ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
جئين ته ڪجه ٽائيم کان هن فورم تي مهمان جي حيثيت سان دوستن جا تجزيا ۽ تحريرون پڙهڻ جو موقعو مليو تمام سٺو فورم آهي سڀني دوستن جون ڪاوشون قابل تحسين آهن هڪ سنڌي جي عنوان سان پنهنجي هن ڀا جا سلام دل سان قبول ڪندا۔@};-@};-@};-@};-@};-
سهڻا دوست ابو جواد،
حق موجود، اوهانکي هن سنڌ دوست اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار، جيئن اوهان پاڻ ٻڌايو آهي ته اوهان مهمان طور هن اڱڻ تي اچي چانهن چڪو پي ويندا هيا پر هاڻ اوهان دوستي ۽ رڪنيت ڪئي آهي ۔۔۔ اسانجي خوشنصيبي جو اوهان جهڙا سنڌ دوست ۽ سڄڻ ماڻهون هن اڱڻ جا رڪن ٿين ۔۔۔
اسين سنڌ ۽ سنڌيت جي نعري سان ڪم ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ عام ڪرڻ ۽ سنڌين ۾ حق ۽ سچ جي پرچار ڪري انهن جي راهه ۾ پيل ڪنڊا هٽائڻ واري عمل ۾ رڌل آهيون، اميد ته اوهان به اسان سان ساٿ نڀائيندا ۔۔۔ چوندا آهن ” ٻه ته ٻارنهن“ انڪري جيترا دوست گهڻا هوندا اوترو ميلو متل لڳندو ۽ چڱائيءَ طرف وکون تڪڙيون کڄنديون ۔۔
اوهانجو تفصيلي تعرف ايندو ته ممڪن دوستن کي دوستي رکڻ ۾ آساني پئدا ٿئي ۔۔۔
دعائن ۾ گڏ
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
مهرباني ڀا تفصيلي تعارف سان گڏ پنهنجو تفصيلي ديدار به ڪرايو اٿو۔۔۔۔لک لائق اهڙي ڀائرن جا۔۔۔محترم نثار ابڙا صاحب اوهان ڀائرن جي اصرار کي ڏسي آءُ پنهنجي تعارف کي تفصيل ڏيئي رهيو آهيان۔ منهنجو ڄم نالو نظير احمد آهي منهنجي ولادت ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ مٿيون عاليوال ۾ ٿي، فريدا آباد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيو گورنمنٽ ڪاليج ميهڙ مان انٽر سائنس ڪرڻ کان پوءِ سچل ڪاليج حيدرآباد مان بي اي آرٽس جي ڊگري ورتي۔ هن محبتي اڱڻ جو پتو شيعه دوست فورم تان مليو، محبتي ماڻهن جو ميلو ڏاڍو وڻيو، تنهنڪري اسان به اچي ننڍڙو دڪان کوليو آهي، اميد ته گراهڪن کي اسان جو پتو به ٻڌائيندا ته جيئين ان ميلي جي رونق وڌائڻ ۾ اسان به سنگت سان گڏ هجون۔ سڀني دوستن جون لک مهربانيون جن محبت جو اظهار ڪري مان مٿانهون ڪيو۔ سنڌ سلامت سنگت سلامت۔
محترم نثار ابڙا صاحب اوهان ڀائرن جي اصرار کي ڏسي آءُ پنهنجي تعارف کي تفصيل ڏيئي رهيو آهيان۔ منهنجو ڄم نالو نظير احمد آهي منهنجي ولادت ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ مٿيون عاليوال ۾ ٿي، فريدا آباد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيو گورنمنٽ ڪاليج ميهڙ مان انٽر سائنس ڪرڻ کان پوءِ سچل ڪاليج حيدرآباد مان بي اي آرٽس جي ڊگري ورتي۔ هن محبتي اڱڻ جو پتو شيعه دوست فورم تان مليو، محبتي ماڻهن جو ميلو ڏاڍو وڻيو، تنهنڪري اسان به اچي ننڍڙو دڪان کوليو آهي، اميد ته گراهڪن کي اسان جو پتو به ٻڌائيندا ته جيئين ان ميلي جي رونق وڌائڻ ۾ اسان به سنگت سان گڏ هجون۔ سڀني دوستن جون لک مهربانيون جن محبت جو اظهار ڪري مان مٿانهون ڪيو۔ سنڌ سلامت سنگت سلامت۔