khadim ghirano
سينيئر رڪن
(پارسي نظم بي نقطه )
ره راه راد رَاحل در کوه سحر گاه
درسه حصول گام گه هر حال سال ماه ،
سر گاو عمر آمد اندو گه هر ملوڪ،
دم مرگ مرده گردد سردار صد سُلوڪ ،
در عڪس طور طلسم آري گه عام را ،
مر آه درد آرد دم هر ڪدام را ،
گم کرد هر دو عالم عهد او امار ،
در دل مراَد دار گه هر حال گردگار ،
موسم مراد عمر همه کرد مدعا ،
در درس دل در آور گه گاه هوررا ،
محرم درود محّمد گردد گدام گس ،
هر طور طرح اور اداروڪ داد رس .
*****
ڪافي
پيتم مت پرديس پڌارو،
رت سانون ڪي سانوريا
ڪالي گھٽا گھٽ رين انڌيري ،
برس ڊاروي با در ريا .
با ر بار پيا بجلي چمڪي ،
چڙهه ڪر چڙهه ڪر چنبريا .
ڪوئل مور پپهيا بولي ،
دهوم مچي وچ دها دهريا .
رهو هماري پاس پيروا ،
پهن ڪسو نبل ڪيسريا .
مصري ساٿ مقابل بيٺو ،
من موهن مل مندريا .
ڪافي
رها هون مين روز ازل سي پياسا ،
زمين خاڪ ميخانه ڪي من مين آسا .
ڪرو جام انعام مين ناب مستي ،
خودي خود پرستي مٽي خام هستي ،
نحس نفس نر بهاگ جاوي نراسا .
تصرَف ڪي طلعت سي نه ڪچهه دور دم هي ،
يه تشريف تيري ڪسي پر نه ڪم هي ،
درد کيش درويش ڪو ديوو دلاسا .
سماتا سمک رونق رنگ مينا،
قدح کيف قدرت سي ڀرپور بهينا ،
عنايت ڪرو آب آتش لباسا .
ارغوان پيمان ساغر سوايا ،
فلڪ نيلگون نوع ديگر مين آيا ،
هوا مخمور مصري ملا ايڪ ماسا .
*****
بيت
سسئي ٿيءُ سجاڳ اوٺي ويندءِ اوچتا ،
متان سمهين سسئي ڀر ڏيئي کي ڀاڳ ،
مي اٺ مصري چئي وجھندءِ وهه ويراڳ ،
وٺ وروڪي واڳ پائي پيچ پنهوءَ جي .
****
پائي پيچ پنهوءَ جي وٺ گؤنرن جو گس ،
واڳن پئج وچڙي ول جيئن ڪري وس ،
ڀوري شھر ڀنڀور ۾ تون تان ڪيم ترس ،
هوتن سندو حب ۾ ڏونگر ڏيندءِ ڏسُ ،
رات ڏيئي رس جيئن سج نه اڀريئي سيج تي .
آڌي رات اٿي ويا ڪرها ڪشائون ،
جمل جاڪي هليا ليڙا لانچيائون ،
بار ڳرا بغدن تي نهي نڌائون ،
ڏس جي ڏنائون مهميزون مصري چوي .
****
ويڙهيون وسرن ڪين ڪي ڏهريون ۽ ڏيهي ،
مون جيڏيون ملير ۾ سرهيون سڀيئي ،
ورونهن ڪن ورن سان واريءَ منجهه ويهي ،
پکي منجھه پيهي قصا ڪنديس ڪوٽ جا .
****
ويڙهيون وسرن ڪين ڪي ڏيهي ۽ ڏهريون ،
پهن ساڻ پنوهارن پٽن تي پهريون ،
گھرا گاهه گسن تي لنب مئي لهريون ،
مون جيڏيون مصري چئي ٿرن ۾ ٿهريون ،
سي ڪين ٿين ڪهريون جن قوت ڪکائون سومرا .
****
الست ارواحن کي جڏهن قائم ڪيو قدير ،
قسمت قيدالماءِ جا زوراور زنجير ،
پري ٽري ڪين ڪي تُر هڪو تقدير ،
سيئي ساريم سومرا سرها جتي سرير ،
ويڙهيچن وٿاڻ ڪئا بر منجھه کڻي بير ،
ڪڍ بندياڻي بند مان عمر ڄام اسير ،
ٿرن ٿڌي هير مون من ماروءَ ڄام سين .
****
پهرين وس پٽن ۾ ٿيا ڳَمَ ڳنڍير ،
سٿا ٿيريون سرٿيون مرڪن منجهه ملير ،
گھر کٿيري کير اٺن مينهن اگوندرا .
مثنوي بي نقاط
دلا در سرَ الا الله اسرار ،
اگر آگاهه کس گردد در و دار .
او را لا مرک محصل دار کرد ،
ردو عالم ملک در هر کار کردد.
دهد در داد داور لعل او را ،
دو ده همراه در حال اورا .
سه واحد المدد در سه کل حال ،
الا الا مداد اعلى والو صال .
