾ سندن ڪلينڪ تي انسانيت جي خدمت ۾ رڌل آهن۔ سندن سماجي خدمتن جو هر ڪو گواه آهي۔ خاص طور تي سنڌ تي آيل ٻوڏ تباهي جي عرصي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو انساني ڪردار هڪ عظيم مثال ۽ نمونو آهي۔ گهڻو پهريون سائين جن فورم جا ساٿي ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، پر اڄ جيئن انهن سان سٺي ڪچهري ٿي ته پاڻ چيائون ته آءُ اڄ ئي فورم جو ميمبر ٿيندس ان شاءَ الله۔ ادا اياز جا ٿورا جو اهي فورن پنهنجي ڳالهه تي قائم رهندي فورم تي اچي ويا۔ باقي سندن لکڻيون، نعتون، قصيدا، مختلف اخبارن، ۽ رسالن ۾ سندن ليک سائين جن پاڻ ونڊيندا ته سندن شخصيت وڌيڪ دوستن اڳيان نکڙي ايندي۔ آءُ وري پنهنجي پياري دوست سائين محترم اياز حسين عباسي صاحب جن کي هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار چوان ٿو۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا[/justify]
جواب: آءُ آهيان ڊاڪٽر اياز حسين عباسي سائين اياز حسين عباسي کي سنڌ سلامت جي اڱڻ جو ڀاتي ٿيڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو چئجي۔۔۔ ادا طاهر سنڌي جي مهرباني جو سنڌسلامت جو پيغام دوستن تائين پهچائن پيا ۽ سندن جي ڪري سنڌ سلامت تي ڪيترائي دوست اچن پيا۔۔۔ اميد ته ساٿ ايئن ئي قائم رهندو۔۔