آئون آهيان علي حسين آف نوابشاه۔ پيارا دوستو آئون آهيان علي حسين ، مان هن فورم تي نئون آهيان۔ مونکي هن فورم جي باري ۾ اوهان جي اوطاق جو ماهر ڀا علي علي عرف ظفر علي شر گهڻو عرصو پهريان ٻڌايو هو ليڪن اڄ مان هن فورم تي ممبر ٿي ڪري تعارف ڪرائي رهيو آهيان۔ منهنجي ڀا علي علي سان پراڻي دوستي آهي۔جيڪو انٽرنيشنل فقير جي نالي سان هن سائٽ تي سڃاتو وڃي ٿو۔۔۔
جواب: آئون آهيان علي حسين آف نوابشاه [justify] محترم دوست علي حسين ! ڀلي ڪري آيا، جي آيا، اوهان اسانجي سهڻي بين الاقوامي فقير جي حوالي سان آهيو ته اوهان اسانجي سر جا سائين آهيو، علي علي اسانجو سٻاجهڙو، کلمک ۽ يارن جو يار، دوست آهي ۔۔۔ اميد ته اوهان به پنهنجي ڏاهپ ڀرين ٻولن سان سنڌ سلامت جو سينگار ٿيندا ۔۔۔ اوهانجي تعرف مان لڳي ٿو ته اوهان هن اوطاق تي ڀيرو ڀڃندا رهيا آهيو، محترم دوست! هي اڱڻ سنڌ ۽ سنڌيت جي بنياد تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اميد ته اوهان به پنهنجي ٻوليءَ جي واڌ ۾ پاڻ ملهائيندا ۔۔۔ لک ٿورا هن اڱڻ تي ڪهي اچڻ جا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت [/justify]
جواب: آئون آهيان علي حسين آف نوابشاه ادا جي آيا ڀلي آيا اميد ته اسان سان پيار ڀريون ڳالهيون ونڊيندا رهندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت جيئي سنڌ سدا جيئي
جواب: آئون آهيان علي حسين آف نوابشاه سائين علي حسين صاحب اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار دوست اوهان اسان جي انٽر نيشنل فقير جا دوست آهيو ته سمجهو اسان جا به دوست آهيو۔ سنڌ سلامت تي سڀ پاڻ ۾ ڀائرن ۽ دوستن جهڙا آهيون۔ اوهان جا لک لائق اوهان سنڌ سلامت جا ميمبر ٿيا۔ اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔ اوهان کي سنڌ سلامت جي هن محبتي ميڙ ۾ ڪيئن پيو لڳي ، اوهان هن فورم کي ڪيترو گهميو آهي ، ڪا صلاح ڏيڻي هجي ته بلا جهجهڪ چئجو۔
جواب: آئون آهيان علي حسين آف نوابشاه ادا طاهر هيء ان ڏينهن جي تصوير آهي جنهن ڏينهن اسان سڀ سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي سچل ڳوٺ ۾ گڏ ٿيا هئاسين ۽ ادو نويد اسٽيج سيڪريٽريء جا فرائض انجام ڏئي رهيو هو ۔۔۔۔۔۔۔
جواب: آئون آهيان علي حسين آف نوابشاه ادا اسان اوهان کي هن محبتي اوطاق ۾ ڀليڪار چئون ٿا۔ اميد ته پنهنجين سهڻين لکڻين سان اوطاق جو مان وڌائيندا۔ علي علي کي سلام۔
جواب: آئون آهيان علي حسين آف نوابشاه ادا مان توهان تمام دوستن جو ٿورائتو آهيان ۔جو ايڏي وڏي آڌر ڀاڪئي اٿو سڀني جون مهربانيون۔۔ باقي ادا علي علي کي به سلام ضرور چونداسين ۔ سدائين گڏ۔۔۔
جواب: آئون آهيان علي حسين آف نوابشاه السلام عليڪم ادا علي حسين سنڌ سلامت فورم تي قرب جا قدم ڀري اچڻ تي انٽر نيشنل فقير اوهان کي ڀليڪار چئي ٿو ادا اوهان جا لک ٿورا جو اوهان سنڌ سلامت فورم تي پهنيج قرب جا قدم ڀري آيا ادا اوهان سنگت کي پهنجو تفصيلي تعارف ڪرايو ها ته سنگت کي اوهان سان دوستي ڪرڻ ۾ اچان به آساني ٿئي ها ادا اوهان اسان جا پراڻا دوست آهيو اسان کي هتي اچي ڪري اوهان عزت بخشي آهي اوهان جا تمام گهڻا لک ٿورا اسان کي اوهان جي سهڻِن ۽ پيارين لکڻين جو انتظار رهندو ۔