وصال او که دل لا وهم دارد ،
علي کل عدو راه رحم دارد .
*****
ڪافي
ڪرڪا مهر مل ماهرو مَ لڪاءِ مک مڪرم مدام
**
دلدار دم دور مَ وهو ڪو ڪر ڪرم ڪامل اهو ،
هر مهل سر مک کولئو هڪ لِک لمحه وارهو لگام .
ڪرهو درد دل کا دور دک مَ لڪاءِ مارو مور مک ،
سرهو سدا اهو سور سک دل دام در دارالسلام .
ڪر ڪرم وارو ڪو ڪڪر وهلو وسو وس واهور ،
وهه ورهه آهه واهه وکر اصلؤ لکهو عالم دوام .
رهه راس راول ڪر رحم مَ سهاءِ سو سهه سهم ،
حور و ملڪ مارئا مرم مائل ڪرهو مرحم ملام .
ڪا مدد مالڪ مهر ڪر گولو گدا گل گام گھر ،
سرهو سکالو ساهه سر مصري رکهو عام امام .
****
ڪافي
ڏاڍا ناز سڄڻ ڏيکارين ٿو .
**
تات جنهن کي طلب تنهنجي جي ،
سي وريو ڪيئن وسارين ٿو .
جيڏانهن ڪيڏانهن کڻيو اکڙيون ،
محبت واريون مارين ٿو .
اجھل اويڙا نين بڇايو ،
پهت پرين پنهنجا پارين ٿو .
مصري چئي ساڻ جو ماڻن ،
ميون دليون جيارين ٿو .
*****
ڪافي
بيٺا ٿي اچي بي پرواهه سڄڻ سڪندن کي اڄ سامهون
***
پرينءَ پري کان پاتي جھاتي اڀري جيئن ڌرو پرڀاتي ،
ٿيو صبح ڪيو شمس شعاع وئيون رات فراق جون شامون .
لاهي نقابا ڪيائون نرواري کلي بدن ٿي باغ بهاري ،
ٺري جُسي ڪيو ٺهري ٺاهه جنات عدن جو جامون .
کڻي گھُنڊ گھورن سين گھائيون سڏي سڪندوين سيني لائيون ،
اونايائون اڪندين جي آهه مخفي طور ڏنائون مامون .
چايائون چشم مبارڪ چهرا مبارڪ چهرا ڏيئي لغڙ جيئن لوهون لهرا ،
مصري آهن موت مباهه تَنَ کي ڪيو تيغونن طعامون .
****
ڪافي
ماڙيون ڀانيام ماتام
مولا ماروئڙن ري دل ماندي
الا ورهه وهامي راتڙي
***
اوٺي اباڻي پار ڏي من پرهه ڦٽِيءَ پيغام ،
اَڻي پائر ڏيهه جو ڪو پانڌي .
موتي اسان کي ميهڻو هيرا هار حرام ،
آهي چوڙيرن کي نت چاندي .
کوءِ ڪڙولا قيد جا ڪوڙا ڪوٽ ڪمام ،
ڀانئن باهه برابر باندي .
ڪندا نيئي ڪڏهن الا منهنجو ملڪ مقام ،
ٿيندا قيدياڻيءَ جا ڪانڌي .
مان وڏي سان مصري کي الا ميڙئين محّمد ڄام
ته وهم انهيءَ کان دل ٿئي واندي .
****
ڪافي
ياد ڪر تان ياد ٿين لائي نوان نت نينهڙا ،
ري يادگيري يار جي ڪوڙا ڪٽڻ هت ڏينهڙا .
جي وساريندين ته وسري تون به ويندين ويسرا ،
فَاَذڪُروُني في الحقيقت سڻ اهي سنيهڙا .
هٿ وٺي هل هوت جو پيرين متان پنڌڙو ڪرين ،
ورنه انهيءَ ويڙهه ۾ سهسين سجھن سپ سينهڙا .
ڪري اکڙيون پير رڙهه راحت اٿئي رڙهن ۾ ،
ڏي جفائون جان لحه ڳولهي پنهوءِ جا ڳينهڙا .
ٻول ٻاروچل پاريندو پاڻهي پٻ ڏڻي ،
وندر ۾ وسندا وري مصري محبت مينهڙا .
ڪافي
اڄ ته عجيبن آڻي لايا نينهن نوان .
برساتون ۽ بندون بدل بهار ڀنا ،
ريهي رحمت سان ريلي گڏيئون ڇَمر ڇَنا ،
سڀ هنڌ سبزا ٿيا عيدون اسان ۽ اوهان .
ڏنيون کينتَن خبرون سهسين ساوڻ جون ،
مليا محب مَنگل ڳائي ڳل لاوڻ جون ،
الله ڪيون آباديون پانڌين پيرين پوان .
غم گوندر ويا وسري شڪرانا شاديءَ جا ،
ڪوڙئين ڪروڙين ڪرم حمد لکين هاديءَ جا ،
صفتون صاحب سنديون ڪهڙيون چئي ڪيئن چوان .
