شيخ اياز جي شاعري، "ڀَونر ڀِري آڪاس" مان
اَلائي وري رات ايندي نه ايندي
اسان جي ملاقات ٿيندي نه ٿيندي
ڀلي ڏي نه ورندي، تمنا نه ويندي
پَئي دل اسان جي اوهان کي سڏيندي
بهار آيو آهي، اگر تون به آئين
گلن سان محبت به جھولي ڀريندي
سدا تنهنجو حسن و حيا ياد ايندو
وري دل نه ٻي ڪا به مکڙي پٽيندي
وري تنهنجي در تي "اياز" آيو آهي
سندس اک نه ٻي ڪا به چائٺ چميندي
اَلائي وري رات ايندي نه ايندي
اسان جي ملاقات ٿيندي نه ٿيندي
ڀلي ڏي نه ورندي، تمنا نه ويندي
پَئي دل اسان جي اوهان کي سڏيندي
بهار آيو آهي، اگر تون به آئين
گلن سان محبت به جھولي ڀريندي
سدا تنهنجو حسن و حيا ياد ايندو
وري دل نه ٻي ڪا به مکڙي پٽيندي
وري تنهنجي در تي "اياز" آيو آهي
سندس اک نه ٻي ڪا به چائٺ چميندي
