سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي پاران دعوت ڏجي ٿي ته سال 2011 کي ”شيخ اياز جي سال“ طور ملهائن. ان سلسلي ۾ مختلف رسالن جا ”شيخ اياز نمبر“ ۽ ويب سائيٽس تي خاص صفحا ترتيب ڏنا ويندا. انهيءَ حوالي سان هي البم پڻ ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن ۾ شيخ اياز جون ۽ سندس حوالي سان لکيل تحريرون شامل ڪيون وينديون۔ ان سلسلي ۾ اسان کي سنڌ سلامت تي ڇا ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي۔ دوستن جي راء جو انتظار رهندو
جواب: سنڌ سلامت کي سال 2011 شيخ اياز جي نانء ڪرڻ لاء ڇا ڪرڻ گهرجي [justify]طاهر سنڌي جي به سٺي صلاح آهي، ڪنهن گذر ڪري ويل شخصيت جي اها خوشنصيبي هوندي آهي ته انجي پويان وارا سندس مغفرت جون دعائون گهرندا رهن ۔۔۔ جي ادا طاهر اسين سندس مغفرت لا دعاڳو آهيون ۔۔۔ رب العالمين شيخ مبارڪ شيخ جا سڀ گناهه معاف فرمائي ۽ جنت ۾ اعلا مقام عطا ڪري ... آمين دوستو! هت سندس شخصيت جي ڳالهه ناهي، هت سندس فڪر، شاعري ۽ پيغام جي ڳالهه آهي، جيڪا محترم شيخ اياز اسان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۔۔۔ شخصيت ۽ پيغام ٻه الڳ شيون هونديون آهن ۔۔۔ شخصيت مري ويندي آهي ۽ انکي دعائن جي ضرورت هوندي آهي پر فڪر ۽ پيغام جيئرو هوندو آهي جنهن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ۔۔۔ 2011 شيخ اياز جو سال ڪري ملهائڻ جو مقصد به آهي ته؛ شيخ اياز جو فڪر ڇا آهي؛ ان فڪر جي تشريح ٿيڻ گهرجي؛ اسانجي دوست سليمان سنڌ دوستي جي جذبي تحت، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جي سڏ کي مان ڏيندي اسان دوستن کي دعوت ڏني آهي ته 2011 ۾ اسين سنڌ سلامت اوطاق تي ڪهڙيءَ طرح سان شيخ اياز جي فڪر کي اجاگر ڪريون ..؟ آءُ دوست جي راءِ سان سهمت ٿيندي اهو چوندس ته سنڌ سلامت ته اڳ کان ئي هڪ سيڪشن سائين محترم اياز شيخ لاءِ مخصوص آهي، اسان دوستن کي ان سيڪشن ۾ شيخ اياز صاحب جو تحريرون، شاعري ۽ فڪر تي لکيل مقالا ونڊ ڪرڻ گهرجن، ۽ سيڪشن ۾ اڳ کان موجود مقالن کي وري پڙهي انهن تي رايا ڏيڻ گهرجن ته جيئن اهي ليک پڻ واضح ٿيندا رهن ... ٻيو ڪم جيڪڏهن اسين ادي رشيد کان ڪرائي سگهون ته مکيه پني تي لوگو جي هيٺيان يا ڪنهن پاسي ۾ شيخ اياز 2011 جي تصوير چسپان ڪري ان ۾ لنڪ منسلڪ ڪري ڇڏيون جو ڪو به رڪن شيخ اياز کي پڙهڻ چاهي ته انجي تصوير ته کڙڪ ڪري ته ڪم آسان ٿي پوي ... اڃان وڌيڪ شيخ اياز جي ڪنهن ڪتاب کي ڊجيٽل ڪرڻ لاءِ ، اهو ڏسڻو پوندو ته سندس ڪهڙا ڪتاب اڳ ۾ آنلائين آهن ۽ ٻيا ڪهڙا اهم ڪتاب آهن جن کي ڊجيٽل ڪري سگهجي ٿو ۽ ان جا حق انجي خاندان کان ملڻ گهرجن ته اسين سڀ ملي جلي انکي آنلائين آڻي سگهون ... وغيره وغيره مطلب ته سنڌ سلامت جي ڏاهن دوستن کي عرض آهي ته هو هن سلسلي ۾ پنهنجا قيمتي خيال ونڊ ڪن ته جيئن شيخ اياز کي سنڌ سلامت پاران جائز خراج عقيدت ملي سگهي ... اچو ته سنڌ ۽ سنڌيت جي مان ۾ عملي جاکوڙ ڪريون ۽ سنڌ جو مان مٿاهون رکون ... رب اسانکي نيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ڪري ... آمين[/justify]
جواب: سنڌ سلامت کي سال 2011 شيخ اياز جي نانء ڪرڻ لاء ڇا ڪرڻ گهرجي سائين ابڙي صاحب بهترين صلاح ڏني آهي۔ آءُ پاڻ کي ان خدمت ۾ حاضر ڪيان ٿو، منهنجي لاءِ ان سڌ ۾ ڪوبه حڪم هجي ته بندو حاضر آهي۔ وس وارن تائين هن عاجز جو پيغام پهچي۔۔ ٿورا۔۔۔