مينهن مندائتا مصري واهه ولهرين وٺا،
سرها سيني لايا مليا محب مٺا ،
ڏيهه ڏنگو ڇا ڪندو سڄڻ هُون سَنوان .
ڪافي
اسين عشق ۾ ٿياسون الٽ ڪريون ڪوهه ڪفر ايمان کي ،
اسين اڃايل عجز جا ڪريون ڪوهه وصل ويران کي .
هن حياتيءَ لئه ڏسون ٿا لعل لب مرجان کي ،
پوءِ جنازا بي دفن ڪندا ڪوهه قبرستان کي .
اسين ڪٺل آهيون قرب جا مور نه مڃيون فرقان کي ،
پڇون ڪين دعوى داد جو قاضيءَ توڙي ديوان کي .
اسين قبلو ڄاڻو ڪعبو ڪج ابروءَ سندي ايوان کي ،
جي نه آهيو مست ڏسون ڪين ٻئي مشتان کي .
جي گھرين ٿو منجهه ٻنهي عالم جيڻن ناجان کي ،
تان کڻي ڇڏ بهشت دوزخ روضهء رضوان کي .
جيڪو برهه جو بار باسي ويو ڪنه قبرستان کي ،
ڏٺائين ڏک ري ڪونه ٻيو ٻيڙو نظر درمان کي .
حق جي صورت ٿو گھرين ڇڏ باغ هن بستان کي ،
آهه اشارو عين اُت مصري مَ ڇڏ ميدان کي .
ڪافي
رمز رندن جي رول نه ڄاڻن ،
ننگ سڃاڻن ڪي نر نيهي .
دزد دٻن ۾ ديد اڙائن ،
وريو وٽن سان سي به وڃائن ،
سر ڦٽائين سيئي .
هوءِ هَنجَن جي حال همت تي ،
وؤڙ ولايت وئي وحدت جي ،
ڪل ڪنگن کي ڪيهي .
هنج هيري لاءِ نه ڪونج نهارين ،
پت پَکيئڙا پنهنجي پارين ،
ويل نه ڪن ڪٿ ويهي .
جت پٿون تت پاڻ رهن ٿا ،
سوجھيو سَرَ مان لعل لهن ٿا ،
پِيَن پرو اُت پيهي .
تَڪيو تار پَهَن طامائُو ،
مصري سير سڃاڻڻ سائو،
هلي ته ڏسون سي ڏيهي .
****
ڪافي
کنيائون کلي نيڻ گھرا گلابي ،
ڀرل ٻاجھه نرگس عجب نيم خوابي .
***
ذري سونهن يوسف کي بازار نيو ،
بنان ملهه مقيد خريدار ڪيو ،
مصر ۾ نه منظور ٿيو ماهتابي .
پئو پرتوو طور تي نور جو ،
نه ماهر ٿيو موسى تنهن مذڪور جو ،
کڻن بار بيشڪ ڀلي بو ترابي .
برهه تيغ ڀڙڪي جو جلوو ڪيو ،
هٽيا عرش حامل فلڪ فرش ٿيو ،
نه آيو اتي ڪو عرب جو اعرابي .
اکين جي انن نؤ طبق کي تپايو ،
جلي ويا جبل عشق آڙهه مچايو ،
وڳي نينهن نوبت ڀڳي حد حسابي .
ڪيو معراج مردن مگر مچ مچائي ،
هو راز رندي منجھان منجه نه مائي ،
اٿئي مهل مصري سگھو ڪر شتابي .
****
ڪافي
ڏاگھا جيئن ڏينهن نه اڀري ،
پنڌ پراهون منزل ڏور ،
**
ڪر ها ڪوڏ ڳچيءَ ڳل پائين ،
ميا موڏ متان مڪرائين ،
پهچون پهرئين پور .
چل ته چانگا چندن چاريئين ،
ماکيون مصريون منهن موڪ پياريئين ،
هلي هوت حضور .
هلندي حبيبن ڏانهن ٿو هڪلائين ،
کوٽا لَٽِ ڪامن سان کجائين ،
ڪرها ڪهڙي قصور .
چوڏس رين چٽائي چنڊ جي ،
مصري چئي اها مهل مَ منڊ جي ،
آڌيءَ اڏر اسور .
****
وائي
مون ۾ عيب اپار ڀلو يار ميان ،
اوَ ڳڻي اوڇي اگلڙي آهيان .
**
ڪوڙي ڪوجھي ڪوڙي ڪانڌ نه ڄاڻان ڪار ڀلو يار ميان ،
ڪيم ڪچايون ڪيتريون بديون بي شمار ڀلو يار ميان ،
مٿو مداين ناهه ڪو بيحد بد ڪردار ڀلو يار ميان ،
تَوڙا تڪيو ناهه ڪو ڌڻيم توهان ڌار ڀلو يار ميان ،
سنئون ثواب نه ساريان سائيئم سڀ ڄمار ڀلو يار ميان ،
ٻاجھه سٻاجھا سپرين تڳان تنهنجي تار ڀلو يار ميان ،
ميٽ مدايون مصري جون بخشي بخشڻهار ڀلو يار ميان .
ڪافي
اڄ وٺي عمر آيو اتا هون ،
سڌ سانگين لڌي وري وهر واهون .
**
موڪ مريڙا ٿيا ساوا ساڳ رڌائون ،
سوئي سا ڏور سڱر ثمر سٿيائون .
ڳم ڳاڱيون ڳنڍير لنب لُلر لوڙهيائون ،
مڪون منگھا ميڙي ويهي ويڙهه ونڊيائون .
ڊيهي ڊامڻ ڊڪيون سيارڇ سائون ،
ڀيڙي پرڙ ڀچٽي ڪن قوت ڪکائون .
مکڻي مانڌاڻا مرٽ مان ڏي مندون مڪائون ،
ستي ساڻيهه اچي لهه لعل لائون .
متام مال مصري ڇيلا ڇَنين ڇيڙيائون ،
پَسي پالاري پٿن ڀيري ڀاڻ ڀريائون .
****
ڪافي
جاڳ ڏي جيءَ کي جفا گينوار غفلت کي ڇڏي ،
رات وئي اپٽڻ اکيون توکي نڀاڳي ننڊ ن ه ڏي .
پرهه تان باکون کنيون اوڳا اڃا آرس اٿئي ،
نيڻ کولي ڪر نظر ساٿي سوارا ويا لڏي .
قطر سينءَ جو ڪارخانو ڪڪر ڇانءَ ڪوڙو ڇمر ،
پاڻ کان پاسو ڪري ۽ ڀڄ هتان ڀلي وڏي .
هئڻ ۽ هستي اٿيئي ڀُتل ڀِت جو ڀروسو ،
نانهن آهين نانهن ٿي وهه ناهن ۾ نجھرو اڏي .
تاڪ ٻيا تڪيا مڙيئي عدم جو اولو وٺي ،
خود پرستي کان ءِ مصري وهه چڙهي توڪل تڏي .
وائي
لايئون ڏينهن گھڻا ڪڏهن ايندا .
**
ساريو سانگيئڙن کي ويٺي هٿ هڻان ،
مارن ساڻ ملير ۾ کٽا کير کڻان ،
منهنجو مرڪ نه ماڙيون ويڙهين منجھه وڻان ،
پلڪ پراهين نه ٿيان ڌراڙن ڌڻان ،
مصري ماروءَ ڄام جي منهن ۾ مشڪ مڻان .
****
ڪافي
جت ڪٿ جاني جلوا تيرا هرجا هر هنڌ تو ساماڻا.
**
صورت دي وچ آپ ڇپايو ئي ،
اَلاَنسان سري سر الايوئي ،
بي رنگ برقعا بيشڪ پايوئي ،
اندر ٿاڪ ڪتوئي ٿاڻا .
ظاهر باطن اول آخر ،
آپ ويکايوئي اندر ٻاهر ،
سوئي بالى سوئي زابر ،
برسر احمد وت الاڻا.
مخفي مام لا تُحرڪُ،
هرجا منزل هر سو هر هڪ ،
بر بحر وچ توهين بيشڪ ،
لحظي لهرين آپ لڪاڻا.
سائي صورت سائي مورت ،
سائي غيرت سائي حيرت ،
سو احسان اهائي منت ،
مصري محض ڪتوئي ماڻا .
ڪافي
برهه بيراڳ دي بات باتڙي ،
مين ڪوڪ سُنڪي ڪٺيان ڪٺيان الا.
شعلي حسن دي دا نه شرح نه آوي ،
ميڏڙي من وچ مول نه ماوي ،
گھور نينان دي گھات گھاتڙي ،
مين گھنڊ گھونگھٽ دي گھٽيان گھٽيان والا .
ڪنڍڙي ڪا ڪل ڪالي ڪيسر ڪڙيان ،
اندر عشاقان دي آڪي اڙيان ،
گھت جگر دي وچ جھات جھاتڙي ،
مين جور جوڀن دي جھتيان جھتيان الا .
روپ عجب رخسار رنگي دي ،
ناز نرالي نت نين جنگي دي ،
ڇاتي ٽوڙن ڪر ڇڙڇاٽ ڇاتڙي ،
مين ڇوهه ڪنون ڇٽيان ڇٽيان الا .
فوجان حسن ديان آون جاون ،
ڏي چا ڀونٽي چشمان چوٽ چڙهاون ،
مصري ڪرن هي من مات ماتڙي ،
مين ماهي ڪنون مٺيان مٺيان الا .
