ڪافين جو بادشاھ حضرت مصري شاھ امام رضوي ڍول گھراڻو ياد ڪر تان ياد ٿئي لائي نوان نت نينهڙا ، فذڪروني في الحقيقت سڻ اهي سنيهڙا ، جي وساريندين ته وسري تون ويندين ويسرا . اسان جي سنڌ سونهاري هر دور ۾ پنهنجي محبتي وجود ۾ اهڙا گوهر پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي پنهنجي وقت ۽ حالتن جي موافق سنڌ کي اهڙا عقيدت جا گل ارپيا آهن جيڪي ڪٿي مرڪندي ماءُ جي لڄ ۽ لوئي جي حفاظت ڪندي موت کي به مات ڏئي تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجي وفائيت ۽ بهادريت جا باب ڏئي ويا ، ته ڪن وري سامي سنياسين جي روپ ۾ ڌرتي ماءُ جي ڏنل يار جي محبت امن ڀائيچاري جي سنيهن جي پرچار جو پڙلاءُ پکيڙيو ، ۽ پوءِ جڏهن هن پيار محبت ۽ امن واري ڌرتي جڏهن اسلام جي پرنور ڪرڻن جو تجلو پيو تڏهن ڏسندي ئي ڏسندي هن ڌرتيءَ جڏهن اسلامي روشنين سان جھرڪي پيئي .هتي جي رهندڙن جي محبت ۽ مهمان نوازي جي ڪشش ڪيترن ئي عربن جي برگزيده بزرگن کي پنهنجي طرف مائل ڪري پنهنجي سيني تي سمائي ڇڏيو . انهن برگزيده بزرگن پنهنجي اورچائي دانائي ۽ بهترين خداداد صلاحيتن سان هتي جي رهواسين کي خدائي پيغام ۽ نظام سان نوازيو ۽ پوءِ انهن برگزيده بزرگن جي پيڙهين منجھان ڪيئي بزرگ عالم آشڪار ٿيندا سنڌ جي سر زمين سان سلاڙجي ويا جن کي هن ڌرتيءَ جا داسي اولياءَ الله جي لقب سان ياد ڪندي کين محبت عقيدت ۽ مرشديءَ جا گلاب آچين ۽ ارپين ٿا ۽ سندن ڏسيل فيض مان روحاني سڪون حاصل ڪن ٿا . سنڌ جي اهڙن برگزيده اولياءَ الله هن نصرپور جي رضوي ساداتن جو پڻ هڪ خاص مقام آهي هونئن به نصرپور جي تاريخ شهر جيڪو نه رڳو پنهنجي خاص علمي فني ثقافتي ثمر سان شاهوڪار آهي پر اهو ڪيترن ئي اولياءَ الله جي ابدي آستانن سان به سرشار آهي اهڙن اولياءَ الله ۾ حضرت سيد مصري شاهه امام رضوي هڪ خاص اهميت رکي ٿو جيڪو پوري سنڌ ۾ ڪافين جي بادشاهه جي نالي سان مشهور آهي جنهن 1245 هجري بمطابق 1828 ع ۾ سنڌ جي هن تاريخي دريائي شهر نصرپور ۾ رضوي سادات سيد بلند شاهه جي گھر ۾ جنم ورتو . ننڍي هوندي ئي پيءُ جي وفات ڪري سندس تعليم ۽ تربيت وڏي ڀاءُ سيد فتح محمد شاهه جي نظر هيٺ رهي .حضرت مصري شاهه امام رضوي هڪ حليم بزرگ ۽ لائق استاد قاضي گل محمد (گل ) جي مڪتب ۾ ان وقت جي رائج علم مطابق سنڌي عربي فارسيءَ جي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي . کيس عربيءَ جي لغات واري ڪتاب قاموس تي وڏو عبور حاصل هو ان کان اپاءِ ديوان حافظ مثنوي مولانا رومي ۽ لطيف جو رسالو پڻ سندس مطالعي هيٺ رهيا جيڪي سندس سير وسفر ۾ ساڻن گڏ هئا . حضرت مصري شاهه امام رضوي ۾ قدرت طرفان مليل الهامي فطرتون جبلتون اڳ ئي سمايل هنيون جيڪي مجازي منزل مان نڪري الهامي راهه جو راهي ٿيڻو هنيون سو منجهن قدرت جي فطرت کي جانچڻ واري شعور الهامي اشاري سان 24 يا 25 سلن يعني ڦوهه جواني واري دور ۾ سفر جو سنيهو ڏنو ۽ پاڻ روانا ٿي ويا . مليات مصري شاهه مطابق حضرت مصري شاهه امام رضوي 15 يا 16 سال ٿرپارڪر اجمير جھُنا ڳڙهه جوڌپور ڪڇ هنگلاج ۽ گرنار جا ڏيهه سنياسين آديسين ۽ جوڳين سان جھاڳي چلا ڪاٽي قدرت جي تخليقن کي جانچي عبرت حاصل ڪيائين . ان دوران کيس پنهنجي وطن (شهر ) جي تانگھه به ٿي ۽ ان جي ان شدت کي هيئن