سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر جهرڪ تاريخ جي آئيني ۾

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر جهرڪ تاريخ جي آئيني ۾ ​

    سنڌ لاء ڇا لکجي، بقول تاجل بيوس ته ۔۔۔ ( سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان۔ ) سنڌ جي تاريخ لاء ته ڪي اڻ کٽ دفتر گهرجن، جو ويهي سنڌ جي شهر شهر ڳوٺ، ڳوٺ، واهڻ ، واهڻ ندي،ندي،گهٽي، گهٽي، هر هڪ وڻ، هر هڪ وڻ جي پتي، پتي، ۽ سنڌ جي ڪچي ڀينڊن تي لکجي۔
    هي سنڌ ڪا اڄوڪي نه آهي پر هي ته صديون پراڻي سنڌ آهي، جنهن جي محبت لاء شاه صاحب فرمايو آهي ته۔۔۔ سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار۔۔۽ وري شيخ اياز صاحب هيئن چيو آهي ته ۔۔۔۔ سهندو ڪير ميار او يار سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، شيخ اياز صاحب کان علاوه بخاري صاحب ۽ سنڌ جي ٻين شاعرن به سنڌ کي ناهي وساريو۔ سنڌ جي تاريخ جي شيدائي۔۔ رحيمداد خان مولائي شيدائي صاحب ته هڪ ڪتاب جو نالو ئي جنت السنڌ رکيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ بابت مولائي صاحب لکيو آهي۔ ۽ سنڌ لاء پنهنجي محبت جا گل نڇاور ڪيا آهن، سنڌ جو نالو ”سنڌو درياءَ“ تان پيو، جيڪو ان جو اصل ۽ شروعاتي نالو آھي آڳاٽي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ان نالي مختلف وقتن تي مختلف صورتون اختيار ڪيون آھن، جيڪي اصل ۾ بنيادي لفظ “سنڌو” جون مختلف آوازي شڪليون آھن. ، سنڌ جي نالي بابت مختلف محققن جا مختلف رايا آهن
    هي اسان جي اها سنڌ آهي جنهن جو هر هڪ شهر اسان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو آهي، ۽ اسان کي گهرجي ته اسان سنڌ جي هر هڪ شهر، شهر ڳوٺ ڳوٺ جي خبر رکون ۽ وٺون، هون ته سنڌ جي هر هڪ شهر جي پنهنجي پنهنجي حيثيت آهي، ۽ پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ آهي، مگر سنڌ جي شهر جهرڪ کي هڪ خاص حيثيت حاصل آهي ۽ اها حيثيت اهيا آهي ته اسان جي ملڪ پاڪستان جو باني قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جو شهر به هي آهي،۔۔۔۔۔ ( جنهن تي ڪافي محققن جو اختلاف پڻ آهي جيڪا ڳالهه اڃان تحقيق طلب آهي، جنهن کي وقت پاڻهي سامهون آڻيندو۔ ۔۔۔۔ ان موضون تي به هن وڊيو ۾ مختلف محققن ( تاريخدان، ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانه، تعليمي ماهر عبدالغفار صديقي،قائداعظم محمد علي جناح يادگار ڪميٽي جي صدر مشتاق احمد ملاح، جهرڪن جي شهر تي تحقيق ڪندڙ عبدالحسين خواجه، چيئرپرسن سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽر نور افروز خواجه ) جا مختلف رايه آهن جيڪي پڻ ٻڌڻ وٺان آهن۔ ) پوء اچو ته ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش واري شهر جهرڪ جو جائزو وٺون۔

    http://www.youtube.com/watch?v=DOgQk5U8IAM
    http://www.youtube.com/watch?v=rDhITEp3fMM