بيت
واحد وسائينس ، آهون عالم جون سڻي ،
موڪل ٿئي مينهن کي تل مَ ترسائينس
وسائي واٽن تي اوڀر اڀائينس
صاحب ساريءَ سنڌ تي بادل برسائينس ،
برڪت وجھي بحر ۾ ، هر جا هلائينس ،
هو جي سر سڪي ويا سي واري وهائينس
پکا پکن سامهان اوري اڏائينس
هون سدائين هتهين رب تون رهائينس
مصري ملائينس کنڊ وانگر کير ۾
ره راه راد رَاحل در کوه سحر گاه
درسه حصول گام گه هر حال سال ماه ،
سر گاو عمر آمد اندو گه هر ملوڪ،
دم مرگ مرده گردد سردار صد سُلوڪ ،
در عڪس طور طلسم آري گه عام را ،
مر آه درد آرد دم هر ڪدام را ،
گم کرد هر دو عالم عهد او امار ،
در دل مراَد دار گه هر حال گردگار ،
موسم مراد عمر همه کرد مدعا ،
در درس دل در آور گه گاه هوررا ،
محرم درود محّمد گردد گدام گس ،
هر طور طرح اور اداروڪ داد رس .
*****
ڪافي
پيتم مت پرديس پڌارو،
رت سانون ڪي سانوريا
ڪالي گھٽا گھٽ رين انڌيري ،
برس ڊاروي با در ريا .
با ر بار پيا بجلي چمڪي ،
چڙهه ڪر چڙهه ڪر چنبريا .
ڪوئل مور پپهيا بولي ،
دهوم مچي وچ دها دهريا .
رهو هماري پاس پيروا ،
پهن ڪسو نبل ڪيسريا .
مصري ساٿ مقابل بيٺو ،
من موهن مل مندريا .
ڪافي
رها هون مين روز ازل سي پياسا ،
زمين خاڪ ميخانه ڪي من مين آسا .
ڪرو جام انعام مين ناب مستي ،
خودي خود پرستي مٽي خام هستي ،
نحس نفس نر بهاگ جاوي نراسا .
تصرَف ڪي طلعت سي نه ڪچهه دور دم هي ،
يه تشريف تيري ڪسي پر نه ڪم هي ،
درد کيش درويش ڪو ديوو دلاسا .
سماتا سمک رونق رنگ مينا،
قدح کيف قدرت سي ڀرپور بهينا ،
عنايت ڪرو آب آتش لباسا .
ارغوان پيمان ساغر سوايا ،
فلڪ نيلگون نوع ديگر مين آيا ،
هوا مخمور مصري ملا ايڪ ماسا .
*****
بيت
سسئي ٿيءُ سجاڳ اوٺي ويندءِ اوچتا ،
متان سمهين سسئي ڀر ڏيئي کي ڀاڳ ،
مي اٺ مصري چئي وجھندءِ وهه ويراڳ ،
وٺ وروڪي واڳ پائي پيچ پنهوءَ جي .
****
پائي پيچ پنهوءَ جي وٺ گؤنرن جو گس ،
واڳن پئج وچڙي ول جيئن ڪري وس ،
ڀوري شھر ڀنڀور ۾ تون تان ڪيم ترس ،
هوتن سندو حب ۾ ڏونگر ڏيندءِ ڏسُ ،
رات ڏيئي رس جيئن سج نه اڀريئي سيج تي .
آڌي رات اٿي ويا ڪرها ڪشائون ،
جمل جاڪي هليا ليڙا لانچيائون ،
بار ڳرا بغدن تي نهي نڌائون ،
ڏس جي ڏنائون مهميزون مصري چوي .
****
ويڙهيون وسرن ڪين ڪي ڏهريون ۽ ڏيهي ،
مون جيڏيون ملير ۾ سرهيون سڀيئي ،
ورونهن ڪن ورن سان واريءَ منجهه ويهي ،
پکي منجھه پيهي قصا ڪنديس ڪوٽ جا .
****
ويڙهيون وسرن ڪين ڪي ڏيهي ۽ ڏهريون ،
پهن ساڻ پنوهارن پٽن تي پهريون ،
گھرا گاهه گسن تي لنب مئي لهريون ،
مون جيڏيون مصري چئي ٿرن ۾ ٿهريون ،
سي ڪين ٿين ڪهريون جن قوت ڪکائون سومرا .
****
الست ارواحن کي جڏهن قائم ڪيو قدير ،
قسمت قيدالماءِ جا زوراور زنجير ،
پري ٽري ڪين ڪي تُر هڪو تقدير ،
سيئي ساريم سومرا سرها جتي سرير ،
ويڙهيچن وٿاڻ ڪئا بر منجھه کڻي بير ،
ڪڍ بندياڻي بند مان عمر ڄام اسير ،
ٿرن ٿڌي هير مون من ماروءَ ڄام سين .
****
پهرين وس پٽن ۾ ٿيا ڳَمَ ڳنڍير ،
سٿا ٿيريون سرٿيون مرڪن منجهه ملير ،
گھر کٿيري کير اٺن مينهن اگوندرا .
مثنوي بي نقاط
دلا در سرَ الا الله اسرار ،
اگر آگاهه کس گردد در و دار .
او را لا مرک محصل دار کرد ،
ردو عالم ملک در هر کار کردد.
دهد در داد داور لعل او را ،
دو ده همراه در حال اورا .
سه واحد المدد در سه کل حال ،
الا الا مداد اعلى والو صال .
وصال او که دل لا وهم دارد ،
علي کل عدو راه رحم دارد .
*****
ڪافي
ڪرڪا مهر مل ماهرو مَ لڪاءِ مک مڪرم مدام
**
دلدار دم دور مَ وهو ڪو ڪر ڪرم ڪامل اهو ،
هر مهل سر مک کولئو هڪ لِک لمحه وارهو لگام .
ڪرهو درد دل کا دور دک مَ لڪاءِ مارو مور مک ،
سرهو سدا اهو سور سک دل دام در دارالسلام .
ڪر ڪرم وارو ڪو ڪڪر وهلو وسو وس واهور ،
وهه ورهه آهه واهه وکر اصلؤ لکهو عالم دوام .
رهه راس راول ڪر رحم مَ سهاءِ سو سهه سهم ،
حور و ملڪ مارئا مرم مائل ڪرهو مرحم ملام .
ڪا مدد مالڪ مهر ڪر گولو گدا گل گام گھر ،
سرهو سکالو ساهه سر مصري رکهو عام امام .
****
ڪافي
ڏاڍا ناز سڄڻ ڏيکارين ٿو .
**
تات جنهن کي طلب تنهنجي جي ،
سي وريو ڪيئن وسارين ٿو .
جيڏانهن ڪيڏانهن کڻيو اکڙيون ،
محبت واريون مارين ٿو .
اجھل اويڙا نين بڇايو ،
پهت پرين پنهنجا پارين ٿو .
مصري چئي ساڻ جو ماڻن ،
ميون دليون جيارين ٿو .
*****
ڪافي
بيٺا ٿي اچي بي پرواهه سڄڻ سڪندن کي اڄ سامهون
***
پرينءَ پري کان پاتي جھاتي اڀري جيئن ڌرو پرڀاتي ،
ٿيو صبح ڪيو شمس شعاع وئيون رات فراق جون شامون .
لاهي نقابا ڪيائون نرواري کلي بدن ٿي باغ بهاري ،
ٺري جُسي ڪيو ٺهري ٺاهه جنات عدن جو جامون .
کڻي گھُنڊ گھورن سين گھائيون سڏي سڪندوين سيني لائيون ،
اونايائون اڪندين جي آهه مخفي طور ڏنائون مامون .
چايائون چشم مبارڪ چهرا مبارڪ چهرا ڏيئي لغڙ جيئن لوهون لهرا ،
مصري آهن موت مباهه تَنَ کي ڪيو تيغونن طعامون .
****
ڪافي
ماڙيون ڀانيام ماتام
مولا ماروئڙن ري دل ماندي
الا ورهه وهامي راتڙي
***
اوٺي اباڻي پار ڏي من پرهه ڦٽِيءَ پيغام ،
اَڻي پائر ڏيهه جو ڪو پانڌي .
موتي اسان کي ميهڻو هيرا هار حرام ،
آهي چوڙيرن کي نت چاندي .
کوءِ ڪڙولا قيد جا ڪوڙا ڪوٽ ڪمام ،
ڀانئن باهه برابر باندي .
ڪندا نيئي ڪڏهن الا منهنجو ملڪ مقام ،
ٿيندا قيدياڻيءَ جا ڪانڌي .
مان وڏي سان مصري کي الا ميڙئين محّمد ڄام
ته وهم انهيءَ کان دل ٿئي واندي .
****
ڪافي
ياد ڪر تان ياد ٿين لائي نوان نت نينهڙا ،
ري يادگيري يار جي ڪوڙا ڪٽڻ هت ڏينهڙا .
جي وساريندين ته وسري تون به ويندين ويسرا ،
فَاَذڪُروُني في الحقيقت سڻ اهي سنيهڙا .
هٿ وٺي هل هوت جو پيرين متان پنڌڙو ڪرين ،
ورنه انهيءَ ويڙهه ۾ سهسين سجھن سپ سينهڙا .
ڪري اکڙيون پير رڙهه راحت اٿئي رڙهن ۾ ،
ڏي جفائون جان لحه ڳولهي پنهوءِ جا ڳينهڙا .
ٻول ٻاروچل پاريندو پاڻهي پٻ ڏڻي ،
وندر ۾ وسندا وري مصري محبت مينهڙا .
ڪافي
اڄ ته عجيبن آڻي لايا نينهن نوان .
برساتون ۽ بندون بدل بهار ڀنا ،
ريهي رحمت سان ريلي گڏيئون ڇَمر ڇَنا ،
سڀ هنڌ سبزا ٿيا عيدون اسان ۽ اوهان .
ڏنيون کينتَن خبرون سهسين ساوڻ جون ،
مليا محب مَنگل ڳائي ڳل لاوڻ جون ،
الله ڪيون آباديون پانڌين پيرين پوان .
غم گوندر ويا وسري شڪرانا شاديءَ جا ،
ڪوڙئين ڪروڙين ڪرم حمد لکين هاديءَ جا ،
صفتون صاحب سنديون ڪهڙيون چئي ڪيئن چوان .
مينهن مندائتا مصري واهه ولهرين وٺا،
سرها سيني لايا مليا محب مٺا ،
ڏيهه ڏنگو ڇا ڪندو سڄڻ هُون سَنوان .
ڪافي
اسين عشق ۾ ٿياسون الٽ ڪريون ڪوهه ڪفر ايمان کي ،
اسين اڃايل عجز جا ڪريون ڪوهه وصل ويران کي .
هن حياتيءَ لئه ڏسون ٿا لعل لب مرجان کي ،
پوءِ جنازا بي دفن ڪندا ڪوهه قبرستان کي .
اسين ڪٺل آهيون قرب جا مور نه مڃيون فرقان کي ،
پڇون ڪين دعوى داد جو قاضيءَ توڙي ديوان کي .
اسين قبلو ڄاڻو ڪعبو ڪج ابروءَ سندي ايوان کي ،
جي نه آهيو مست ڏسون ڪين ٻئي مشتان کي .
جي گھرين ٿو منجهه ٻنهي عالم جيڻن ناجان کي ،
تان کڻي ڇڏ بهشت دوزخ روضهء رضوان کي .
جيڪو برهه جو بار باسي ويو ڪنه قبرستان کي ،
ڏٺائين ڏک ري ڪونه ٻيو ٻيڙو نظر درمان کي .
حق جي صورت ٿو گھرين ڇڏ باغ هن بستان کي ،
آهه اشارو عين اُت مصري مَ ڇڏ ميدان کي .
ڪافي
رمز رندن جي رول نه ڄاڻن ،
ننگ سڃاڻن ڪي نر نيهي .
دزد دٻن ۾ ديد اڙائن ،
وريو وٽن سان سي به وڃائن ،
سر ڦٽائين سيئي .
هوءِ هَنجَن جي حال همت تي ،
وؤڙ ولايت وئي وحدت جي ،
ڪل ڪنگن کي ڪيهي .
هنج هيري لاءِ نه ڪونج نهارين ،
پت پَکيئڙا پنهنجي پارين ،
ويل نه ڪن ڪٿ ويهي .
جت پٿون تت پاڻ رهن ٿا ،
سوجھيو سَرَ مان لعل لهن ٿا ،
پِيَن پرو اُت پيهي .
تَڪيو تار پَهَن طامائُو ،
مصري سير سڃاڻڻ سائو،
هلي ته ڏسون سي ڏيهي .
****
ڪافي
کنيائون کلي نيڻ گھرا گلابي ،
ڀرل ٻاجھه نرگس عجب نيم خوابي .
***
ذري سونهن يوسف کي بازار نيو ،
بنان ملهه مقيد خريدار ڪيو ،
مصر ۾ نه منظور ٿيو ماهتابي .
پئو پرتوو طور تي نور جو ،
نه ماهر ٿيو موسى تنهن مذڪور جو ،
کڻن بار بيشڪ ڀلي بو ترابي .
برهه تيغ ڀڙڪي جو جلوو ڪيو ،
هٽيا عرش حامل فلڪ فرش ٿيو ،
نه آيو اتي ڪو عرب جو اعرابي .
اکين جي انن نؤ طبق کي تپايو ،
جلي ويا جبل عشق آڙهه مچايو ،
وڳي نينهن نوبت ڀڳي حد حسابي .
ڪيو معراج مردن مگر مچ مچائي ،
هو راز رندي منجھان منجه نه مائي ،
اٿئي مهل مصري سگھو ڪر شتابي .
****
ڪافي
ڏاگھا جيئن ڏينهن نه اڀري ،
پنڌ پراهون منزل ڏور ،
**
ڪر ها ڪوڏ ڳچيءَ ڳل پائين ،
ميا موڏ متان مڪرائين ،
پهچون پهرئين پور .
چل ته چانگا چندن چاريئين ،
ماکيون مصريون منهن موڪ پياريئين ،
هلي هوت حضور .
هلندي حبيبن ڏانهن ٿو هڪلائين ،
کوٽا لَٽِ ڪامن سان کجائين ،
ڪرها ڪهڙي قصور .
چوڏس رين چٽائي چنڊ جي ،
مصري چئي اها مهل مَ منڊ جي ،
آڌيءَ اڏر اسور .
****
وائي
مون ۾ عيب اپار ڀلو يار ميان ،
اوَ ڳڻي اوڇي اگلڙي آهيان .
**
ڪوڙي ڪوجھي ڪوڙي ڪانڌ نه ڄاڻان ڪار ڀلو يار ميان ،
ڪيم ڪچايون ڪيتريون بديون بي شمار ڀلو يار ميان ،
مٿو مداين ناهه ڪو بيحد بد ڪردار ڀلو يار ميان ،
تَوڙا تڪيو ناهه ڪو ڌڻيم توهان ڌار ڀلو يار ميان ،
سنئون ثواب نه ساريان سائيئم سڀ ڄمار ڀلو يار ميان ،
ٻاجھه سٻاجھا سپرين تڳان تنهنجي تار ڀلو يار ميان ،
ميٽ مدايون مصري جون بخشي بخشڻهار ڀلو يار ميان .
ڪافي
اڄ وٺي عمر آيو اتا هون ،
سڌ سانگين لڌي وري وهر واهون .
**
موڪ مريڙا ٿيا ساوا ساڳ رڌائون ،
سوئي سا ڏور سڱر ثمر سٿيائون .
ڳم ڳاڱيون ڳنڍير لنب لُلر لوڙهيائون ،
مڪون منگھا ميڙي ويهي ويڙهه ونڊيائون .
ڊيهي ڊامڻ ڊڪيون سيارڇ سائون ،
ڀيڙي پرڙ ڀچٽي ڪن قوت ڪکائون .
مکڻي مانڌاڻا مرٽ مان ڏي مندون مڪائون ،
ستي ساڻيهه اچي لهه لعل لائون .
متام مال مصري ڇيلا ڇَنين ڇيڙيائون ،
پَسي پالاري پٿن ڀيري ڀاڻ ڀريائون .
****
ڪافي
جاڳ ڏي جيءَ کي جفا گينوار غفلت کي ڇڏي ،
رات وئي اپٽڻ اکيون توکي نڀاڳي ننڊ ن ه ڏي .
پرهه تان باکون کنيون اوڳا اڃا آرس اٿئي ،
نيڻ کولي ڪر نظر ساٿي سوارا ويا لڏي .
قطر سينءَ جو ڪارخانو ڪڪر ڇانءَ ڪوڙو ڇمر ،
پاڻ کان پاسو ڪري ۽ ڀڄ هتان ڀلي وڏي .
هئڻ ۽ هستي اٿيئي ڀُتل ڀِت جو ڀروسو ،
نانهن آهين نانهن ٿي وهه ناهن ۾ نجھرو اڏي .
تاڪ ٻيا تڪيا مڙيئي عدم جو اولو وٺي ،
خود پرستي کان ءِ مصري وهه چڙهي توڪل تڏي .
وائي
لايئون ڏينهن گھڻا ڪڏهن ايندا .
**
ساريو سانگيئڙن کي ويٺي هٿ هڻان ،
مارن ساڻ ملير ۾ کٽا کير کڻان ،
منهنجو مرڪ نه ماڙيون ويڙهين منجھه وڻان ،
پلڪ پراهين نه ٿيان ڌراڙن ڌڻان ،
مصري ماروءَ ڄام جي منهن ۾ مشڪ مڻان .
****
ڪافي
جت ڪٿ جاني جلوا تيرا هرجا هر هنڌ تو ساماڻا.
**
صورت دي وچ آپ ڇپايو ئي ،
اَلاَنسان سري سر الايوئي ،
بي رنگ برقعا بيشڪ پايوئي ،
اندر ٿاڪ ڪتوئي ٿاڻا .
ظاهر باطن اول آخر ،
آپ ويکايوئي اندر ٻاهر ،
سوئي بالى سوئي زابر ،
برسر احمد وت الاڻا.
مخفي مام لا تُحرڪُ،
هرجا منزل هر سو هر هڪ ،
بر بحر وچ توهين بيشڪ ،
لحظي لهرين آپ لڪاڻا.
سائي صورت سائي مورت ،
سائي غيرت سائي حيرت ،
سو احسان اهائي منت ،
مصري محض ڪتوئي ماڻا .
ڪافي
برهه بيراڳ دي بات باتڙي ،
مين ڪوڪ سُنڪي ڪٺيان ڪٺيان الا.
شعلي حسن دي دا نه شرح نه آوي ،
ميڏڙي من وچ مول نه ماوي ،
گھور نينان دي گھات گھاتڙي ،
مين گھنڊ گھونگھٽ دي گھٽيان گھٽيان والا .
ڪنڍڙي ڪا ڪل ڪالي ڪيسر ڪڙيان ،
اندر عشاقان دي آڪي اڙيان ،
گھت جگر دي وچ جھات جھاتڙي ،
مين جور جوڀن دي جھتيان جھتيان الا .
روپ عجب رخسار رنگي دي ،
ناز نرالي نت نين جنگي دي ،
ڇاتي ٽوڙن ڪر ڇڙڇاٽ ڇاتڙي ،
مين ڇوهه ڪنون ڇٽيان ڇٽيان الا .
فوجان حسن ديان آون جاون ،
ڏي چا ڀونٽي چشمان چوٽ چڙهاون ،
مصري ڪرن هي من مات ماتڙي ،
مين ماهي ڪنون مٺيان مٺيان الا .
بيت
واحد وسائينس ، آهون عالم جون سڻي ،
موڪل ٿئي مينهن کي تل مَ ترسائينس
وسائي واٽن تي اوڀر اڀائينس
صاحب ساريءَ سنڌ تي بادل برسائينس ،
برڪت وجھي بحر ۾ ، هر جا هلائينس ،
هو جي سر سڪي ويا سي واري وهائينس
پکا پکن سامهان اوري اڏائينس
هون سدائين هتهين رب تون رهائينس
مصري ملائينس کنڊ وانگر کير ۾