چيائين . جڏهن حب الوطني آئي مان الايمان سچ سمجھئين ، ڪري پرواز ڀڃ پڃرو اُڏر لا لا چمن سڏيو . پاڻ اٽڪل 40 سالن جي عمر ۾ پنهنجي اباڻي شهر نصرپور ۾ واپس آيا سندن ايترو عرصو ٻاهر رهڻ ڪري کين پنهنجو ڀاءُ سيد فتح محمد شاهه به سڃاڻي نه سگھيو سندن درويشي حالت مان لڳو ٿي ته پاڻ تمام باريڪ بينيءَ سان قدرت جي فطرت جو مشاهدو ڪيو هئائون تڏهن ته چيائون جمع الجمع جڙي ٿيو جامع ، پاڻهي پنهنجو طالب طامع ، فضيلت فغفور ، مخفي راز رکي مورت جو ، ذات نسورو نور آيو سانگ ڍڪي صورت جو . حضرت مصري شاهه امام رضوي دنوي خفن کان ڪناره ڪش ٿي پنهنجي اوطاري ۾ ئي رهندو هو سندس روز جو دستور هوندو هو ته اسر ويل اٿي حضرت شاهه محمود جيلاني جي درگاهه جي زيارت ڪري درگاهه جي ڀر واري مسجد ۾ نماز ادا ڪري اوطاري ۾ اچي ڪچهري ڪندو هو ، شام جي وقت محفل سماع به ٿيندي هئي جنهن ۾ مختلف ڳائڻا پنهنجي صوفياڻي رنگ ۾ ڪيترن برگزيده بزرگن جا ڪلام ڳائيندا هئا پاڻ به پنهنجو ڪلام محفل اظهار ڪندا هئا پاڻ هميشه سادو کائيندا هئا سادو پهريندا هئا منهن نماڻائيءَ جي سونهن تمام سرس هئي سندن نگاهن جو عالم هميشه جھڪيل ۽ نوڙت وارو هوندو هو پاڻ مريدن کي هميشه رب جي وحدانيت ۽ عظمت جي تلقين ڪندا هئا . سوئي عبد احد پاڻهي پير مريد ۽ خادم ، دست چڙهڻ دستور ايءُ ارشاد ٿيو عبرت جو . حضرت مصري شاهه امام رضوي پنهنجي سفر دوران جتي ويو يا رهيو هن اتي جي مانڊاڻ مان محبتن چاهتن جا ماڻڪ ميڙيا جن کي هن پنهنجي رچيل ڪلام ۾ چيو آهي پوءِ اهي رهاڻين جا انداز هجن قُوت جا نرالا نالا هجن يا ڏاهپ جا ڏس هجن سيد مصري شاهه جي چيلڪلام مان لڳي ٿو ته پاڻ سنڌيءَ کان سواءِ ٻيون ٻوليون به ڄاڻندا هئا جن ۾ فارسي سرائڪي هندي اردو وغيره به آهن سنن بنا نقطي وارين چيل ٻن يا ٽن ڪافين توڙي ڪلامن مان لڳي ٿو ته پاڻ راڳ ۽ سرن جا وڏا پارکو هئا سندن ڪافين کي اڄ به ڪو راڳ جو ڄاڻو ئي ڳائي سگھي ٿو جيئن ماڙيون ڀايان ماتام مولا ماروئڙن ري دل ماندي الا ورهه وهامي راتڙي جنهن کي استا منظور علي مرحوم ۽ استاد محمد يوسف مرحوم ڳائي ويا شايد ڪو اهڙو هجي جيڪو ان انداز ۾ ڳائي سگھي نه ته هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي حضرت مصري شاهه امام رضوي به سنڌ جي ٻين الهامي شاعرن پنهنجي ڌرتي يعني سنڌ کي دعا ڏيندي پٽيو اٿن انهن بلائن ۽ ازدهائن کي جيڪي سنڌ کي تڪليف ۾ وجھن ٿيون . ڪڍي پٽي پاڙون بلا هن ازدها آفات کي ، سنڌ ساريءَ مان ، مهابي مير محمد مصطفى . حضرت مصري شاهه امام رضوي اٽڪل 78 سالن جي ڄمار 5 صفرالمظفر 1335 هجري بمطابق 1906 ع جي رات هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري حقيقي دنيا جا رهواسي بڻيا سندن وصال جي ان تاريخ تي ميلو لڳندو آهي جنهن ۾ هند سنڌ کان مسلم ۽ غير مسلم عقيدت مند درگاهه تي اچي زيارت ڪري روحاني فيض حاصل ڪندا آهن . مينهن مندائتا مصري واهه ولهرين وٺا ، سرها سيني لايا ،مليا محب مٺا ، ڏيهه ڏنگو ڇا ڪندو سڄڻ هُونُ سَنوان ، اڄ ته عجيبن آڻي لايا نينهن نوان .
جواب: ڪافين جو بادشاھ حضرت مصري شاھ امام رضوي ادا بهترين مضمون آهي ڄاڻ سان ڀرپور ليک ونڊ ڪرڻ جي مهرباني مصري شاه جي ڪافي ۽ استاد محمد يوسف جو آواز هجي : http://www.youtube.com/watch?v=NrQTVu1X1bA