    جهرڪ جي باري ۾ انگريزن جا خيال ( تاريخ جا ورق )​
    ـ
    ٺٽو ضلعو طبعي لحاظ کان وارياسي ڀٽن ، ڪلراٺي زمينن ۽ ساحلي ايريا تي مشتمل آهي ، پرجابلو پٽي پڻ هن ضلعي ۾ شمار ٿئي ٿي ـ درياء سنڌ جي ڪنڌي تي اوچين ٽڪرين جي اوٽ ۾ آباد جهرڪـ جو شهر جيڪوبدقسمتي سان حقيقت جي باوجود سرڪاري طور قائد محمد علي جناح جي جنم ڀومي تسليم نہ پيو ڪيو وڃي ! اهو شهر درياه بادشاه جي موجن جي ماٺي ٿيڻ سبب ڏينهنون ڏينهن غربت ۽ افلاس جو شڪار ٿيندو پيو وڃي ، مستين ڀرئي زندگي گذاريندڙ هن شهر جا پيڙاتا "گندي ۽ گدنهہ : لاء بہ پريشان آهن ـ
    هن شهر جو ماضي مؤج ۽ مستين ڀريو هو ان جي شاهدي تاريخي ورقن مان انگريز جاسوسن جا خيال ئي ڏين ٿا ـ ناٽن ڪرد 1800ع رپورٽ ٻڌائي ٿو تہ ٺٽي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جهرڪ جو شهر واقح آهي جتي اَنُ ، چوپايومال ۽ گيھ جام ملي ٿو ـ
    رچرڊ برٽن جهرڪ کي 1821ع سنڌو ندي ء جي ڪپ سان ٽڪري ء تي ٻڌل هڪ سهڻو شهر ٻڌايو آهي ـ
    ڪئپٽن اي پي دلهو سٽ 1832ع ۾ جهرڪ ڏٺو ۽ لکي ٿو تہ " هي شهر سنڌو درياهه کان 150 فوٽ اونچو آهي شهر ۾ سامان جي رسد جي ڪثرت آهي ۽ ڪراچي کان گهڻو سٺو آهي بازار ۾ ٻہ سئو دڪان آهن ۽ رستن جي صف بندي ٻنهي پاسن کان ٿيل آهي ـ
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر جهرڪ تاريخ جي آئيني ۾

    سائين تمام بهترين معلوماتي شيئرنگ آهي .
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر جهرڪ تاريخ جي آئيني ۾

    اسان جي دور ۾ ٽيڪسٽ بوڪس ۾ ته ڪراچي جو ذڪر ڪيل آهي۔ پر چون ٿا ته اسان کان اڳ واري سنڌ ٽيڪسٽ جي ڪتابن ۾ جناح و ڄم جو هنڌ جهرڪ لکيل هو۔

    ان تي ڪيتري تحقيق ٿي آهي ۽ اها ڪيتري صداقت تي مبني آهي ان جي راء ته ڪو ڏاهو ئي ڏئي سگهي ٿو

    ادا ممتاز مهرباني خوبصورت ونڊ جي
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر جهرڪ تاريخ جي آئيني ۾

    ادا توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هر تحرير تي نظر رکو ٿا ۽ پنهنجي پسنديدگي جو اظهار پڻ ڪيو ٿا، توهان جا اهي لک لائق ۽ ٿورا چئبا ۔ وري به توهان جون مهربانيون ۽ قرب
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر جهرڪ تاريخ جي آئيني ۾

    ادا مون خود پراڻن ٽيڪسٽ جي ڪتابن ۾ اهيو پڙهيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جهرڪن ۾ ڄائو، ۽ اهي ڪتاب اسان جي والد صاحب وٽ پيل هئا، خبر ناهي ڇو هرو ڀرو ان ڳالهه تي ضد آهي ته قائداعظم محمد علي جناح ڪراچي ۾ ڄائو۔ صرف ان لاء ته نئين سئين وري ڪراچي جي بنسبت جهرڪن کي اهميت ڏيڻي پوندي، ان ڪري، ٻيو هون به دنيا جا جيترا به وڏا ماڻهون آهن اهي تقريبن نندن شهرن ۾ يا ڳوٺن ۾ ئي پيدا ٿيا آهن، ڇا پاڪستان جو باني ڪنهن ڳوٺ ۾ يا نندي شهر ۾ پيدا نه ٿو ٿئي سگهي ڇا؟
     
  6. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر جهرڪ تاريخ جي آئيني ۾

    ادا تمام سٺي معلومات آهي
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر جهرڪ تاريخ جي آئيني ۾

    ادا امين سمون صاحب توهان جون مهربانيون جو توهان منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو